سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه 1991ع جي پاڻي معاهدي کي آئيني تحفظ ڏيڻ تي زور ڏيندي چيو آهي ته صوبائي حڪومت سنڌ جي حصي جي پاڻي تي ڪڏهن به سمجهوتو نه ڪندي.

ڪراچي (23 نومبر): سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه 1991ع جي پاڻي معاهدي کي آئيني تحفظ ڏيڻ تي زور ڏيندي چيو آهي ته صوبائي حڪومت سنڌ جي حصي جي پاڻي تي ڪڏهن به سمجهوتو نه ڪندي. پاڪستان پيپلز پارٽي 1991ع واري پاڻي جي حصي واري معاهدي کي آئيني تحفظ ڏيڻ جو مطالبو ڪري ٿي. هن اهڙن خيالن جو اظهار ٻارن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي نشان پاڪستان ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي هڪ سوال جي جواب ۾ ڪيو. وڏي وزير واضح چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي سنڌ جي پاڻي جي حقن تي ڪڏهن به سمجهوتو نه ڪندي. هن ڪالاباغ ڊيم بابت پارٽيءَ جي پراڻي مخالفت کي ورجايو جيڪو موقف شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي دور جو آهي جنهن گهوٽڪي ضلعي ۾ ڪمون شهيد تي تاريخي ڌرڻو هنيو هو. سنڌ جي نمائندي جي حيثيت سان پارٽي جي ڪردار تي ڳالهائيندي وڏي وزير چيو ته پيپلز پارٽي سنڌ جي حقيقي آواز آهي ۽ اسان سنڌ جي پاڻي جو هڪ ڦڙو به کسڻ نه ڏينداسين. سندس بيان صوبي جي پاڻي جي حقن لاءِ نقصانڪار سمجهيو ويندڙ منصوبن جي خلاف مسلسل مزاحمت جي نشاندهي ڪن ٿا. وڏي وزير 1991ع جي پاڻي معاهدي تي مڪمل عملدرآمد جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو ته سنڌ جي پاڻي جي حقن جي تحفظ لاءِ ان کي آئيني تحفظ ڏنو وڃي. هن صوبي ۾ پيپلز پارٽي جي اهم پوزيشن جو ذڪر ڪندي چيو ته ان وٽ سنڌ اسيمبلي ۾ ٻه ڀاڱي ٽي اڪثريت آهي ۽ اها صوبي جي 70 سيڪڙو آبادي جي نمائندگي ڪري ٿي. وڏي وزير چيو ته سنڌ جي عوام جو پيپلز پارٽي تي اعتماد آهي، اسان نه رڳو انهن جي خدمت ڪريون ٿا پر انهن جي حقن جو تحفظ پڻ ڪريون ٿا. هن پارٽي جي عزم کي ورجايو ته پاڻي جي منصفاڻي ورڇ کي يقيني بڻائيندي صوبي جي مفادن جو تحفظ ڪيو ويندو.
عبدالرشيد چنا
ميڊيا ڪنسلٽنٽ، وزيراعليٰ سنڌ

ڪراچي (23 نومبر): سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ٻارن جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي هڪ تقريب منعقد ڪئي جنهن ۾ ٻارن، والدين، ڪميونٽي اڳواڻن، اين جي اوز ۽ سرڪاري عملدارن کي گڏ ڪري آگاهي واڪ ڪئي وئي جنهن جو مقصد ٻارن جي حقن جي اهميت ۽ انهن جي تحفظ کي يقيني بڻائڻ جي گڏيل ذميواري تي زور ڏيڻ آهي. ٻارن جو عالمي ڏينهن هر سال 20 نومبر تي ملهايو ويندو آهي، هن ڏينهن کي ملهائڻ جو مقصد ٻارن جي حقن ۽ ڀلائي لاءِ بهتر انتظام ڪرڻ آهي. اڄوڪي ڏينهن جي اهميت کي ڄاڻائيندي سوشل ويلفيئر کاتي تحت سنڌ چائيلڊ پروٽيڪشن اٿارٽي سي وي وي ۾ ميڪڊونلڊز کان نشان پاڪستان تائين واڪ جو اهتمام ڪيو. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه مارچ جي اڳواڻي ڪئي جنهن ۾ ٻارن، والدين ۽ ڪميونٽي جي ميمبرن اڇي قميصن، ٽوپين، بينر ۽ پلي ڪارڊ هٿن ۾ کڻي شرڪت ڪئي جنهن تي ٻارن جي حقن ۽ تحفظ بابت پيغام لکيل هئا. اهو ٻارن لاءِ هڪ پليٽ فارم پڻ آهي ته جيئن ٻار کي بااختيار بڻائڻ ۾ ڪميونٽي جي شموليت کي هٿي وٺرائيندي سندن راين ۽ خدشن جو اظهار ڪيو وڃي. سنڌ ايمرجنسي ريسڪيو سروس 1122 ٻن ميڊيڪل ڪيمپن ذريعي شرڪت ڪندڙن کي طبي امداد ڏني جڏهن ته مضبوط سيڪيورٽي پلان ذريعي محفوظ ۽ پرامن ماحول پڻ قائم ڪيو ويو. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه تقريب کي خطاب ڪندي ٻارن جي حقن لاءِ پنهنجي حڪومت جي عزم کي ورجايو. هن چيو ته ٻار اسان جي سماج جو قيمتي اثاثو آهن ۽ انهن ۾ قوم جو مستقبل سنوارڻ جي صلاحيت آهي. وڏي وزير چيو ته مان پنهنجي حڪومت جي ٻارن جي پرورش، تحفظ ۽ بااختيار بڻائڻ لاءِ ڪوششون جاري رکڻ جو عزم ڪيان ٿو. هن چيو ته اسان گڏجي کين تشدد کان بچائڻو آهي، کين تعليم ۽ ترقي جا بهترين موقعا فراهم ڪري هڪ خوشحال سماج جو بنياد رکيو وڃي. گذريل پنجن سالن ۾ سنڌ چائيلڊ پروٽيڪشن اٿارٽي ڪاميابيءَ سان ٻارن جي تحفظ جا 6780 ڪيس حل ڪيا، 2604 گم ٿيل ٻارن کي سندن خاندانن سان ملايو، 220 ننڍي ڄمار جون شاديون روڪرائيون ۽ 287 اغوا ٿيل ٻارن کي بازياب ڪرايو. 24 ڪلاڪ چائلڊ پروٽيڪشن هيلپ لائن کي سڄي صوبي ۾ 168000 فون ڪالز آيون ۽ 30 آپريشنل چائلڊ پروٽيڪشن يونٽن سان گڏ ٻارن جي حفاظت ۽ ڀلائي کي يقيني بڻايو ويو آهي. سماجي ڀلائي واري صوبائي وزير طارق علي ٽالپر پنهنجي خطاب ۾ ٻارن جي تحفظ ۾ حڪومتي قدمن ۽ ڪاميابين تي روشني وڌي. ٻارن جو عالمي ڏينهن اسان کي ٻارن جي حوالي سان اسان جي ذميوارين، انهن جي حفاظت ۽ بهتر مستقبل بابت سيکاري ٿو. هن وڌيڪ چيو ته هن واڪ ۾ توهان سڀني جو زبردست سهڪار اسان جي اجتماعي عزم جو ثبوت آهي. سنڌ چائلڊ پروٽيڪشن اٿارٽي ۽ سوشل ويلفيئر ڊپارٽمينٽ ان حوالي سان اهم اڳڀرائي ڪئي آهي. سوشل ويلفيئر کاتي پاران سنڌ دارالاطفال سپروائيزيشن اينڊ مانيٽرنگ ايڪٽ پڻ لاڳو ڪري 40 خانگي يتيم خانا رجسٽرڊ ڪيا ويا آهن. ڪراچي، حيدرآباد ۽ سکر ۾ ٽن يتيم خانن کي فعال ڪيو وڃي ته جيئن ٻارن جي بحاليءَ لاءِ بهتر قدم کنيا وڃن ۽ منشيات ۾ مبتلا ٻارن کي به قومي ڌارا جو حصو بڻائي سگهجي. سنڌ چائلڊ پروٽيڪشن اٿارٽي ۽ سنڌ حڪومت سمورن اسٽيڪ هولڊرن کي اپيل ڪري ٿي ته هن نيڪ مقصد ۾ سهڪار ڪن ۽ هر ٻار جي حقن، تحفظ ۽ ڀلائي کي يقيني بڻائڻ لاءِ گڏيل سفر جاري رکن.
عبدالرشيد چنا
ميڊيا ڪنسلٽنٽ، وزيراعليٰ سنڌ

اپنا تبصرہ بھیجیں