
لاڙڪاڻو رپورٹ محمد عاشق پٹھان سنڌ جي ٻين شهرن جيان لاڙڪاڻي ۾ لاڙڪاڻو يونين آف جرنلسٽس ۽ لاڙڪاڻو پريس ڪلب طرفان سنڌو درياهه مٿان 6 ڪينال اڏڻ واري عمل خلاف دريائن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پريس ڪلب تي ڪارا جهنڊو چاڙهي ڪارو ڏينهن ملهائي قلم ڌڻين احتجاجي مظاهرو ڪري پريس ڪلب کان بيگم نصرت ڀٽو وومين لائبريري هال تائين ريلي ڪڍي ۽ ڌرڻو هنيو، جتي صحافين ،فوٽو گرافر، ڪيمرامينن هٿن ۾ پلي ڪارڊ کڻي “سنڌو درياءَ تي 6 ڪينال اڏڻ نامنظور” ۽ “سنڌ سڪائڻ بند ڪيو” جهڙا نعرا لکيل هڻي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. احتجاجي ريلي ۾ لاڙڪاڻو يونين آف جرنلسٽس جي صدر طارق دراني، لاڙڪاڻو پريس ڪلب جي جنرل سيڪريٽري نويد لاڙڪ، سینیئر صحافی عاشق پٹھان ڊاڪٽر
بدر شيخ، سلامت ابڙو، ياسين ابڙو، نادر ابڙو، علي گرماڻي ، عبدالحفيظ منگي، اعجاز ساريو ، شاهه محمد لاشاري،غلام شبير مغيري، سيد سفير شاهه، اڪرم عباسي، نادر مائري ، وسيم برڙو، وحيد لانگاهه، فوٽوگرافر، ڪئميرا مين وسيم ڀٽو، منير احمد پيرزادو ، محسن گل پٺاڻ،مسعود ابڙو، وسيم ڀٽو، مومن ڪنگو ، نويد سومرو، مبشر کوکر ، الطاف ولي کهاوڙ ، اخلاق قريشي، سدا حسين سانگي سميت صحافين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي احتجاجي ريلي جي اڳواڻي ڪندڙ لاڙڪاڻو يونين آف جرنلسٽس جي صدر طارق دراني ۽ لاڙڪاڻو پريس ڪلب جي جنرل سيڪريٽري نويد لاڙڪ سميت ٻين صحافين خطاب ڪندي چيو ته وفاقي حڪومت طرفان سنڌو درياهه تي ڇهه ڪينال جي تعمير واري منصوبي خلاف سڄي سنڌ سراپا احتجاج آهي، ڇو ته اهو سنڌ جي وجود جو مسئلو آهي۔ اسان ان فيصلي کي رد ڪريون ٿا ۽ وفاقي حڪومت کي خبردار ڪريون ٿا ته هو ڪنهن اهڙي منصوبي تي ڪم نه ڪري، جنهن تي ڪنهن به صوبي جي عوام کي اعتراض هجن۔ هنن وڌيڪ چيو ته جيستائين سنڌ جا غيرتمند عوام زنده آهن، تيستائين سنڌو درياهه تي ڪو به ڪينال تعمير ٿيڻ نه ڏينداسين۔


