ٺٽو ڊائري

رپورٽ علي گوهر قمبراڻي

ٺٽو:2 مهينا اڳ ٺٽي شھر جي آگر محلي ۾ ڪپڙا سُڪائيندي 11 ڪي وي لائين مان بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ سبب فوت ٿيل عورت رخسانه زال دلشاد احمد ميمڻ جو ڪيس حيسڪو ٺٽو جي ايڪسين، ايس ڊي او ۽ لائين سپرئينڊنٽ سميت چئن عملدارن خلاف داخل فوتڻ عورت جي پُٽ حَسنين دلشاد ميمڻ جي درخواست تي ايڊيشنل سيشن جج ٺٽو جي حڪم تي ٺٽي ٿاڻي تي قلم 322، 34 پي پي سي تحت حيسڪو عملدارن خلاف لاپرواهي ۽ غفلت جي الزامن تحت ڪيس داخل ڪيو ويو فريادي موجب 2 مهينا اڳ گهر جي ڇت تان بجلي جي مين 11 ڪي وي لائين جون تارون گذرڻ سبب منهنجي والده ڪپڙا سُڪائڻ دوران بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ سبب فوت ٿي وئي حيسڪو عملدارن بار بار شڪايتن جي باوجود بجلي جون تارون نه هٽايون مسلسل اسان حيسڪو ٺٽو جي ايڪسين طارق نديم، ايس ڊي او حيسڪو ٺٽو علي رضا، لائين سپرئينڊنٽ منور علي تارو ۽ اڳوڻي لائين سپرئينڊنٽ نور محمد شاھہ کي شڪايتون ڪيون جن بجلي جي تار هٽائڻ لاءِ 20 هزار روپيه وصول به ڪيا پر تارون نه هٽايون ويون فوتڻ عورت رخسانه جي پُٽ حسنين دلشاد ميمڻ ايف آءِ آر ۾ موقف اختيار ڪندي چيو ته حيسڪو عملدارن جي لاپرواهي ۽ غفلت سبب 15 ڊسمبر تي منهنجي والده ڪپڙا سڪائڻ دوران بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ سبب فوت ٿي وئي عدالتي حڪم تي ٺٽي ٿاڻي تي حيسڪو عملدارن خلاف ڪيس داخل ٿيڻ بعد حيسڪو انتظاميه ۾ ٿرٿلو مچي ويو آھي


ٺٽو:پوليس اسٽيشن جھمپير جي حد جھمپير ويجھو جھمپير/نوري آباد روڊ تي قائم شفيع محمد جاکري جي ھوٽل جا چولھا گزريل رات دير سان نامعلوم چورن ٽوڙي ان ۾ لڳل لوھي سريا ڪڍي فرار ٿي ويا، جنھن ڪري کيس نقصان پھتو آھي، ھوٽل مالڪ شفيع محمد جاکرو چيو تہ سندس روزگار جو اھو واحد وسيلو ھوٽل آھي، جنھن جي چلھن مان بہ نامعلوم چور قيمتي لوھ ڪڍي چلھا ڀڃي کيس وڏو نقصان پھچايو آھي، ھن گھر ڪئي تہ ساڻن انصاف ڪري چورن خلاف ڪاروائي ڪري کيس پھتل نقصان جو ازالو ڪرايو وڃي.

ٺٽو:ھڪ ھفتو اڳ ٺٽي شھر مان ٺٽي شھر واسي ڪرشن مل ديوان جي موٽر سائيڪل ڪي نامعلوم چور چوري ڪري ويا ھئا، جيڪا چوري ٿيل موٽر سائيڪل پوليس چوڪي ٺٽي جي انچارج شاھ رخ کونڀاٽي ڪوششون وٺي ھٿ ڪري مالڪن حوالي ڪري ڇڏي، پر چوري ڪندڙ چور گرفتار ٿي ناھن سگھيا، خبر ناھي تہ انھن کي ڪنھن جو آشير واد حاصل آھي جو ھو قانون جي پڪڙ ۾ نٿا اچن يا خود پوليس انھن جي پٺڀرائي پئي ڪري، جيڪي عوام کي ڦرڻ ۽ انھن کي نقصان پھچائڻ ۾ رڌل اھن.

ٺٽو:ڀارتي جیل ۾ وڏي عرصي کان قید پاڪستاني ماھیگیر ڇڇ جھان خان سان تعلق رکندڙ ماھيگير خادم حسین ولد عارب ٿھیمور ڀارتي جيل مان آزدي ماڻي پنھنجی وطن واپس پھچي ویو آھي، جنھن ڪري سندس وارثن ۾ خوشي جي لھر ڇانيل اھي، ياد رھي تہ وڏي تعداد ۾ پاڪستاني ماھيگير ھندستاني جيلن ۾ قيد ڪاٽي رھيا آھن، جن تي ڀارتي فورسز پاران ظلمن جا پھاڙ ڪيرايا ٿا وڃن، سنڌ ملاح فورم جي اڳواڻن ڏاڏا آدم گندرو، ۽ ٻين صدر پاڪستان ۽ وزير اعظم پاڪستان کان مطالبو ڪيو آھي تہ ھندستاني جيلن ۾ قيد سمورن ماھيگيرن کي مٽا سٽا تحت آزادي ڏياري سندن خاندانن کي بک بدحالي ۽ پريشاني کان ڀچايو وڃي. ھنن اخر ۾ سنڌو درياء تي اڏجندڙ سمورن ڪئنالن کي رد ڪندي فورن انھن کي ختم ڪري سنڌ کي پنھنجي حصي جو پاڻي مھيا ڪري ماھيگيرن جو روزگار بچائي انھن کي صحت، تعليم سميت سموريون بنيادي سھولتون ڏيارڻ جي پڻ گھر ڪئي آھي.

ٺٽو:2ڏينهن اڳ ٺٽي لڳ سي آئي اي پوليس پاران پيڇو ڪرڻ تي ڪلٽي ٿيڻ بعد تحويل ۾ ورتل جعلي سرڪاري نمبر پليٽ واري ريوو گاڏي ڪراچي جي ٽڪ ٽاڪر انس حنيف جي هجڻ جو انڪشاف، پوليس گاڏي مان منشيات برآمد ڪرڻ بعد ٽڪ ٽاڪر انس حنيف کي به ڪيس ۾ نامزد ڪري ڇڏيو. پوليس ذريعن موجب مذڪوره ٽڪ ٽاڪر جعلي پوليس جو نمبر پليٽ لڳل ساڳئي ريوو گاڏي سميت ڪراچي ۾ پڻ گرفتار ٿيو هو ٽڪ ٽاڪر انس حنيف جي ڊرائيور انس نادر کي بروقت گرفتار ڪيو ويو هو پوليس داخل ڪيل ايف آءِ آر ۾ ٽڪ ٽاڪر انس حنيف کي فرار ڄاڻايو جڏهن ته آءِ جي سنڌ پوليس جي سرڪاري نمبر پليٽ SPD-350 لڳل ريوو گاڏي مان سي آئي اي ٺٽو جي پوليس 19 سئو گرام چرس ۽ 7 سئو 40 ڪلو گٽڪي لاءِ استعمال ٿيندڙ چُورو برآمد ڪيو هو پوليس جاچ بعد انڪشاف ٿيو آھي ته مذڪوره گاڏي تي سنڌ پوليس جو جعلي نمبر پليٽ لڳايو ويو هو جيڪو اصل ناظم آباد ڪراچي جي رهواسي ٽڪ ٽاڪر انس حنيف جي والد محمد حنيف جي نالي رجسٽرڊ ٿيل آھي جنهن جو اصل نمبر CZ-3167 آھي گرفتار جوابدار انس نادر جو گذريل ڏينھن پوليس رمانڊ حاصل ڪري جاچ شروع ڪئي وئي جڏهن ته ابتدائي جاچ دوران مذڪوره ريوو گاڏي گذريل سال 2024ع ۾ پڻ ڪراچي جي گلستانِ جوهر ٿاڻي جي پوليس پاران سرڪاري پوليس جي جعلي نمبر پليٽ سميت پڪڙي وئي هئي ۽ ڄاڻايل ٽڪ ٽاڪر انس حنيف کي اُن وقت گرفتار به ڪيو ويو هو ڪراچي توڙي ڪراچي کان ٻين ضلعن ڏانهن غير قانوني سرگرمين ۾ مذڪوره ٽڪ ٽاڪر ۽ سندس گاڏي جي ملوث ھجڻ بابت اطلاعات کاتي جي صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ پريس ڪانفرنس ڪري سندس گرفتار هجڻ جو انڪشاف پڻ ڪيو هو ذريعن موجب ٽڪ ٽاڪر انس حنيف ضمانت تي آزاد ٿيڻ بعد ٻيهر مذڪوره گاڏي کي آزاد ڪرائي هڪ دفعو ٻيهر پوليس جي جعلي سرڪاري نمبر پليٽ لڳائي ڪراچي کان ٺٽي سجاول ۽ بدين جي علائقن ڏانهن منشيات چرس ۽ گٽڪو مٽيريل سپلائي ڪرڻ شروع ڪيو هو مذڪوره ٽڪ ٽاڪر جون سندس ٽڪ ٽاڪ آئيڊيز تي ڄاڻايل گاڏي تي جعلي سرڪاري نمبر پليٽ لڳل هجڻ ۽ سندس پاران پوليس جي وردي پهريل اهلڪارن جي پروٽوڪول ۾ وڍيوز ۽ فوٽوز پڻ اپلوڊ ٿيل آھن

اپنا تبصرہ بھیجیں