
ڪراچي (27 جون): سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه معذور ماڻهن (PWDs) لاءِ بااختيار ۽ جامع سماج جي قيام جي حڪومتي عزم کي ورجائيندي 40 ڪروڙ رپين جي مالي امداد جو اعلان ڪيو آهي. وزيراعليٰ هائوس ۾ معذور ماڻهن جي بهبود واري کاتي (DEPD) جي ميزباني هيٺ 40 ڪروڙ رپين جي چيڪ ورهائڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي وڏي وزير چيو ته پائيدار شراڪتون، مددگار ٽيڪنالاجين تائين رسائي، جامع تعليم، ۽ برابري جي بنياد تي روزگار جا موقعا صوبائي حڪومت جون اهم ترجيحون آهن. هن موقعي تي صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ، ناصر حسين شاهه، سعيد غني، رياض شاهه شيرازي، ضياءُ الحسن لنجار، حاجي علي حسن زرداري، شاهيد ٿهيم، محمد علي ملڪاڻي، سينيٽر وقار مهدي، خاص مددگار سيد قاسم نويد ۽ سرفراز راڄڙ، چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاهه، سيڪريٽري DEPD طه فاروقي، ٻين سيڪريٽرين ۽ معذور ماڻهن جي حقن تي ڪم ڪندڙ پارٽنر ادارن جي نمائندن به شرڪت ڪئي. وڏي وزير 56 پارٽنر تنظيمون جيڪي 40 ڪروڙ رپين جي امدادي پيڪيج ۾ شامل آهن انهن کي چيڪ ڏنا ۽ ٻڌايو ته اها رقم اڳ ۾ ئي انهن جي اڪائونٽن ۾ منتقل ٿي چڪي آهي. وڏي وزير چيو ته “جهڙوڪ وهيل چيئر، ھٿرادو عضون ۽ رابطي جا اوزار رڳو اوزار نه پر آزادي، عزت ۽ موقعن جي علامت آهن.” هن وڌيڪ چيو “اسان اهڙو سماج ٺاهي رهيا آهيون جتي ڪوبه پٺتي نه رهي.” ان موقعي تي خاص ٻارن پاران ٽيبلو پيش ڪيا ويا جن مان هڪ پاڪستان جي هٿياربند فوج کي ڀيٽا ڏيڻ وارو ٽيبلو پڻ شامل هو. انهن ٻارن جي ٺاهيل آرٽ ورڪ جنهن ۾ شهيد محترمه بينظير ڀٽو ۽ وڏي وزير جون تصويرون شامل هيون، اسٽيج تي لڳايون ويون ۽ پوءِ وڏي وزير کي تحفي طور پيش ڪيون ويون. مراد علي شاهه وڌيڪ ڪيترن ئي قدمن ۽ منصوبن جو اعلان ڪيو جن ۾ بجٽ ۾ اضافو پڻ شامل آهي. وڏي وزير چيو ته “DEPD جو ايندڙ مالي سال جو بجٽ 80 ڪروڙ رپيا مقرر ڪيو ويو آهي.” هن ٻڌايو ته غيرسرڪاري ادارن سان گڏجي 20 نوان مرڪز قائم ڪيا ويا آهن جڏهن ته 15 اڳ موجود مرڪزن جي گنجائش وڌائي وئي آهي ۽ 66 مرڪزن ۾ پڪ اينڊ ڊراپ سهولت لاءِ ٽرانسپورٽ سپورٽ ۾ به اضافو ڪيو ويو آهي. هن چيو ته 12 آٽزم سينٽر هن سال جي آخر تائين ڪم شروع ڪري ڇڏيندا جڏهن ته هر ضلعي ۾ گهٽ ۾ گهٽ هڪ مرڪز قائم ڪرڻ جو ارادو آهي. سي آرٽس بابت وڏي وزير ٻڌايو ته لاڙڪاڻي ۾ CRTS سينٽر هن سال شروع ڪيو ويندو جڏهن ته شهيد بينظير آباد سينٽر ۾ 25 ٻارن جو داخلا ٿي چڪو آهي، ۽ صدر آصف زرداري جي هدايت تي ميرپورخاص ۾ به هڪ نئون سينٽر قائم ڪيو ويندو. جامع تعليم بابت وڏي وزير چيو ته خاص ٻارن کي مين اسٽريم اسڪولن ۾ داخل ڪرائڻ لاءِ هڪ الڳ ڊائريڪٽوريٽ قائم ڪئي وئي آهي ۽ ان لاءِ خاص نصاب به تيار ڪيو ويو آهي. وڏي وزير ٻڌايو ته هي تقريب شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي نالي ڪئي وئي آهي جن “جمهوريت جي حفاظت لاءِ پنهنجي جان قربان ڪئي”. ھن هدايت ڪئي ته سڀني سرڪاري عمارتن ۾ وهيل چيئر ريمپ لازمي ٺاهيا وڃن ۽ ٻڌايو ته وزيراعليٰ هائوس هاڻي مڪمل طور تي وهيل چيئر دوست بڻايو ويو آهي. مراد علي شاهه چيو ته جيتوڻيڪ گهڻو ڪجهه ٿي چڪو آهي پر اڃا به گهڻو ڪجهه ڪرڻو آهي. هن پارٽنر ادارن جي ڪردار جي واکاڻ ڪندي چيو ته انهن جي گڏيل تعاون سان ئي ڊگهي عرصي واري تبديلي ممڪن آهي. آخر ۾ وڏي وزير چيو “شموليت، رسائي ۽ عزت ڪا مراعات نه پر حق آهن ۽ اسان پنهنجي پارٽنرن سان گڏجي وڌيڪ همدرد ۽ بهتر سماج ٺاهينداسين.”
عبدالرشيد چنا
ميڊيا ڪنسلٽنٽ، وزيراعليٰ سنڌ


