
موهن جو دڙو(رپورٽر)سنڌ جي قديم ماڳ موهن جو دڙو تي ٿائيلينڊ جو پرڏيهي وفد سنڌ جي قديم ماڳ موهن جي دڙي جو دورو ڪيو ٿائيلينڊ جو پرڏيهي وفد موهن جي دڙو جي مختلف ايرياز ڊي ڪي ايريا،ايڇ آر،اسٽوپا گريٽ باٿ، ميوزم ۽ ٻيا آثار گهمي ڏٺا.ان موقعي تي ٿائيلينڊ جي وفد جو چوڻ هو ته موهن جو دڙو عظيم ۽ قديم تهذيبي ورثو آهي هتان جا ماڻهو هزارين سالن کان تهذيب يافتا رهيا آهن ان جو اندازو هي شاندار تهذيب جا آثار ڏسي لڳائي سگهجي ٿو هنن چيو ته اسان جي خواهش ھئي ته موهن جو دڙو ضرور ڏسجي هنن چيو ته هتي اچي ڪري لطف اندوز ٿيا آھيون،پرڏيهي وفد کي موهن جو دڙي جو سنڌ ٽوئرزم جو گائيڊ ارشاد سولنگي موهن جي دڙي جي آثارن بابت تفصيلي بريفنگ ڏني.هوڏانهن سيڪيورٽي جا انتظام مڪمل ڪيا ويا هئا.
Load/Hide Comments


