
ٺٽو(رپورٽ: علي گوهر قمبراڻي) تاجر اتحاد ضلعي ٺٽي جي چونڊيل نئي باڊي جي عھديدار جي مان ۾ مشھور ڪاروباري شخصيت النور گروپ جي مالڪ عبدالبھائي آرائين ۽ ڪاڪا آرائين پاران آرائين ھائوس مڪلي تي افطار پارٽي منعقد ڪئي ويئي، جنھن ۾ تاجر اتحاد ضلعي ٺٽي جي صدر اشرف چنڊ ميمڻ، جنرل سيڪريٽري شاھد ممڀائی سميت تاجر اتحاد ضلعي ٺٽي جي سمورن عھديدارن، ٺٽي جي معزز شخصيتن ۽ واپارين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، ان موقعي تي ميزبان عبدالبھائي چيو تہ ٺٽي ۾ واپارين جي مالڪي ڪرڻ جي سخت ضرورت هئي، جيڪا ڪمي تاجر اتحاد ضلعي ٺٽي جي صدر اشرف چنڊ ميمڻ پوري ڪري واپارين تنظيم جو بنياد وجھي اھو خال پورو ڪري سڀني واپارين کي ھڪ پليٽ فارم تي گڏ ڪيو آھي، ھاڻي واپاري پنھنجو پاڻ کي اڪيلو نٿا سمجھن.
واپاري تنظيم جي بنياد سان مظلوم واپارين جي مالڪي ۽ حوصلا افزائي ٿي آھي، جنھن تي ھو جس لھڻي ٿو، ان موقعي تي خطاب ڪندي تاجر اتحاد ضلعي ٺٽي جي صدر اشرف چنڊ ميمڻ چيو تہ ھو سموري ٽيم سان گڏ ھر واپاري سان گڏ آھي ۽ ھاڻي ڪنھن بہ صورت ۾ واپارين سان ڪنھن بہ قسم جي ڪابہ ناانصافي برداشت نہ ڪنداسين. ھن چيو تہ ٺٽي جا واپاري پنھنجي بھتري توڙي جائز حقن جي حاصلات لاء پنھنجي جدوجهد کي جاري رکن، ڇاڪاڻ جو ملڪ جي ترقيءَ، فلاح و بھبود ۾ واپارين جو اھم ڪردار آھي، جيڪي ملڪ اندر ريڙھ جي ھڏي واري حيثيت رکن ٿا، جن کي سموريون گھربل سھولتون ملڻ گھرجن. تاجر اتحاد ضلعي ٺٽي جي صدر اشرف چنڊ ميمڻ وزير اعظم پاڪستان شھباز شريف کان مطالبو ڪيو تہ سنڌو دريا تي غير قانوني ڪئنال ٺاھڻ جو منصوبو فوري طور تي ختم ڪري واپارين مٿان لڳندڙ ناجائز ٽيڪس کي ختم ڪري واپارين کي جائز حق ڏنا وڃن. آخر ۾ تاجر اتحاد ضلعي ٺٽي جي صدر اشرف چنڊ ۽ ٻين عھديدارن پاران کين ھيڏو سارو مان ڏيڻ تي ميزبان عبدالبھائي آرائين ۽ ڪاڪا آرائين جو پڻ ٿورو مڃيو.


