هر روز سوين ماڻهن لاءِ افطار ۽ هر خميس تي سحري جو انتظام ڪيو پيو وڃي.

هر روز سوين ماڻهن لاءِ افطار ۽ هر خميس تي سحري جو انتظام ڪيو پيو وڃي.
ڪراچي : رپورٽ ايم ڊي عمراڻي
ڪراچي هر سال وانگر، ڪاشانه غوثيه ويلفيئر اينڊ غلامان اهل بيت ليسٽر، پهرين کان 30 رمضان تائين، سيده زهرا پاڪ آگره تاج مزار جي دسترخوان تي، سيد حاجي ياسين شاهه باوا ڪاظمي قادري چشتي مٽياري جي سرپرستي ۽ پير طريقت سيد عابدعلي شاهه، باوا ڪاظمي قادري چشتي جي مسند سيد سلطان شاهه باوا جي نگراني ۾، هر روز سوين ماڻهن لاءِ افطار ۽ هر خميس تي سحري جو انتظام ڪيو پيو وڃي. ۽ جلد ئي، هر سال وانگر، سفيد پوش، بيواهه ۽ غريبن کي عزت نفس سان سمجهوتو ڪرڻ کان سواءِ باوقار انداز ۾ راشن ٽوڪن ڏنا ويندا. اهو اظهار پير سيد حاجي ياسين شاهه باوا ڪاظمي قادري چشتي مٽياري مقامي صحافي محمد اشفاق چشتي سان ڳالهائيندي ڪيو. ان موقعي تي سيد ناصر شاهه باوا، سيد اصغر علي شاهه باوا، سيد حسنين شاهه باوا، سيد اشرف شاهه باوا، بلال سومرو، نوشاد سومرو، قادر باپو سميت شاگردن جو وڏو انگ پڻ موجود هو.

اپنا تبصرہ بھیجیں