عوامي جمهوري پارٽي جو مرڪزي ڪنوينشن 28 اپريل تي حيدرآباد ۾ ممتاز مرزا آڊيٽوريم ۾ ڪرائڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي.

پريس پڌرائي
31 مارچ 2024
حيدرآباد ( پ ر ) عوامي جمهوري پارٽي جو مرڪزي ڪنوينشن 28 اپريل تي حيدرآباد ۾ ممتاز مرزا آڊيٽوريم ۾ ڪرائڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي. تياري ڪاميٽي جو اهم اجلاس مرڪزي صدر ايڊووڪيٽ سيد لعل شاه جي صدارت هيٺ مرڪزي سيڪريٽريٽ ۾ ٿيو جنهن ۾ ضلعي حيدرآباد جي اليڪشن به ڪرائي وئي جنهن ۾ صدر جاويد ڀٽي. نائب صدر رحمت ڪنول آخوند. جنرل سيڪريٽري آزاد جوڻيجو.جوائنٽ سيڪريٽري نياز ڏيپر.خزانچي منصف لانگاه ۽ ميڊيا سيڪريٽري انور چنا کي چونڊيو ويو. تياري ڪاميٽي جي اجلاس ۾ مرڪزي اڳواڻن ادي نذير قريشي. حريف چانڊيو. ڊاڪٽر اسلم پرويز عمراڻي.نور نبي راهوجو.سراج سيال. ڊاڪٽر دين محمد.ڪليم ملڪ. شير چانڊيو. ادي نازيه ڀٽي.زينت چانڊيو ۽ ٻين شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ ڳالهائيندي مرڪزي صدر ايڊووڪيٽ سيد لعل شاه چيو ته اي جي پي سنڌ جو زمينون فوج حوالي ڪرڻ. قدرتي وسيلن جي مالڪي لاءِ جدوجهد جاري رکندي. هن چيو ته پريا ڪماري لاءِ اي جي پي جي تحريڪ جاري آهي ۽ سنڌ ۾ مظاهرن جو سلسلو جاري رهندو. ڇو جو سنڌ حڪومت ان معاملي ۾ مڪمل لاپرواهي جو مظاهرو ڪري رهي آهي. هن چيو ته 28 اپريل تي اي جي پي نئين قيادت چونڊيندي. هن چيو ته سنڌ حڪومت تعليم کي مڪمل طور تباه ڪيو آهي ڪاپي ڪلچر جي خاتمي لاءِ ڪو قدم ناهي کنيو جنهن سان سنڌ جو نوجوان تباه ٿي رهيو آهي

اپنا تبصرہ بھیجیں