
ٺٽو (رپورٽ: علي گوهر قمبراڻي)
ڪووڊ دوران نوڪريون ڪندڙ ملازمن پنھنجي تنظيم پاران نيشنل پريس ڪلب ٺٽي اڳيان احتجاج ڪيو ۽ سخت نعريبازي پڻ ڪئي. انھي موقعي تي مظاھري کي خطاب ڪندي ضلعي صدر شھباز ميمڻ، سينئر نائب صدر گلزار پنجواڻي، جنرل سيڪريٽري بجران شاھ، شاھ حسين شاھ، گلفام ھالو ۽ ٻين چيو تہ ڪووڊ ۾ پنھنجي جان خطري ۾ وجھي ٻين ماڻھن جي حفاظت ڪئي سون پر اسان کي پگھارون نہ ملي سگھيون ڪيترن ئي چونڊيل نمائندن جي درن ۽ آفيسرن اڳيان دانھون ڪيون آھن پر ڪو بہ اسان جي دردن جو درمان نہ ٿي سگھيو آھي انھن چيو تہ پگھارون اسان جو حق آھي ۽ اھو حق وڙھي بہ وٺنداسين انھن حڪومت ۽ صحت کاتي کي اپيل ڪئي تہ کين پگھارون ڏيئي کين پنھنجو حق ڏنو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وسيع ڪيو ويندو.
Load/Hide Comments


