شهر جي اھم شاهراهن سميت سڄي شهر ۾ کليل مين هولز کي فوري طور تي ڍڪ ۽ رنگ سليب لڳايا وڃن، سيوريج سسٽم کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ لاءِ هنگامي بنيادن تي قدم کنيا وڃن ڇاڪاڻ تہ شهرين کي بهترين سهولتون فراهم ڪرڻ ڪراچي واٽر اينڊ سيوريج ڪارپوريشن جي پھرين ترجيح ۾ شامل آهي،

پريس ريليز:-

ڪراچي:- ( ) شهر جي اھم شاهراهن سميت سڄي شهر ۾ کليل مين هولز کي فوري طور تي ڍڪ ۽ رنگ سليب لڳايا وڃن، سيوريج سسٽم کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ لاءِ هنگامي بنيادن تي قدم کنيا وڃن ڇاڪاڻ تہ شهرين کي بهترين سهولتون فراهم ڪرڻ ڪراچي واٽر اينڊ سيوريج ڪارپوريشن جي پھرين ترجيح ۾ شامل آهي، ڪم جي معيار تي ڪا بہ سوديبازي نہ ڪئي ويندي، جيڪڏهن ڪو ڪم صحيح نموني نہ ڪندو تہ سخت ڪارروائي ڪئي ويندي، مين هولز جا ڍڪ ۽ رنگ سليب يو سي چيئرمين جي نگراني ۾ لڳايا ويندا، اهڙن خيالن جو اظهار سي اي او ڪراچي واٽر اينڊ سيوريج ڪارپوريشن انجنيئر سيد صلاح الدين احمد پاران ايم ڊي سيڪريٽريٽ ڪارساز ۾ سيوريج بابت هڪ اعليٰ سطحي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو، اجلاس ۾ سي او او واٽر ڪارپوريشن انجنيئر اسدالله خان، چيف انجنيئر سيوريج آفتاب عالم چانڊيو، ايس او ٽو سي اي او ٽيڪنيڪل سيد عامر وقار سميت سمورن سپرنٽينڊنٽ ۽ ايگزيڪيوٽو انجنيئرن شرڪت ڪئي، ان موقعي تي سي اي او واٽر ڪارپوريشن سمورن آفيسرن کي حڪم جاري ڪندي چيو تہ شهر ۾ نيڪالي واري نظام کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ لاءِ هنگامي بنيادن تي قدم کنيا وڃن ڇاڪاڻ تہ ان سلسلي ۾ ڪنهن بہ قسم جي غفلت برداشت نہ ڪئي ويندي، هن چيو تہ ڪراچي واٽر اينڊ سيوريج ڪارپوريشن هڪ نئين عزم ۽ نئين سڃاڻپ سان شهرين جي خدمت لاءِ ڏينهن رات ڪوششون ڪري رهي آهي انڪري سمورن شهرين کي گهرجي تہ هوء مين هولز چوري جي روڪٿام لاء ڪراچي واٽر اينڊ سيوريج ڪارپوريشن جو ساٿ ڏين ڇاڪاڻ مين هولز جا ڍڪ چوري ڪرڻ يا انھن کي نقصان پھچائڻ هڪ جرم آهي، بحيثيت شھري ھئڻ جي ناطي اسان سڀني جي ذميواري آهي تہ مين هولز جا ڍڪ چوري ڪندڙ يا انھن کي نقصان پهچائڻ وارن کي روڪي کين پوليس حوالي ڪري ھڪ ذميوار شهري هجڻ جو ثبوت ڏيون ۽ شهر کي صاف رکڻ ۾ ڪراچي واٽر اينڊ سيوريج ڪارپوريشن جو ساٿ ڏيون.

جاري ڪندڙ:- عبدالقادر شيخ
پبلڪ ريليشنز آفيسر (پي-آر-او)
ڪراچي واٽر اينڊ سيوريج ڪارپوريشن

===============================

اپنا تبصرہ بھیجیں