ٺٽي ضلعي جي پوليس پاران ڏوهارين خلاف آپريشن وڌيڪ سخت، هاف فرائي جو سلسلو جاري، زخمي حالت ۾ گرفتار ٿيل ڏوھارين جو انگ وڏي 6 ٿي ويو، ڌار ڌار پوليس مقابلن ۾ ٻن ڦورن کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو،

ٺٽو(رپورٽ علي گوهر قمبراڻي)ٺٽي ضلعي جي پوليس پاران ڏوهارين خلاف آپريشن وڌيڪ سخت، هاف فرائي جو سلسلو جاري، زخمي حالت ۾ گرفتار ٿيل ڏوھارين جو انگ وڏي 6 ٿي ويو، ڌار ڌار پوليس مقابلن ۾ ٻن ڦورن کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو، جڏھن تہ ٻيا بہ ڪيترائي منشيات فروشن ڏوھاري گرفتار، ايس ايس پي ٺٽو ڊاڪٽر عمران خان پاران اسٽريٽ ڪرائيم کي روڪڻ لاء ٺٽي ضلعي جي پوليس سخت ايڪشن ۾ اچي وئي، ھڪ ئي وقت ٿورڙي وقت اندر ٺٽي ۽ گھارو لڳ مبينا پوليس مقابلن ۾ ٻن ڦورن کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو، ٺٽي لڳ درگاھ حضرت عبدالله شاھ اصحابي روڊ تي SHO ٺٽو اطھر چنہ جي اڳواڻي ۾ پوليس مقابلي ۾ عمر ولد مامون گندرو کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪري پوليس پھري ھيٺ کيس سول اسپتال مڪلي ۾ داخل ڪيو ويو اھي، ٻئي طرف گهارو لڳ ڪي ڊي اي روڊ تي پڻ پوليس مبينا مقابلي بعد هڪ جوابدار کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪري ورتو اھي، جنهن جي سڃاڻپ گھارو واسي اڪرم چانڊيو طور ڪئي ويئي اھي، پوليس موجب سندس ٻيا ساٿي فرار ٿي ويا اھن، پوليس موجب زخمي حالت ۾ گرفتار اڪرم چانڊيو منشيات، آئيس، ھيروئن جو وڏو ڊيلر ڏوھاري ھو، ٺٽي ضلعي جي پوليس ھڪ رات ۾ ٻن ڦورن کي هاف فرائي ڪرڻ سميت ٽن ڏينهن دوران ٺٽي ضلعي اندر اسٽريٽ ڪرائيم توڙي منشيات جي ڏوهن ۾ گهربل 6 جوابدارن کي هاف فرائي ڪيو ويو آھي. ٻئي طرف ٺٽو، ڌاٻيچي، ميرپور ساڪرو ۽ گھوڙاٻاري پوليس ڏوھارين ۽ منشيات فروشن خلاف مختلف ھنڌن تي ڪاروايون ڪندي ٽن گھٽڪہ مٽيرل سپلائير محمد جنيد ميمڻ، رضوان سومرو ۽ عمران سومرو کي گرفتار ڪرڻ سميت پنجن منشيات فروشن غلام مصطفيٰ، غلام حسين چانڊيو، شفيق عرف اشو خشڪ، شاھ حسين شاھ عرف ڊنگر شاھ، مٺو خاصخيلي کي گرفتار ڪري انھن جي قبضي مان 169 ڪلو چورو سوپاري، 650 پيڪيٽ گٽڪہ ماوا، ھڪ ڪرولا ڪار ھٿ ڪري منشيات فروشن وٽان 85 ٿيلھيون ڪچو شراب ھٿ ڪري مٿن ٺٽو، ڌاٻيچي، ميرپور ساڪرو ۽ گھوڙاٻاري ٿاڻن تي الڳ الڳ ڪيس داخل ڪري ورتا آھن، ٻئي طرف صحافين سان ڳالھائيندي SSP ٺٽو ڊاڪٽر عمران خان چيو آھي تہ عيد جي موقعي تي ٺٽي ضلعي اندر ڦر ڌاڙن ۽ چورين توڙي منشيات جي ڏوهن ۾ گهربل جوابدارن جي سرگرم ٿيڻ جي خدشي جي پيش نظر پوليس جون خصوصي ٽيمون جوڙي آپريشن تيز ڪري ڇڏيو آھي، ڦُر ۽ ڌاڙن جي ارادي سان پوليس مقابلن بعد ٺٽي ۽ گهاري ٿاڻن جي حدن ۾ ٻن ڏوهارين کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو اھي، مجموعي طور پوليس مقابلن ۾ زخمي حالت ۾ 6 ڦورو گرفتار ٿي چڪا، ايس ايس پي ٺٽو عمران خان چيو تہ
چند ڏينهن دوران ٺٽي ضلعي جي پوليس مختلف هنڌن تي ڇاپا هڻي ٺٽو مڪلي گجو گهارو ميرپور ساڪرو ڳاڙھو ۽ گهوڙاٻاري ٿاڻن جي حدن مان 2 درجن کان مٿي ڦر ڌاڙن ۽ منشيات جي ڏوهن ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو آھي وڌيڪ ڪاررواين جو سلسلو جاري آھي، ايس ايس پي ٺٽو ڊاڪٽر عمران خان چيو تہ ڏوهارين خلاف ڪامياب ڪاروايون ڪندڙ پوليس اهلڪارن کي انعام پڻ ڏنو ويندو.

اپنا تبصرہ بھیجیں