جنگشاهي لڳ زمين جي معاملي تان بااثر ڌرين پاران جهوپڙي ڊاهي 90 ورهين جي پيرسن عورت کَتوٻائي کي تشدد ڪري زخمي ڪرڻ وارو معاملو، عورت فوت، وارثن جون دانھون، انصاف جو مطالبو، ڪجھ مهينا اڳ زخمي ٿيل ٻڍڙي عورت کتوٻائي فوت ٿي وئي،

ٺٽو(رپورٽ: علي گوهر قمبراڻي) جنگشاهي لڳ زمين جي معاملي تان بااثر ڌرين پاران جهوپڙي ڊاهي 90 ورهين جي پيرسن عورت کَتوٻائي کي تشدد ڪري زخمي ڪرڻ وارو معاملو، عورت فوت، وارثن جون دانھون، انصاف جو مطالبو، ڪجھ مهينا اڳ زخمي ٿيل ٻڍڙي عورت کتوٻائي فوت ٿي وئي، سندس پُٽن ۽ ڏوهٽن جي شڪايتن باوجود پوليس ڪيس داخل نه ڪيو، ان سلسلي ۾ ارشاد جوکيو ٻڌايو تہ اسانجي ٻڍڙي ڏاڏِي کتوٻائي کي زمين جي تڪرار تان حاجي موسو ۽ نظر جوکيو وارن ڪاھ ڪري سندس جهوپڙي پَٽي 3 مهينا اڳ کيس تشدد ڪري زخمي ڪيو هو، جنھن سان ٿيل ناانصافي خلاف شڪايتون ڪرڻ باوجود ڪوبه داد فرياد نه ٿيو، ارشاد جوکيو وڌيڪ چيو تہ اسانجي ٻڍڙي ڏاڏي کتوٻائي مسلسل علاج ڪرڻ باوجود سندس طبيعت بگڙجندي وئي ۽ هوءَ نيٺ تڙپي تڙپي اڄ صبح فوت ٿي ويئي آھي،

پر بااثرن خلاف انتظاميه توڙي چڱن مڙسن ڪابه ڪارروائي ناھي ڪئي. ھن چيو تہ اهڙي قسم جا ناحق اسانجي ڪوهستان ۾ بااثر وڏيرن جي سرپرستي ۾ ٿي رهيا آھن، ڪوهستاني زمينون ڦٻائڻ لاء غريب ماڻھن کي مارڪٽ ڪري تشدد ڪرائي بي گهر ۽ بي زمين ڪيو وڃي ٿو، پر ڪير به ٻڌڻ وارو ناهي، ھن وس کي اپيل ڪئي تہ فورن نوٽيس وٺي ساڻن انصاف ڪيو وڃي، ٻئي صورت ۾ سخت احتجاج ڪرڻ سان گڏ انصاف لاء عدالت ۾ وينداسين.

اپنا تبصرہ بھیجیں