
ٺٽي جي ساحلي پٽي جي ملاح برادري طرفان ساحلي پٽيءَ جي سڄڻ واري انڊس ڊيلٽا واري ڳوٺ ناکو مراد پارھيڙي ملاح ۾ اميرالبحر پاڪستان جي چيئرمين علي مير ملاح کي آجياڻو ڏنو ويو،
ٺٽو(رپورٽ: علي گوهر قمبراڻي) ٺٽي جي ساحلي پٽي جي ملاح برادري طرفان ساحلي پٽيءَ جي سڄڻ واري انڊس ڊيلٽا واري ڳوٺ ناکو مراد پارھيڙي ملاح ۾ اميرالبحر پاڪستان جي چيئرمين علي مير ملاح کي آجياڻو ڏنو ويو، جنھن ۾ اميرالبحر جي اڳواڻن احمد ملاح، ضلعي ٺٽي جي صدر علي حسن پارهيڙي، پيرل پياسي ملاح، ۽ ٻين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، آيل مھمانن کي ناکو مراد پارهيڙي ملاح، شيدو ملاح، وڏيرو شيش گھن ۽ ٻين پاران لونگين ۽ اجرڪن جا تحفا پيش ڪيا. آجياڻي واري تقريب کي خطاب ڪندَي اميرالبحر جي چيئرمين علي مير ملاح چيو ته سنڌ ڌرتي شاھ لطيف جي ڌرتي آھي، اڄ انڊس ڊيلٽا تي رکيل پروگرام تي خوشيءَ جو اظهار ڪريون ٿا. ھن چيو تہ ملاح سنڌ جا اصل وارث آھن ۽ پاڻي جا بادشاھ آھن، جن کي ھردور ۾ نظر انداز ڪيو وڃي ٿو، علي مير ملاح چيو تہ اسان جي ماڻھن ھميشه پيپلزپارٽي کي ووٽ ڏيئي انھن جي اميدوارن کي وڏي اڪثريت سان ڪاميابي ڏياري اسيمبلين ۾ پھچائين ٿا، پر انھن کي پنھنجا بنيادي حق توڙي پيئڻ جي مٺي پاڻي سميت ڪابہ بنيادي سھولت ميسر ناھي، جيڪا ساڻن وڏي ناانصافي آھي، ھن چيو تہ ساحلي پٽيءَ جي ملاحن جو گذر سفر سمنڊ مان مڇي ماري ٻچن جو پيٽ گذر ڪرڻ تي آھي، پر جڏھن ڪو سمنڊ ۾ ملاحن سان واقعو پيش اچي ٿو تہ انھن جي ريسڪيو لاءِ ڪي به سهولتون ميسر ناهن ۽ نہ ئي ڪا سمنڊ اندر ڪا حدبندي ٿيل آھي، جنھن ڪري ھر واري تي انڊين فورسز پاڪستاني حد مان پاڪستاني ماھيگيرن کي گرفتار ڪري انڊيا جي جيلن ۾ قيد ڪيو وڃي ٿو، جتي ماھيگيرن جي ڪابہ مالڪي نٿي ڪئي وڃي، جيڪا ذميواري اسٽيٽ جي آھي، علي مير ملاح چيو تہ ھن تڪ جو ايم پي اي حاجي علي حسن زرداري آھي، جنھن ساحلي پٽيءَ جي ڳوٺن ۾ ترقياتي ڪمن جو ڄار وڇائي عوام کي پيئڻ جي پاڻي سميت سموريون سهولتون مھيا ڪيون آھن. ھن چيو آھي تہ فشريز کاتي جي صوبائي وزير محمد علي ملڪاڻي سان ملاقات ڪري ملاحن جا مسئلا حل ڪرايا ويندا. آجياڻي کي مرڪزي اڳواڻ احمد ملاح، علي حسن پارھيڙي، پيرل پياسي ملاح، ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو.


