سپريم ڪورٽ جي جج جسٽس مظاهر علي نقوي عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي

اسلام آباد: سپريم ڪورٽ جي جج جسٽس مظاهر علي نقوي عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي آهي

جسٽس مظاهر نقوي پنهنجي استعيفا صدر ڏانهن اماڻي ڇڏي، جسٽس مظاهر نقوي پنهنجي خلاف لڳايل الزام رد ڪري ڇڏيا

پنهنجي استعيفيٰ ۾ جج چيو آهي ته منهنجي لاءِ هاڻي جج طور ڪم جاري رکڻ ممڪن نه آهي

گذريل ڏينهن سپريم ڪورٽ جسٽس مظاهر نقوي جي پنهنجي خلاف سپريم جڊيشل ڪائونسل جي ڪارروائي روڪڻ جي درخواست رد ڪري ڇڏي هئي، جسٽس مظاهر نقوي پنهنجي خلاف جاري جڊيشل ڪائونسل جي ڪارروائي اوپن ڪرڻ جي استدعا به ڪئي هئي

جسٽس مظاهر علي نقوي پنهنجي جواب ۾ پاڻ مٿان لڳايل الزامن جي ترديد ڪندي چيو هو ته سپريم جوڊيشل ڪونسل جج خلاف معلومات وٺي سگهي ٿي پر ڪونسل جج خلاف ڪنهن جي شڪايت تي ڪارروائي نٿي ڪري سگهي

هي به پڙهندا

TAGSbreaking_news

https://www.youtube.com/watch?v=ak0DHASC

اپنا تبصرہ بھیجیں