حڪومت ۾ آياسين ته مهانگائي جو خاتمو آڻي عوام کي وڏو رليف ڏينداسين: نواز شريف

سيالڪوٽ: اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف چيو آهي ته جيڪڏهن اسان جي حڪومت هجي ها ته ملڪ ترقي يافته هجي ها، ماڻهو ماني لاءِ محتاج نه هجن ها، هن ڀيري حڪومت ۾ آياسين ته مهانگائي جو خاتمو آڻي عوام کي وڏو رليف ڏينداسين ۽ نوجوانن کي پنهنجن پيرن تي پڻ بيهارينداسين

سيالڪوٽ ۾ جلسي کي خطاب ڪندي نواز شريف چيو ته 8 فئبروري تي عوام پنهنجو مينڊيٽ اسان کي ڏي، اسان سندن اميدن تي پورو لهنداسين

شهباز شريف چيو آهي ته 8 فئبروري جو سج اسان جي پارٽي جي سوڀ جو سج بڻجي اڀرندو، مخالف چون ٿا ته ن ليگ لاهور کان ٻاهر نڪري جلسا نه پئي ڪري

هن چيو ته اڄ اسان سيالڪوٽ ۾ وڏو جلسو ڪري مخالفن جا ڏند کٽا ڪري ڇڏيا، سيالڪوٽ جو اڄوڪو جلسو گواهي ڏي ٿو ته 8 فئبروري تي مخالفن جي سياسي موت جو جنازو نڪرندو

https://www.youtube.com/watch?v=ak0DHASC

.

اپنا تبصرہ بھیجیں