
جناح سنڌ ميڊيڪل يونيورسٽي ۾ وائيس چانسلر پروفيسر امجد سراج ميمڻ جي صدارت هيٺ 30هين اڪيڊمڪ ڪائونسل جو اجلاس منعقد ٿيو، جنهن جو مقصد يونيورسٽي جي تعليمي پروگرامن جي بهتري، ادارن جي ترقي، ۽ علمي قدمن جو جائزو وٺڻ، مشاورت ڪرڻ ۽ منظوري ڏيڻ هو.
اجلاس جي نظامت انيٽومي شعبي جي سربراهه پروفيسر صدف حامد، انجام ڏني. اجلاس دوران ڪيترن ئي اهم تعليمي مامرن تي غور ڪيو ويو. انسٽيٽيوٽ آف فيملي ميڊيسن لاءِ بورڊ آف اسٽڊيز ۽ فيڪلٽي آف بيسڪ ميڊيڪل سائنسز لاءِ بورڊ آف فيڪلٽي جي ٻيهر جوڙجڪ جي منظوري ڏني وئي، جيڪا نون فيڪلٽي ميمبرن جي مقرري ۽ بدلين جي بنياد تي ڪئي وئي. انسٽيٽيوٽ آف فارماسيوٽيڪل سائنسز ۾ ايم فل ۽ پي ايڇ ڊي پروگرامن لاءِ جي آر اي ڪميٽي جي منظوري ڏني وئي، جڏهن ته ڊاڪٽر حميرا صديقي کي فارماڪالاجي شعبي ۽ ڊاڪٽر شهلا امام کي فارماڪوگنوسي شعبي جي سربراهي سونپي وئي.
سنڌ انسٽيٽيوٽ آف اورل هيلٿ سائنسز ۾ مختلف بورڊ آف اسٽڊيز جي نئين سر جوڙجڪ ۽ ٻارن جي ڏندن جي علاج لاءِ نئين شعبي جي قيام جي منظوري ڏني وئي. انسٽيٽيوٽ آف نرسنگ اينڊ مڊوائفري لاءِ پهرئين سال جي اسٽڊي گائيڊز کي نئين نصاب جي روشنيءَ ۾ منظور ڪيو ويو. ايپنا انسٽيٽيوٽ آف پبلڪ هيلٿ پاران بورڊ آف اسٽڊيز ۾ تجويز ڪيل ترميمن جي منظوري ڏني وئي، جن ۾ ڊاڪٽر صائمه عباد ۽ بي ايس پبلڪ هيلٿ پروگرام جي پروگرام ڊائريڪٽر جي شموليت شامل هئي، ڄاڻايل ترميمون اپريل 2025 کان لاڳو ٿينديون.
انسٽيٽيوٽ آف ميڊيڪل ايجوڪيشن ۾ علمي حوالي سان خاص اڳڀئراي سامهون آئي، جتي ڪائونسل ڊاڪٽر شفق فاطمه جي پي ايڇ ڊي (ايجوڪيشن) کي پي ايڇ ڊي اِن ميڊيڪل ايجوڪيشن جي برابر قرار ڏنو. ان کانسواءِ ايم ايڇ پي اي ۽ پي ايڇ ڊي پروگرامن ۾ تدريسي طريقيڪار، امتحاني نظام، ٿيسز جي نگراني ۽ جاچ جي طريقيڪار بابت تجويزن جي منظوري ڏني وئي. ان سان گڏوگڏ هائير ايجوڪيشن ڪميشن جي نئين هدايتن تحت پي ايڇ ڊي داخلا جي بحالي جي منظوري پڻ ڏني وئي.
اجلاس ۾ يونيورسٽي جي مختلف ادارن ۾ نون تعليمي پروگرامن جي به منظوري ڏني وئي. انسٽيٽيوٽ آف هيلٿ اينڊ بزنس مينيجمينٽ طرفان پروفيشنل سرٽيفڪيٽ ڪورسز منظور ڪيا ويا، جن ۾ هيلٿ ڪيئر ليڊرشپ، اسپتال انتظاميا، ڊجيٽل تبديلي، گرين چين ليڊرشپ، پائيدار لاجسٽڪس ۽ خريداري، ذهني صحت جي حڪمت عملي ۽ ادارتي ڪلچر جي تبديلي شامل آهن.
ايم بي بي ايس جي ٽئين ۽ چوٿين سال لاءِ امتحاني طريقيڪار، اندروني تشخيص جي معيار، ڪلينڪل امتحان، اسڪلز ليب ۾ فيڪلٽي جي لازمي تربيت، پوسٽ گريجوئيٽ ۽ هائوس آفيسر جي مقرري، بدلي ۽ ادائيگي جي باقاعدي نظام جي به منظوري ڏني وئي.


