ايم اين اي ميمبر اسٽينڊنگ ڪميٽي ڪميونيڪيشن ڊپارٽمينٽ سيد اياز علي شاهه شيرازي جي شڪايت تي نيشنل هاءِ وي اٿارٽي جي اسلام آباد جي عملدارن سيد اياز علي شاهه شيرازي سان گڏ ٺٽي کان ڪينجھر تائين مرمت ٿيل روڊ جي ڪم جو جائزو وٺي مختلف جڳهن تان روڊ جا سيمپل ورتا ويا،


ٺٽو(رپورٽ: علي گوهر قمبراڻي) ايم اين اي ميمبر اسٽينڊنگ ڪميٽي ڪميونيڪيشن ڊپارٽمينٽ سيد اياز علي شاهه شيرازي جي شڪايت تي نيشنل هاءِ وي اٿارٽي جي اسلام آباد جي عملدارن سيد اياز علي شاهه شيرازي سان گڏ ٺٽي کان ڪينجھر تائين مرمت ٿيل روڊ جي ڪم جو جائزو وٺي مختلف جڳهن تان روڊ جا سيمپل ورتا ويا، ان موقعي تي سيد اياز علي شاهه شيرازي عملدارن تي زور ڀريو ته ھو نيشنل هاءِ وي اٿارٽي جي معيار مطابق ڪم ڪري جن جڳھن تي

صحيح ڪم ٿيل نه آھي، انکي فورن صحيح طريقي سان ڪيو وڃي، ڇاڪاڻ ته ھن وقت روڊ تي ٽرئفڪ جو اضافي لوڊ ھئڻ سبب حادثا روز جو معمول بڻيل آھن، گڏجاڻي دوران عملدارن ٻڌايو ته ڳاڙھو کان ڪيٽي بندر روڊ جو ڪم پڻ شروع ڪيو ويو آهي، جڏھن ته نئين بارڻ جي نئين پل جو ڪم پڻ جون 2025 تائين شروع ٿي ويندو. ان موقعي تي نيشنل هاءِ وي اٿارٽي جي ايم اسلام آباد، جي ايم سنڌ سميت نيشنل هاءِ وي اٿارٽي جا ڊائريڪٽر پڻ موجود ھئا.

اپنا تبصرہ بھیجیں