
ٺٽو(رپورٽ: علي گوهر قمبراڻي)
سينيئر سياستدان پ پ ايم اين اي نواب يوسف ٽالپر جي لاڏاڻي تي خضدار جي اڳوڻي ايم اين اي ۽ بي اين پي بلوچستان جي مرڪزي ايگزيڪيوٽو ڪميٽي جي ميمبر قومپرست اڳواڻ مير عبدالرئوف مينگل گهري ڏک ۽ افسوس جو اظھار ڪندي سندس وارثن سان تعزيت جو اظھار ڪيو آھي ۽ چيو آھي ته نواب يوسف ٽالپر سان اسان بلوچ اڳواڻن جو گهرو ۽ ويجهو سياسي ۽ سماجي تعلق رهيو آھي جيڪو مون سان گڏ ايم اين اي رهڻ دوران سنڌ ۽ بلوچستان جي اشوز تي ڀرپور نموني سان پنهنجو ڪردار ادا ڪيو. جاري ڪيل هڪ بيان ۾ اڳوڻي ايم اين اي مير عبدالرئوف مينگل چيو آھي ته نواب يوسف ٽالپر انتهائي سينيئر سياستدانن مان هڪ هو جنھن جا بلوچستان جي سينيئر قومپرست اڳواڻ اڳوڻي وڏي وزير ۽ بي اين پي جي سربراھ سردار عطاءُ الله خان مينگل سان خانداني ۽ سياسي طور انتهائي ويجها لاڳاپا هئا هن چيو ته آمريت واري دور ۾ نواب يوسف ٽالپر بلوچ قومپرست اڳواڻ سردار عطاءُ الله مينگل سان گڏ جيل جون سختيون سهي جمهوريت جي بحالي لاء پنهنجو ڪردار ادا ڪندو رهيو ۽ ڪيترائي ڀيرا نواب يوسف ٽالپر سياسي حوالي سان سردار عطاءُ الله مينگل سان ملاقاتون به ڪيون. بلوچ قومپرست اڳواڻ اڳوڻي ايم اين اي مير عبدالرئوف مينگل چيو آھي ته سردار اسد الله مينگل تڏي تي پهچي نواب يوسف ٽالپر جي لاڏاڻي تي عذر خواهي ڪري چڪو آھي ۽ اسان بلوچ اڳواڻن کي سينيئر سياستدان اڳوڻي وفاقي وزير ايم اين اي نواب يوسف ٽالپر جي وڇوڙي تي دلي صدمو رسيو آھي سندس وارثن سان هن ڏک جي گهڙي ۾ گڏ آھيون.
Load/Hide Comments


