ٺٽي ويجھو ڇتوچنڊ شھر ۾ گذريل رات دير سان قمرالدين شيخ جي ھوٽل ۽ ٻن دڪاندارن انيس شيخ ۽ سائينڏنو شيخ جي دڪانن کي اوچتو باھ لڳي ويئي،

ٺٽو(رپورٽ: علي گوهر قمبراڻي) ٺٽي ويجھو ڇتوچنڊ شھر ۾ گذريل رات دير سان قمرالدين شيخ جي ھوٽل ۽ ٻن دڪاندارن انيس شيخ ۽ سائينڏنو شيخ جي دڪانن کي اوچتو باھ لڳي ويئي، اک ڇنڀ م باھ ھڪ ھوٽل سميت ٻن دڪانن کي ساڙي رک ڪري ڇڏيو، جنھن ڪري ھوٽل توڙي دڪانن ۾ رکيل لکين روپين جو سامان پڻ سڙي ويو اھي، جنھن ڪري دڪاندارن توڙي ھوٽل ھلائيندِرن کي وڏو نقصان پھتو آھي، جڏھن تہ باھ لڳڻ جو ڪارڻ معلوم ٿي ناھي سگھيو، باھ متاثر دڪاندارن توڙي ھوٽل وارن دانھيندي چيو تہ سندن روزگار جو اھو واحد وسيلو ھو، جيڪو سڙي ختم ٿي ويو اھي، ھنن وس وارن کي ٿيل نقصان جي ازالي ۾ مدد ڪرڻ جي اپيل ڪندي سندن دڪانن توڙي ھوٽل کي لڳل باھ جي جانچ ڪرائي کين پريشاني کان بچائڻ جي گھر ڪئي آھي.

اپنا تبصرہ بھیجیں