پريس فوٽوگرافر اينڊ ڪيمرامين ايسوسئيشن طرفان لاڙڪاڻو پريس ڪلب ۾ لاڙڪاڻي جي سينيئر صحافي، شاعر، اديب ۽ ڪوشش جي بيورو چيف عبدالقادر جاگيراڻي جي لاڏاڻو ڪري ويل نوجوان پٽ ۽ ڪي ٽي اين نيوز لاڙڪاڻو جي ڪيمرامين مشتاق احمد جاگيراڻي جي ياد ۾ تعزيتي ميڙاڪي جي تقريب ڪوٺائي وئي

لاڙڪاڻو (رپورٽ: محمد عاشق پٹھان) پريس فوٽوگرافر اينڊ ڪيمرامين ايسوسئيشن طرفان لاڙڪاڻو پريس ڪلب ۾ لاڙڪاڻي جي سينيئر صحافي، شاعر، اديب ۽ ڪوشش جي بيورو چيف عبدالقادر جاگيراڻي جي لاڏاڻو ڪري ويل نوجوان پٽ ۽ ڪي ٽي اين نيوز لاڙڪاڻو جي ڪيمرامين مشتاق احمد جاگيراڻي جي ياد ۾ تعزيتي ميڙاڪي جي تقريب ڪوٺائي وئي جنهن ۾ صبح جي وقت قرآن خواني ڪرائي مرحوم جي روح کي ايثال ثواب پهچائڻ لاءِ مغفرت جي لاءِ دعائون گهريون ويون. بعد ۾ مشتاق احمد جاگيراڻي کي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ پريس ڪلب جي هال ۾ لاڙڪاڻو پريس ڪلب جي صدر ظفر ابڙو جي صدارت هيٺ تعزيتي ميڙاڪو ڪوٺايو ويو. ان موقعي تي ظفر ابڙو ڳالهائيندي چيو ته مشتاق احمد جاگيراڻي جي اوچتي لاڏاڻو واري واقعي تي نه صرف سندس والد ۽ گهر ڀاتين کي صدمو رسيو آهي پر صحافي برادري ۽ مشتاق جي ويجهن دوستن توڙي ساٿين کي به گهرو صدمو رسيو آهي. هن چيو ته مشتاق احمد باشعور ۽ برجستو نوجوان هو جيڪو هر ڪنهن سان نوڙت ۽ پيار سان پيش ايندو هو، آخري رات به اسان هڪ پروگرام ۾ ڪافي وقت گڏ هئاسين سندس خودڪشي جي خبر ملڻ تي وڏو صدمو پهتو، اسان عبدالقادر جاگيراڻي ۽ ٻين وارثن سان ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهيون. هن چيو ته لاڙڪاڻو پريس ڪلب طرفان به تعزيتي ميڙاڪو ڪوٺايو ويندو جنهن ۾ صحافين، سول سوسائٽي جي اڳواڻن توڙي سندن والد، ڀائرن ۽ ويجهن دوستن کي گهرايو ويندو. ڪوشش جي بيورو چيف ۽ مرحوم مشتاق احمد جاگيراڻي جي والد عبدالقادر جاگيراڻي کي جڏهن ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ سڏايو ويو ته هو ان وقت پنهنجا لڙڪ روڪي نه سگهيو ۽ نه کيس ياد ڪري زارون قطار روئيندو ويٺو. بعد ۾ هن ڳالهائيندي چيو ته منهنجو پٽ مشتاق جاگيراڻي ڪنهن کان به ناراض يا ڏکارو نه هو ۽ نه ئي هو زندگي مان مايوس هو، واقعي جي ڪجهه ڪلاڪ کان اڳ اسان ٻئي ڪنهن پروگرام ۾ شرڪت ڪرڻ بعد گهر موٽيا هئاسين ان دوران سندس چهري تي ڪا به پريشاني نه هئي، اوچتو گهر اندر پسٽل کڻي آخري جملو ڳالهايو ته “مان پاڻ کي ماري ڇڏيندس” جنهن کان پوءِ مون سميت سڀني گهر ڀاتين کيس روڪڻ جي وڏي ڪوشش ڪئي، مان ان کي ڀاڪر هڻي گولي هلائڻ کان 20 منٽن تائين روڪيو ان دوران پسٽل مان ٻه فائر زمين تي لڳا جنهن ۾ منهنجو پٽ عليم جاگيراڻي ۽ گهر واري زخمي ٿي پيا بعد ۾ مشتاق هٿ ڇڏائي پاڻ مٿان فائر ڪيو، ان سڄي ڪشمڪش دوران اسان کانئنس پاڻ مارڻ جو ڪارڻ پڇندا رهياسي پر هن ڪو ڪارڻ نه ٻڌايو. هن چيو ته مشتاق احمد بي ايس سي پاس ان سان گڏ هن سول ۽ مڪينيڪل انجيئرنگ سميت ڪمپيوٽر ۾ ڊپلوما به ڪئي، هو هوشيار، لياقت ۽ قابليت وارو، هر ڪنهن کي قرب ۽ پيار ڏيندڙ نوجوان هو، سندس مهيني کان پوءِ شادي ٿيڻ واري هئي جنهن جون تياريون هلندڙ هيون، مشتاق منهنجي لاءِ سڀ ڪجهه هو جنهن کي وسارڻ انتهائي ڏکيو آهي. هن چيو ته مان سڀني دوستن جو ٿورائتو آهيان جن هن واقعي وقت منهنجو ڏک ونڊيو ۽ تعزيت لاءِ ڪهي آيا، هي تعزيت ميڙاڪو ڪرائڻ تي مان سمورن دوستن جو ٿورائتو آهيان. لاڙڪاڻو پريس ڪلب جي جنرل سيڪريٽري محمد عاشق پٺاڻ ڳالهائيندي چيو ته مشتاق احمد خوش مزاج ۽ هر وقت چهري تي مُرڪ سجائي رکندڙ نوجوان هو جنهن جي فوت ٿيڻ واري واقعي دل ۾ سور ڪري ڇڏيو آهي جنهن کي اسين ڪڏهن به وساري نه سگهنداسين. پريس فوٽوگرافر اينڊ ڪيمرامين ايسوسئيشن جي صدر نديم اختر سومرو چيو ته مشتاق مون کي ننڍي ڀاءُ جيان پيارو هو جيڪو هميشه سچائي ۽ سچائي سان پنهنجو ڪم ڪندو هو، هو اسان جي يونين جو ورڪنگ ڪاميٽي جو ميمبر به هو، سندس ياد ۾ هي تعزيتي ميڙاڪو ڪوٺائي ڀيٽا پيش ڪري رهيا آهيون جنهن جي وڇوڙي جو صدمو هميشه رهندو. لاڙڪاڻو پريس ڪلب جي خزانچي ۽ ڪي ٽي اين نيوز جي رپورٽر محمد حنيف سهاڳ چيو ته مشتاق احمد ۽ مان ڪي ٽي اين نيوز ۾ ڪافي عرصو گڏجي ڪم ڪيو، سندس اوچتو وڇوڙو اسان سڀني جي لاءِ وڏو گهاءُ آهي، هو ڪميٽيڊ فوٽو جرنلسٽ هو، گرمي توڙي سردي يا ڏينهن رات جي پرواهه نه ڪندي پنهنجو ڪم ڪندو هو، مشتاق واقعي مشتاق هو، مشتاق اسان کان وڇڙيو آهي پر وسريو ناهي. سينيئر صحافي ڊاڪٽر بدر شيخ چيو ته مشتاق جاگيراڻي سخت محنت ڪري نيوز چئنل جي ڪيمرامين طور پاڻ ملهايو، هو سلڇڻو انسان هو. مرٽضيٰ ڪلهوڙو چيو ته مشتاق احمد جي فوت ٿيڻ جي خبر ملڻ تي منهنجي روح مان رَڙ نڪتي، هي اسان لاءِ تمام وڏو واقعو آهي جنهن تڪليف مان نڪرڻ لاءِ شايد سندس گهر ڀاتين کي ڪيترو ئي وقت لڳي. هن چيو ته مشتاق محنتي ڪيمرامين هجڻ سان گڏ سماجي ڪمن ڪرڻ ۾ پڻ اڳڀرو هو سندس جو خال ڀرجڻ انتهائي مشڪل آهي. نويد لاڙڪ چيو ته مشتاق احمد جي وڇوڙي جو صدمو اسان کي سڄي عمر رهندو. صحافي ادريس بلوچ چيو ته واقعي کان ڪجهه ڪلاڪ اڳ لاڙڪاڻو پريس ڪلب ۾ منهنجي سالگرهه ملهائي وئي جتي مشتاق احمد پڻ شرڪت ڪئي، هو ان وقت مون کي پريشان ۽ گهري سوچ ۾ مبتلا نظر آيو، مشتاق کي ڪوريج ڪرڻ جو وڏو ڏانءُ ۽ هو پروفيشنل ڪيمرامين هو. ان موقعي تي اڪبر آزاد هيسباڻي، وسيم احمد ڀٽو، اسلم راجپوت ۽ ٻين پڻ خطاب ڪري مشتاق کي ڀيٽا پيش ڪئي. تعزيتي ميڙاڪي ۾ مرحوم مشتاق جاگيراڻي جي ڀائرن وسيم قادر جاگيراڻي، عليم قادر جاگيراڻي، ممتاز جاگيراڻي، آصف علي نوناري، سينيئر صحافين عبدالحفيظ منگي، ايم يونس ڏيٿو، سلامت ابڙو، پريس فوٽوگرافر اينڊ ڪيمرامين ايسوسئيشن جي نائب صدر مسعود احمد ابڙو، جنرل سيڪريٽري وسيم احمد ڀٽو، خزانچي علي گل ڏيٿو، ذيشان کوکر، نويد سومرو، جاويد جنجوٽه، محسن گل پٺاڻ، اسلم راجپوت، منور ڀٽو، جاني سومرو، الطاف ولي، منير پيرزادو، عرفان عباسي، علي نواز منگي، نصير کهاوڙ سميت ٻين صحافين، فوٽوگرافرن ۽ ڪيمرامينن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. تعزيتي ميڙاڪي بعد خيرات جي ماني پڻ ورهائي وئي.
========================

اپنا تبصرہ بھیجیں