مڪاني ادارن واري وزير سنڌ سعيد غني چيو آهي ته ملير ڊولپمينٽ اٿارٽي تحت عوامي مفاد جي جاري منصوبن کي جلد کان جلد مڪمل ڪرڻ لاءِ ڀرپور ڪوششون ڪيون پيون وڃن. پيپلز پارٽي جي سنڌ حڪومت پارٽي جي منشور تي عمل ڪري رهي آهي

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) مڪاني ادارن واري وزير سنڌ سعيد غني چيو آهي ته ملير ڊولپمينٽ اٿارٽي تحت عوامي مفاد جي جاري منصوبن کي جلد کان جلد مڪمل ڪرڻ لاءِ ڀرپور ڪوششون ڪيون پيون وڃن. پيپلز پارٽي جي سنڌ حڪومت پارٽي جي منشور تي عمل ڪري رهي آهي ۽ اسان چاهيون ٿا ته عوام وٽ پنهنجي ڇت هجي. اهڙن خيالن جو اظهار هن سومر ڏينهن پنهنجي آفيس ۾ ملير ڊولپمينٽ اٿارٽي جي اهم اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ ڊي جي ايم ڊي اي نجم الدين سهتو، پروجيڪٽ ڊائريڪٽر محمد لئق احمد، سپرنٽينڊنٽ انجنيئر شيراز ميراني، ڊائريڪٽر لينڊ مينيجمينٽ فاروق بگٽي، ڊائريڪٽر فنانس وقاص سومرو ۽ ٻيا پڻ موجود هئا. اجلاس ۾ صوبائي وزير سعيد غني کي ملير ڊولپمينٽ اٿارٽي تحت هلندڙ ترقياتي منصوبن بابت تفصيلي بريفنگ ڏني وئي ۽ صوبائي وزير کي ايم ڊي اي تحت ٽن منصوبن تي هلندڙ ترقياتي ڪمن ۾ پيش ايندڙ مشڪلاتن کان به آگاهه ڪيو ويو. ان موقعي تي سعيد غني چيو ته اسان جي ڀرپور ڪوشش هوندي ته عوامي مفاد جي جاري منصوبن کي جلد کان جلد مڪمل ڪيو وڃي. ايم ڊي اي تحت منصوبن ۾ ڪنهن به رڪاوٽ کي دور ڪرڻ لاءِ رپورٽ تيار ڪئي وڃي ته جيئن انهن کي درست ڪري سگهجي. هن چيو ته عوامي مفاد جي رهائشي اسڪيمن کي فوري طور تي مڪمل ڪيو وڃي. سعيد غني چيو ته پيپلز پارٽي جي سنڌ حڪومت پارٽي جي منشور تي عمل ڪري رهي آهي، اسان چاهيون ٿا ته عوام کي پنهنجي ڇت هجي.

===========================

اپنا تبصرہ بھیجیں