
ڪراچيءَ جو سونھري ماضي: تصويرون ۽ تاريخ (1880–1960)
ڪراچيءَ جو سونھري ماضي: تصويرون ۽ تاريخ (1880–1960)
ڪراچي، جيڪو اڄ پاڪستان جو سڀ کان وڏو شهر آهي، هڪ دفعو مڇي ماريندڙن جو ننڍڙو ڳوٺ هو. برطانوي دور ۾ هن شهر کي جديد بنيادن تي استوار ڪيو ويو، جنهن کانپوءِ ڪراچي دنيا جي بهترين بندرگاهه شهرن ۾ شمار ٿيڻ لڳو.
1946 جي هڪ تصوير ۾ ڪراچيءَ جي هڪ خوبصورت گهٽي نظر اچي ٿي، جتي گهوڙا گاڏين جو راڄ هو. 1910 جي بندر روڊ تي ماڻهو پيادرو سفر کي ترجيح ڏيندا هئا، جڏهن ته گهٽي ڪناري ڪو ڏند ڪڍائيندو هو، ڪو نائي سان وڍايو ويندو هو ۽ ڪو نجوميءَ کان پنهنجي قسمت بابت پڇي رهيو هو.
انهي دور ۾ ڪراچيءَ جي گهٽين تي ڊبل ڊيڪر بسون به هلنديون هيون. شهر جي هر ڪنڊ ۾ صفائي ۽ امن هو. پر وقت سان گڏ هي شهر بدلجي ويو. ٻاهرين ماڻهن جي اچڻ سان آبادي وڌي وئي ۽ شهر ۾ ڀيڙ، ٽريفڪ جا مسئلا ۽ ٻيا ڏک پيدا ٿيڻ لڳا.
1920 جي ڏهاڪي جي منهوڙي جي تصوير ۾ لائٽ هائوس ۽ سينٽ پال چرچ ڏسڻ ۾ اچي ٿو، جيڪي اڄ به موجود آهن. 1950 جي ڏهاڪي ۾ ڪراچيءَ جي گهٽين تي ٽرام هلندي هئي، جيڪا 1975 تائين شهرين جي سوار


