جپان کان 14 ڄڻن تي مشتمل پرڏيهي سياحن جي وفد جپاني گائيڊ فيصل شاهہ جي اڳواڻي ۾ سنڌ جي عظيم ماڳ موهن جو دڙو پهتو

موهن جو محمد عاشق پٹھان جپان کان 14 ڄڻن تي مشتمل پرڏيهي سياحن جي وفد جپاني گائيڊ فيصل شاهہ جي اڳواڻي ۾ سنڌ جي عظيم ماڳ موهن جو دڙو پهتو.پرڏيهي وفد ماڳ جي پرڪشش نشان اسٽوپا، گريٽ باٿ، ڊي ڪي ايريا، ايس ڊي ايريا. ميوزيم ۽ ٻيا تهذيبي ۽ تاريخي آثار گهمي ڏٺا. پرڏيهين جي آمد وقت سيڪورٽي جا انتظام سخت ڪيا ويا هئا. ان موقعي تي موهن جو دڙو تي سنڌ ٽوئرزم جي گائيڊ ارشاد سولنگي ماڳ بابت پرڏيهين کي آگاهي ڏني. جپان کان آيل وفد قديم تهذيب بابت پنهنجي خيالن جو اظهار ڪندي چيو تہ موهن جو دڙو جي 5 هزار سال پراڻي تهذيب اوائلي دور جي شاهوڪار تهذيب هئي. هنن چيو تہ قديم زماني ۾ موهن جي دڙي جي ماڻهن جنهن نموني سان شهر اڏيو ان مان سندن شاهڪار ڪاريگري جو انمول مثال ملي ٿو.ڇاڪاڻ تہ تاريخ ۾ ايڏي ذهانت ۽ وڏي رٿابندي سان گهر ٺاهڻ وڏي جوکم جي ڪم کان گهٽ نہ هو. جپاني سياحن سنڌ جي مهمان نوازي جي بہ واکاڻ ڪئي.

اپنا تبصرہ بھیجیں