
ٺٽو(رپورٽ علي گوهر قمبراڻي) وين ٽرانسپورٽ وين سروس ضلعي ٺٽي جي صدر شاھجھان بروھي ٺٽي ۾ صحافين سان ڳالھائيندي سنڌو درياء تي اڏجندڙ 6 ڪئنالن کي رد ڪندي چيو آھي تہ سنڌو درياء تي ڪوبہ ڪئنال منظور ناھي، اھي ڪئنال سنڌ جي وجود لاء انتھائي ھاڃيڪار ۽ خطرناڪ آھن، جن کي سنڌ جو عوام اڳ ئي رد ڪري چڪو آھي، اسان بہ ان منصوبي کي رد ڪريون ٿا، وين ٽرانسپورٽ، وين سروس ضلعي ٺٽي جي صدر شاھجھان بروھي وڌيڪ چيو تہ سنڌ کي اڳ ئي 1991 پاڻي ٺاھ تحت پنھنجي حصي جو پاڻي نٿو ملي، مٿان وري ڪالا باغ ڊئم کان بہ خطرناڪ منصوبو سنڌو درياء تي 6 ڪئنالن (ڪارن ناگن) جي صورت ۾ آڻي سنڌ کي بنجر بنائڻ جي سازش سٽي ويئي آھي، جيڪو منصوبو سنڌ جي وجود لاء انتھائي خطرناڪ آھي، شاھجھان بروھي چيو تہ سنڌو درياء اڳ ئي سڪو پيو آھي، جنھن مان واري پئي اڏامي جنھن ڪري سمنڊ جو پاڻي اڳتي وڌي لکين ايڪڙ زرخيز زمين ڳڙڪائي ويو اھي، ان ڪري اسان گھر ٿا ڪريون تہ فورن سنڌو درياء تي اڏجندڙ 6 ڪئنالن واري منصوبي کي فورن ختم ڪري سنڌ کي پنھنجي حصي جو پاڻي مھيا ڪري سنڌ کي وڌيڪ تباھي ۽ بربادي کان بچايو وڃي، ٻئي طرف ايس ٽي پي ضلعي ٺٽي جي اڳواڻن ناٿو خان بروھي، راجو قريشي، جميل سمون، جمال تارو، عثمان ھنڱورو، لياقت عباسي ۽ ٻين پاران وين ٽرانسپورٽ، وين سروس ضلعي ٺٽي جي صدر شاھجھان بروھي سان ملاقات ڪئي، جتي پڻ شاھجھان بروھي پاران سنڌو درياء تي اڏجندڙ 6 ڪئنالن کي رد ڪندي چيو تہ کين ڪوبہ سنڌو درياء تي ڪئنال قبول ناھي، ان موقعي تي عبدالطيف بروھي پاران ملڪ جي سلامتي، خوشحالي، امن امان لاء خصوصي دعائون گھريون ويون.



