سنڌ جي مڪاني ادارن واري وزير سعيد غني چيو آهي ته تعليمي ادارن ۾ غير نصابي سرگرميون خاص ڪري راندين جون سرگرميون به تمام ضروري آهن. سنڌ حڪومت جو تعليم کاتو، ٽائون تحت اسڪول ۽ اسپورٽس کاتو مختلف تعليمي ادارن ۾ اهڙيون سرگرميون ڪري رهيا آهن.

ڪراچي (بيورو رپورٽ) سنڌ جي مڪاني ادارن واري وزير سعيد غني چيو آهي ته تعليمي ادارن ۾ غير نصابي سرگرميون خاص ڪري راندين جون سرگرميون به تمام ضروري آهن. سنڌ حڪومت جو تعليم کاتو، ٽائون تحت اسڪول ۽ اسپورٽس کاتو مختلف تعليمي ادارن ۾ اهڙيون سرگرميون ڪري رهيا آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڇنڇر ڏينهن عائشه باواڻي اڪيڊمي ۾ سالياني اسپورٽس ڊي جي تقريب کي مهمان خاص طور خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي ڊائريڪٽر ايڊمن امداد شاهه، ڊائريڪٽر اڪيڊمي معتصم، پرنسپال اسڪول شاهده الياس، ميڊم فوزيه ۽ ٻين پڻ صوبائي وزير جو استقبال ڪيو ۽ کيس گلدستو پيش ڪيو، ان موقعي تي پيپلز پارٽي ڪراچي جو ڊپٽي جنرل سيڪريٽري ذوالفقار قائمخاني ۽ ٻيا پڻ ساڻس گڏ هئا. ان موقعي تي سعيد غني چيو ته تعليمي ادارن ۾ غير نصابي سرگرميون خاص ڪري راندين جون سرگرميون به تمام ضروري آهن. اڄ عائشه اڪيڊمي ۾ اچي مون کي ڏاڍي خوشي ٿي آهي ڇو ته مون پنهنجي پرائمري تعليم هن اسڪول مان حاصل ڪئي. سعيد غني چيو ته اڄ جنهن انداز ۾ شاگردن پنهنجي راندين تحت ڏيکاريون آهن اهو ساراهه جوڳو عمل آهي. هن چيو ته جسماني سرگرمين ذريعي اسان ٻارن کي تعليم ۽ صحت ٻنهي سرگرمين ۾ مضبوط بڻائي سگهون ٿا. سعيد غني وڌيڪ چيو ته سنڌ حڪومت جو تعليم کاتو، ٽائون تحت اسڪول ۽ اسپورٽس کاتو مختلف تعليمي ادارن ۾ اهڙيون سرگرميون ڪري رهيا آهن. مان عائشه باواڻي اڪيڊمي جي انتظاميه خاص ڪري اسڪول انتظاميا ۽ استادن کي هن شاندار اسپورٽس گالا جي منعقد ڪرائڻ تي مبارڪباد پيش ڪريان ٿو. بعد ۾ صوبائي وزير کي اسڪول انتظاميه طرفان شيلڊ، سنڌ جي روايتي اجرڪ ۽ سنڌي ٽوپي پڻ پيش ڪئي وئي. جڏهن ته صوبائي وزير راندين جي مقابلن ۾ نمايان پوزيشنون حاصل ڪندڙ شاگردن کي ميڊل ۽ شيلڊون ڏنيون. ان موقعي تي شاگردن ڪيمپس ۾ صوبائي وزير کي الڳ الڳ گارڊ آف آنر پڻ پيش ڪيو.

اپنا تبصرہ بھیجیں