
ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)
صوبائي وزير محنت، افرادي قوت ۽ سماجي تحفظ سنڌ سعيد غني چيو آهي ته عورتن کي ڊيجيٽل اوزارن، مالي بيداري ۽ اعتماد سان ليس ڪرڻ سان نه رڳو انهن کي افرادي قوت ۾ شامل ٿيڻ ۾ مدد ملندي پر اهي پنهنجي گھريلو وسيلن کي وڌيڪ موثر نموني منظم ڪري سگهنديون ۽ خانداني استحڪام ۾ اضافو ٿيندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن مقامي هوٽل ۾ منعقده تقريب دوران ڪيو، جتي ڊيجيٽل ۽ مالي خواندگي تربيت پروگرام (DFLT) جو باقاعدي آغاز ڪيو ويو. تقريب ۾ يورپي يونين جي وفد ۾ تعاون جي سربراهه جيـروئن وليمز، يورپي يونين جي فرسٽ سيڪريٽري مريم ال هاروچي، ايس ڊي پي آءِ جي ايگزيڪٽو ڊائريڪٽر ڊاڪٽر عابد قيوم سِليري، ايس ايس پي اي جي سي اي او ارشاد علي سودهر، ۽ جي آءِ زڊ ۾ ايڊاپٽو سوشل پروٽيڪشن جي سربراهه جوھانا نوئيس سميت ٻين شرڪت ڪئي ۽ خطاب ڪيو. سعيد غني چيو ته سنڌ سوشل پروٽيڪشن اٿارٽي (SSPA) پاران شروع ڪيل هي DFLT پروگرام يورپي يونين ۽ جرمن حڪومت جي حمايت سان ۽ جي آءِ زڊ جي ذريعي، جڏهن ته ايس ڊي پي آءِ جي تعاون سان عمل ۾ آندو ويو آهي، جنهن جو مقصد سنڌ جي عورتن کي ڊيجيٽل پليٽ فارمن ۽ مالي خدمتن جي استعمال جي صلاحيت ۾ اضافو ڪرڻ آهي. هن چيو ته پروگرام جو مرڪزي مقصد عورتن جي سماجي تحفظ تائين رسائي کي مضبوط بڻائڻ ۽ انهن کي اعتماد سان مالي ۽ ڊيجيٽل سهولتن جي استعمال جو قابل بڻائڻ آهي. صوبائي وزير موجب، سنڌ جي عورتن کي عملي ڊيجيٽل مهارتن، محفوظ لين دين جي سگهه ۽ مالي ڄاڻ سان ليس ڪرڻ سان صوبائي سطح تي شموليت، جوابدهي ۽ معاشي بااختياري وڌندي. سعيد غني چيو ته هي پروگرام پاڪستان پيپلز پارٽي جي وسيع تر سماجي تحفظ واري وژن سان ٺهڪي اچي ٿو، جنهن جو مقصد ماڻهن کي رڳو جيئڻ نه پر بااختيار بڻائي خوشحال ڪرڻ آهي. هن وڌيڪ چيو ته سماجي تحفظ ۽ مزدورن کي بااختيار ڪرڻ “هڪ ئي سِڪي جا ٻه پاسا آهن، جڏهن ته ڊيجيٽل بئنڪنگ ۽ مالي سهولتن تائين رسائي عورتن جي سماجي ۽ معاشي اڳڀرائي لاءِ بنيادي
حيثيت رکي ٿي. هن ياد ڏياريو ته ٻيو اهم قدم اهو آهي ته سنڌ حڪومت سيلاب متاثر عورتن کي جائيدادن جي مالڪي ڏيڻ جو تاريخي فيصلو ڪري چڪي آهي، جيڪو عورتن کي پهريون ڀيرو قانوني ملڪيت جا حق مهيا ڪري ٿو. سعيد غني چيو ته اهڙا قدم ان وقت وڌيڪ معنيٰ خيز ٿين ٿا جڏهن عورتون مالي منصوبابندي، بچت، ۽ بئنڪنگ جي طريقن کي سمجهن ٿيون. تقريب دوران سنڌ حڪومت جي ادارن SSPA ۽ PDMA جي گڏيل ڪوششن کي به ساراھيو ويو، جيڪي صوبو ۾ موسمياتي لچڪدار سماجي تحفظ نظام کي مضبوط بڻائڻ لاءِ گڏجي ڪم ڪري رهيا آهن.. ان موقعي تي يورپي يونين جي نمائندي جيـروئن وليمز چيو ته هي پروگرام سماجي تحفظ، آفتن جي خطري ۾ گهٽتائي ۽ موسمياتي لچڪ وڌائڻ لاءِ يورپي يونين جي اهم حمايت جو حصو آهي. وليمز چيو ته مالي ۽ ڊيجيٽل خواندگي عورتن لاءِ “هڪ سنهري موقعو” آهي، جيڪو خاص ڪري ديسي علائقن جي عورتن کي پاڻ سنڀاليندڙ بڻائڻ ۾ مدد ڏيندو. سندس چوڻ هو ته ان کان اڳ ساڳين قدمن تحت تربيت حاصل ڪندڙ 25 هزار عورتن پنهنجي آفتن کي منهن ڏيڻ جي صلاحيت ۾ واضح بهتري آندي آهي، ۽ هاڻي يورپي يونين 2026 جي بهار تائين 60 هزار عورتن تائين پهچڻ جو ارادو رکي ٿي. وليمز وڌيڪ چيو ته انگ اکر ظاهر ڪن ٿا ته عورتن جي مالي سهولتن تائين رسائي مردن جي ڀيٽ ۾ گهڻي گهٽ آهي، ۽ مالي ڄاڻ نه هئڻ سبب گهڻيون عورتون معيشت ۾ مڪمل شموليت کان ٻاهر رهن ٿيون، تنهنڪري ڊيجيٽل ۽ مالي مهارتون موجوده دور ۾ انتهائي اهم ٿي ويون آهن.


