
ڪراچي (16 آڪٽوبر): سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سان نئين مقرر ڪيل ايران جي قونصل جنرل مسٽر اڪبر عيسيٰ زاده جي وزيراعليٰ هائوس ۾ ملاقات ٿي۔ وڏي وزير مسٽر عيسيٰ زاده کي سنڌ آمد تي ڀليڪار چيو ۽ کيس نئين ذميواري سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني۔ وڏي وزير چيو ته ايران هڪ ڀائيواري اسلامي ملڪ آهي جنهن سان پاڪستان خاص طور سنڌ جا گهرا ۽ تاريخي لاڳاپا آهن۔ قونصل جنرل گرمجوشي سان استقبال ڪرڻ ۽ مبارڪباد ڏيڻ تي وڏي وزير جو شڪريو ادا ڪيو۔ ملاقات دوران مسٽر عيسيٰ زاده، اڳوڻي اسپيڪر سنڌ اسيمبلي آغا سراج دراني جي وفات تي تعزيت جو اظهار ڪيو جنهن تي وڏي وزير چيو ته هو سندس تعزيت جو پيغام لاڳاپيل خاندان تائين پهچائيندو۔ قونصل جنرل سنڌ ۾ تازو ٻوڏ سبب ٿيل نقصانن تي به افسوس جو اظهار ڪيو۔ ٻنهي ڌرين اقتصادي، واپاري ۽ سياحتي لاڳاپن کي وڌائڻ تي اتفاق ڪيو جڏهن تہ وڏي وزير سنڌ حڪومت پاران مستقبل ۾ مڪمل سهڪار جو يقين ڏياريو۔ وڏي وزير مراد علي شاهه اميد ظاهر ڪئي ته مسٽر عيسيٰ زاده جي دور ۾ ايران ۽ پاڪستان جا لاڳاپا وڌيڪ مضبوط ٿيندا۔ ملاقات ۾ فيصلو ڪيو ويو ته ايران ۽ پاڪستان خاص طور ڪراچي ۾ واپار 5 ارب رُپين مان وڌائي 10 ارب رُپين تائين آندو ويندو۔ ٻنهي طرفن گڏيل واپاري نمائشون ڪرائڻ تي پڻ اتفاق ڪيو جيئن ڪاروباري لاڳاپا وڌائي سگهجن۔ وڏي وزير چيو ته ڪراچي واپاري نمائش لاءِ هڪ اهم مرڪز آهي۔ ان موقعي تي ثقافتي لاڳاپا مضبوط ڪرڻ لاءِ ميڊيا جي مٽاسٽا ۽ زراعت، لائيو اسٽاڪ ۽ فشريز جي شعبي ۾ سهڪار وڌائڻ بابت پڻ ڳالهيون ٿيون۔ وڏي وزير ٻڌايو ته صوبائي وزير جلد ئي قونصل جنرل سان ملاقات ڪندا ته جيئن انهن منصوبن کي اڳتي وڌائي سگهجي۔ ملاقات ۾ ڪراچي کان تهران تائين سڌي پروازن جي شروعات تي به ڳالهه ٻولهه ٿي۔ وڏي وزير چيو ته اهڙيون پروازون زائرين لاءِ سهولت جو باعث بڻبيون ۽ خانگي ايئر لائينن کي اهڙيون خدمتون شروع ڪرڻ لاءِ همٿايو ويندو۔ وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته مرحوم ايراني صدر ابراهيم رئيسي جو وزيراعليٰ هائوس جو دورو سنڌ لاءِ هڪ اعزاز هو۔ قونصل جنرل ايران جي سفير پاران وڏي وزير کي ايران جي دوري جي آڇ ڪئي جيڪا وڏي وزير قبول ڪندي چيو ته هو جلد ايران جو دورو ڪندو۔
عبدالرشيد چنا
ميڊيا ڪنسلٽنٽ، وزيراعليٰ سنڌ


