) سنڌ جي مڪاني ادارن واري وزير ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي ڪراچي ڊويزن جي صدر سعيد غني چيو آهي ته پاڪستان پيپلز پارٽي، سنڌ حڪومت ۽ اسان جي قيادت پهريون ڀيرو 6 واهه جي مسئلي تي آواز اٿاري ۽ عوام آڏو ان مسئلي کي آندو.


ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي مڪاني ادارن واري وزير ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي ڪراچي ڊويزن جي صدر سعيد غني چيو آهي ته پاڪستان پيپلز پارٽي، سنڌ حڪومت ۽ اسان جي قيادت پهريون ڀيرو 6 واهه جي مسئلي تي آواز اٿاري ۽ عوام آڏو ان مسئلي کي آندو. اسان جا مخالف اڄ اسان کي تنقيد جو نشانو بڻائي رهيا آهن ته اسان واهه جي مسئلن تي خاموش آهيون حقيقت اها آهي ته اسان سڀ کان پهرين ان معاملي تي آواز اٿاريو ۽ واهن جي مسئلن تي ڳالهايو آهي.. اسان اهو به سمجهون ٿا ته سنڌ جون سموريون پارٽيون جيڪي احتجاج ڪري رهيون آهن اهو سٺو ڪري رهيون آهن. اسان ان جا حمايتي آهيون. پر اسان تي تنقيد ڪئي پئي وڃي اهو غلط اهي. هن وقت سنڌ جي سياسي پارٽين کي ورهائڻ بدران سنڌ جي عوام کي متحد ٿيڻ جي ضرورت آهي. سنڌ جي مفادن تي سياسي ۽ نظرياتي اختلافن کان مٿانهون ٿي هڪ آواز ٿي ڳالهه ٻولهه ٿيڻ گهرجي. 4 اپريل تي شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي ورسي جي موقعي تي ڪراچي مان جيالا ۽ ڪارڪن هزارين جي تعداد ۾ ڳڙهي خدا بخش پهچندا ۽ پنهنجا ماضي جا سمورا رڪارڊ ٽوڙيندا. اهڙن خيالن جو اظهار هن خميس ڏينهن ضلعي اوڀر پاران منعقد ڪيل جنرل ورڪرز ميٽنگ ۽ افطار پارٽي جي موقعي تي ڳالهائيندي ڪيو. تقريب کي پيپلز پارٽي سنڌ جي جنرل سيڪريٽري ۽ سنڌ جي وڏي وزير جو خاص مددگار سيد وقار مهدي، پيپلز پارٽي ضلعي اوڀر جي صدر اقبال سنڍ ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو. تقريب ۾ ضلعي اوڀر جي سمورن عهديدارن، سمورن ٽائونن ۽ يوسي چيئرمينن، وائيس چيئرمينن ۽ ڪائونسلرن سميت سمورن ذيلي تنظيمن جي عهديدارن ۽ ڪارڪنن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. سعيد غني چيو ته هن سال 4 اپريل تي شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي ورسي جي موقعي تي جيالا ڪراچي کان ڳڙهي خدا بخش پهچندا ۽ اسان پنهنجا ماضي جا سمورا رڪارڊ ٽوڙي ڇڏينداسين. سعيد غني چيو ته گذريل سال 27 ڊسمبر تي ڳڙهي خدا بخش ۾ ريلي ۾ ڪراچي مان ڪارڪنن ۽ جيالن جي وڏي انگ شرڪت ڪئي ۽ اسان ان ئي جاءِ تي ويهي جلسي ۾ شرڪت نه ڪئي پر پنهنجي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ ٻين اڳواڻن جون تقريرون ٻڌيون. هن چيو ته هن ڀيري پ پ اڳواڻ سنڌو درياءَ تي 6 ڪئنال ٺاهڻ واري معاملي تي به خطاب ڪندا، جيڪو هن وقت تمام وڏو مسئلو آهي. هن چيو ته 6 ڪينال سنڌ صوبي جو وڏو مسئلو آهي ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي، سنڌ حڪومت ۽ اسان جي قيادت ان تي پنهنجا اعتراض اٿاري رهيا آهن ۽ عوام جي سامهون پنهنجو موقف رکي رهيا آهن. سندس چوڻ هو ته 4 اپريل تي ڳڙهي خدا بخش ۾ هڪ وڏو عوامي جلسو ٿي رهيو آهي، جنهن ۾ سڄي ملڪ ۽ خاص ڪري سنڌ جي سمورن ضلعن مان وڏي انگ ۾ ماڻهو شرڪت ڪندا ۽ اسان جي قيادت ڪئنال معاملي تي به ڳالهائيندي۽ اسان چاهيون ٿا ته ان وقت سڄي سنڌ مان وڏي تعداد ۾ عوام شرڪت ڪري. سعيد غني چيو ته اسان جا مخالف اڄ اسان تي فضول تنقيد ڪري رهيا آهن ته اسان واهه جي مسئلن تي نه ڳالهايو، جڏهن ته حقيقت اها آهي ته اسان سڀ کان پهريان واهه جي مسئلن تي آواز اٿاريو ۽ اسان ڳالهين جي شروعات ڪئي. هن چيو ته واهه جي ڪنهن کي به خبر ناهي، اسان عوام کي ٻڌايو ته واهه ٺاهي رهيا آهيون. هن چيو ته سنڌ حڪومت انهن اعتراضن کي ان فورم تي اٿاري، جتي انهن واهه تي قانوني ۽ آئيني اعتراض اٿاريا وڃن. ان تي سنڌ جي وڏي وزير پاڻ وفاق کي خط لکيا. سنڌ جي آبپاشي واري وزير ان بابت ڳالهايو. ان ڪميٽيءَ جو ميمبر نثار احمد کهڙو به اتي آواز اٿاريو. سعيد غني چيو ته اسين اهي ماڻهو آهيون، پيپلز پارٽي اها آهي، سنڌ حڪومت اها آهي جنهن هن مسئلي کي عوامي مسئلو بڻائي عوام آڏو آندو، جنهن کانپوءِ عوام کي معلوم ٿيو ته سنڌ جي عوام ۽ سنڌ جي پاڻي سان زيادتي ٿي رهي آهي، جنهن کانپوءِ سنڌ جي عوام ۽ ٻين پارٽين آواز اٿاريو آهي. هن چيو ته اسان به ان ڳالهه کي سمجهون ٿا، اسان اهو به سمجهون ٿا ته سنڌ جون سموريون پارٽيون جيڪي به ان خلاف احتجاج ڪري رهيون آهن، اهي سٺو ڪم ڪري رهيون آهن. پر اسان تي جيڪي اعتراض اٿاريا ويا آهن هن وقت سنڌ جي سياسي پارٽين کي ورهائڻ بدران سنڌ جي عوام کي متحد ٿيڻ گهرجي. سنڌ جي مفادن تي سياسي ۽ نظرياتي اختلافن کان مٿانهون ٿي هڪ آواز ٿي ڳالهه ٻولهه ٿيڻ گهرجي. هن چيو ته اسان انهن کي به خراج تحسين پيش ڪريون ٿا جيڪي واهن جي مسئلي تي احتجاج ڪري رهيا آهن، روڊن تي احتجاج ڪندڙن کي به خراج تحسين پيش ڪريون ٿا ۽ اسان سمجهون ٿا ته ان مسئلي تي سنڌ ۾ بنا ڪنهن فرق جي ڳالهائڻ جي ضرورت آهي، ڇاڪاڻ ته اهو مسئلو سنڌ جي شهرن جو آهي، ڳوٺن جو به آهي، زمينن تي پوک ڪندڙ هارين جو به آهي، اهو پاڻي سنڌ جي ماڻهن جو به آهي. هن چيو ته اهو معاملو پنجاب جي هارين جو به آهي. سعيد غني چيو ته پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، پاڪستان پيپلز پارٽي ۽ پاڪستان جي صدر آصف علي زرداري گڏيل اجلاس ۾ پاڻ پنهنجي موقف جو اظهار ڪيو جنهن تي اعتراض اٿاريا پيا وڃن، هن پنهنجو نقطو واضح طور تي سڀني جي سامهون رکيو ۽ چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي جي قيادت کان وٺي ڪارڪنن تائين ان مسئلي تي هڪ آواز آهي ۽ اسان ان تي ڀرپور آواز اٿاريندا رهنداسين. سعيد غني چيو ته ان معاملي تي 4 اپريل تي ڳڙهي خدابخش ۾ ٿيندڙ جلسي ۾ ان کان اڳ ۽ پوءِ به آواز اٿارينداسين ۽ سنڌ جي پاڻي تي جيڪو ڌاڙو لڳي رهيو آهي اهو ڌاڙو هڻڻ نه ڏينداسين. هن چيو ته اڄ هن افطار پارٽي جي موقعي تي مان پنهنجي يوسي صدر شهيد فائق کي به خراج عقيدت پيش ڪريان ٿو ته الله تعالٰي سندس مغفرت فرمائي ۽ نه رڳو سندس قاتلن کي گرفتار ڪري کين قانون موجب سزا ڏئي ۽ جن اسان جي ڪارڪنن کي خوفزده ڪري اهڙو ماحول پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ته ان ۾ پ پ جي ڪارڪنن کي قتل ڪرڻ جو ڪو به سوال نه آهي. اهو نه ٿيندو. پيپلزپارٽي جي قيادت انهن سانحي جو سخت نوٽيس ورتو آهي، سنڌ حڪومت ان جو نوٽيس وٺي ۽ انشاءَ الله قاتلن کي گرفتار ڪري سزا ڏياري.

اپنا تبصرہ بھیجیں