
ٺٽو(رپورٽ: علي گوهر قمبراڻي)
گهارو لڳ ٻاٻڙا ويجھو ڊيري فارم جي ملازم جو ڊيري فارم جي ڪمري مان ڦاھو کاڌل لاش ھٿ، اطلاع تي گھارو پوليس پهچي لاش کي رورل ھيلٿ سينٽر گهارو منتقل ڪيو پورھيت جي سڃاڻپ ستار ولد غلام رسول طور تي ڪئي وئي جيڪو رحيم يار خان پنجاب جو رھواسي آھي پوليس موجب پورھيت ڊيري فارم تي ڪم ڪندو ھو سندس ڪمري مان ڦاھو کاڌل لاش مليو آھي پوليس پاران واقعي جي وڌيڪ جاچ ڪئي پيئي وڃي ڊاڪٽرن جو چوڻ آھي ته فوتي جي ڳچي تي رسي جا نشان پڻ مليا آھن ،


