
رپورٽ علي گوهر قمبراڻي
ٺٽي لڳ حيدرآباد قومي شاهراھ تي اٽڪ پئٽرول پمپ ڀرسان تيز رفتار ڪار ۽ سوزوڪي ۾ آمهون سامهون زوردار ٽڪر ٿيڻ جي نتيجي ۾ 2 ڄڻا يوسف ملاح ۽ عبدالرحمان پٺاڻ سخت زخمي کين سول اسپتال ٺٽو منتقل ڪيو ويو جڏهن ته ڪرولا ڪار ۾ راڄو ڳوٺ جهرڪ جو رهواسي رياض ترڪ معجزانه طور محفوظ رهيو سوزوڪي ۾ سوار زخمي ٿيلن جو تعلق غلام الله سان آهي








ٺٽو:سنڌ ھاء ڪورٽ ڪراچي ڪجھ مهينا اڳ ڪرپشن ڪيس ۾ نيشنل بئنڪ ٺٽو جي 9 ملازمن ۽ ھڪ ٺيڪيدار کي ٻڌايل سزا قلعدم قرار ڏيئي کين آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏيئي ڇڏيو بئنڪنگ ڪورٽ کي ٻيهر شاهدن جي آڌار تي ڪيس هلائڻ جو حڪم بئنڪنگ ڪورٽ ڪراچي پاران ڪجھ مهينا اڳ نيشنل بئنڪ ٺٽو ۾ ڪروڙين روپين جي مبينا بيقاعدگي ڪيس ۾ فيصلو ٻڌائيندي ٻن مئنيجرن سميت نيشنل بئنڪ ٺٽو جي اڳوڻن آفيسرن ملازمن ۽ ھڪ ٺيڪيدار سميت 9 ڄڻن کي 7-7 سال قيد جي سزا ٻڌائي وئي هئي بئنڪ ملازمن تي 2014ع ۾ مختلف ماڻھن جي بئنڪ اڪائونٽس مان ڪيش رقم ڦٻائڻ جو الزام هو سزا کاڌل ملازمن بئنڪنگ ڪورٽ جي فيصلي کي سنڌ ھاء ڪورٽ ۾ چئلينج ڪيو هو جڏهن ته سنڌ ھاء ڪورٽ ڪراچي جي جسٽس صلاح الدين پنهور جي عدالت ڪالھ ڌرين جي وڪيلن ايڊووڪيٽ شھاب الدين سرڪي ۽ ايڊووڪيٽ ڀجن داس ٽيجواڻي جا دليل ٻڌڻ بعد اپيل واري درخواست جو فيصلو ٻڌائيندي بئنڪنگ ڪورٽ جي ججمينٽ واري فيصلي کي قلعدم قرار ڏيئي ڇڏيو ۽ سمورن سزا کاڌل ملازمن کي هڪ ٺيڪيدار سميت آزاد ڪرڻ ۽ بئنڪنگ ڪورٽ کي شاهدن جي آڌار تي ٻيهر ڪيس هلائڻ جو حڪم پڻ جاري ڪيو ويو سزا کاڌل ڪيس مان هاء ڪورٽ جي حڪم تي آزادي ماڻيندڙن ۾ نيشنل بئنڪ ٺٽو جا اڳوڻا مئنيجر آفتاب شاھ آفتاب سومرو سميت ملازم ڪئپٽن عبدالمجيد ميمڻ شاهنواز شاھ شڪيل کتري مشتاق سومرو طفيل احمد منظور کٽي ٺيڪيدار مختيار پليجو حيدر علي قريشي ۽ ٻيا شامل آھن
ٺٽو:ڪراچي لاهور ۽ بدين کانپوء مڪلي تي به انڊس اسپتال نيٽورڪ اداري پاران انڊس صحت يونٽ جو افتتاح ڪيو ويو انڊس اسپتال ۽ هيلٿ نيٽورڪ جي صدر ڊاڪٽر عبدالباري خان مڪلي تي افتتاحي تقريب جي موقعي تي ميڍيا سان ڳالهيندي چيو ته ڪراچي لاهور سميت پوري ملڪ ۾ 57 ارب روپين جي لاڳت سان 10 وڏيون اسپتالون 110 صحت مرڪز ۽ 4 بلڊ سينٽر انڊس هاسپيٽل ۽ هيلٿ نيٽورڪ جي پاران عوام کي صحت جي سهولت مهيا ڪندڙ آھن ۽ ملڪ جي 51 ضلعن اندر پبلڪ هيلٿ پروگرام جاري آھي مڪلي تي انڊس ڪميونٽي هيلٿ سينٽر جي افتتاحي تقريب منعقد ڪئي وئي جنهن ۾ انڊس جي سربراھہ ۽ مرڪزي صدر ڊاڪٽر عبدالباري خان انڊس جي سي اي او ڊاڪٽر ظفر زيدي يحيٰ چاولا فرقان احمد ڊي ايڇ او ٺٽو ڊاڪٽر صفدر شاھ اميرخاني انڊس جي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر حُبا خالد حسين شاھ ٽائون ڪميٽي مڪلي جي چيئرمين پير زين العابدين جيلاني جمشيد جوکيو ۽ ٻين شرڪت ڪئي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ۽ ميڍيا سان ڳالهائيندي انڊس اداري جي صدر ڊاڪٽر عبدالباري خان چيو ته اسان 18 سال اڳ ڪراچي ۾ ڏيڍ سئو بيڊن جي اسپتال ذريعي عوام جي خدمت جو آغاز ڪيو ۽ اڄ مختلف اسٽيڪ هولڊرن جي سهڪار سان ڪراچي ۾ ھن وقت هلندڙ انڊس اسپتال کي ڏيڍ سئو بيڊن مان وڌائي 13 سئو بيڊن واري وڏي اسپتال بڻائي رهيا آھيون ۽ لاهور ۾ 6 سئو بيڊن تي مشتمل اسپتال قائم ڪئي آھي جڏھن ته سنڌ جي پوئتي پيل ضلعي بدين ۾ انڊس اسپتال پنهنجون سروسز مهيا ڪري رهي آھي هن چيو ته هن وقت 57 ارب روپين جي لاڳت سان انڊس اداري پاران پوري ملڪ ۾ صحت جون مفت سهولتون غريب مريضن کي فراهم ڪيون پيون وڃن ۽ مڪلي تي قائم ڪيل هن سينٽر کي وڌيڪ فحال ۽ وسيع ڪيو ويندو ۽ ضرورت پوڻ تي هتان رجسٽرڊ ٿيل مريضن کي انڊس اسپتال بدين ۽ انڊس اسپتال ڪراچي پڻ علاج لاء ريفر ڪيو ويندو. اُن موقعي تي مختلف سڄاڻ ڌرين پاران مڪلي تي انڊس يونٽ جي قيام تي انڊس اداري جو شڪريو ادا ڪيو.
ٺٽو:ٺٽي ضلعي اندر چوپائي مال ۾ وچرندڙ بيماريون ڦھلجڻ ڪري چوپايو مال مرڻ لڳو، ڀاڳئين کي مٿي تي ھٿ اچي ويا، تفصيل موجب ضلعي ٺٽي جي ڪوھستاني، ساحلي پَٽيءِ سميت ڪچي وارن علائقن سان گڏ اونگر، جھمپير، ڄنگھڙي، لوني ڪوٽ، ٽنڊو حافظ، ٻُولھاڙي جي مختلف ڳوٺن ۾ چوپائي مال ۾ ٺَڪاڻ واري بيماري ڦَھلجڻ سبب ڪيترائي ڍور مري ويا، جنھن ڪري مالوند ماڻھن جا مَٿي تي ھٿ اچي ويا، پر اڃان تائين لائيو اسٽاڪ کاتي ڪوبہ تحرڪ ناھي ورتو، ان سلسلي م مختلف علائقن جي رھواسي مالوند ماڻھن دانھيندي چيو آھي تہ ضلعي ٺٽي جي ڪوھستاني توڙي ساحلي پٽي سميت مختلف ڳوٺن قاسم شورو ٻولھاڙي، اونگر، سَرھاڻو مَڪان سَميت آسپاس جي عِلائقن ۾ چوپائي مال ۾ اوچتو ٺَڪاڻ واري بيماري ڦَھلجڻ لڳي آھي، جنھن سبب اسانجا ڪيترائي جانور مري ويا آھن. ھنن چيو تہ ھن مھنگائي جي دور ۾ پرائيوٽ ڊاڪٽرن کان ڍورن جو علاج ڪرائي رھيا آھيون، جن مان بيمار جانورن کي ڪوبہ فائدو نٿو پھچي، اسان وٽ اڃان تائين سرڪاري ٽيمون پھچي ناھن سگھيون. ھنن چيو تہ ڊاڪٽرن ٻُڌايو آھي تہ چوپائي مال ۾ ٺَڪاڻ جي بيماري پئي آھي، جنھن جي چڪاس ٿي ويئي آھي، جلد سرڪاري ٽيمون موڪلي بيمار جانورن جو علاج ڪري ڀاڳئين کي وڌيڪ نقصان کان بچايو ويندو. ھنن گھر ڪئي تہ جانورن جي علاج لاء سرڪاري ڊاڪٽرن جون ٽيمون موڪلي بيمار جانورن جو علاج ڪري کين وڌيڪ نقصان کان بچايو وڃي.
ٺٽو:مڪلي ويجھو ھڏيرو ڍنڍ ڪناري قديمي وڏي آبادي واري ڳوٺ جمعون ميربحر جي پرائمري اسڪول ۾ فرنيچر جي کوٽ سبب اسڪولي ٻارڙا پٽ تي ويھي تعليم پرائڻ تي مجبور بڻيل، نياڻين لاء استادياڻي بہ مقرر ٿي نہ سگھي، ڳوٺاڻن پاران سموريون سھولتون ڏيارڻ جي گھر ڪري ڇڏي آھي. ان سلسلي ۾ مڪلي ويجھو ھڏيرو ڍنڍ ڪناري قديمي ڳوٺ جمعون ميربحر جي ڪيترن ئي رھواسين محمد رمضان ميربحر، ناٿو، امام بخش ميربحر، حاجي، غلان منڇري ٻين دانھيندي چيو آھي تہ سندن ڳوٺ جي بوائز پرائمري اسڪول ۾ ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون گڏ تعليم پرائين ٿا، پر اسڪول ۾ فرنيچر گھٽ ھجڻ ڪري ٻارڙا پٽ تي ويھي تعليم پرائڻ تي مجبور بڻيل اھن، محمد رمضان ميربحر چيو تہ سندن اسڪول تي ھڪ استاد مقرر ٿيل اھي، پر نياڻين لاء سرڪاري طرح ڪا بہ استادياڻي مقرر ٿي ناھي سگھي، پر اسان ڳوٺ وارن پنھنجي مدد پاڻ تحت ھڪ ماسترياڻي کي مقرر ڪرايو اھي، جيڪا نياڻين کي تعليم ڏيئي رھي آھي، ان کانسواء اسڪول ۾ شاگرد جي ويھڻ لاء فرنيچر، پيئڻ جي پاڻي، باٿ روم جي سھوليت ميسر ناھي ۽ نہ ئي اسڪول لاء ڪا سرڪاري بلڊنگ موجود آھي، ھنن تعليم کاتي جي صوبائي وزير، ڊي سي ٺٽو کان گھر ڪئي تہ سندن ڳوٺ جمعون ميربحر واري اسڪول تي ماسترياڻي مقرر ڪري اسڪول ۾ فرنيچر ۽ پيئڻ جي پاڻي جي کوٽ ختم ڪري اسڪول لاء نئين بلڊنگ تعمير ڪرائي اسڪول ۾ گھربل سموريون بنيادي سھولتون مھيا ڪري ٻارڙن کي معياري تعليم ڏياري وڃي، جيئن سندن مستقبل سنوارجي سگھي.
ٺٽو:ٺٽي مان امن جو پکي اڏامي ويو، ڦرون ۽ چوريون رڪڻ بجاء انھن ۾ اضافو ٿي ويو، شھري ۽ ڳوٺاڻا فرجڻ روز جو معمول بڻيل، گجو لڳ سم نالي وٽان شير محمد جوکيو کان نامعلوم موٽر سائيڪل سوار ھٿياربند ڦورن ھٿيارن جي زور تي سي ڊي موٽرسائيڪل ڦر ڪري آساني سان فرار ٿي ويا، حد جي پوليس کي اطلاع ڪرڻ باوجود پوليس ڏوھارين خلاف ڪابہ ڪاروائي ڪري ناھي سگھي.
ٺٽو:ٺٽي لڳ عيدگاھ روڊ تي ڦر دوران مزاحمت تي پاڻ کي زخمي ڄاڻايل مڪلي جي گندرا ڳوٺ جو رهواسي امير گندرو خود چئن ڪيسن ۾ پوليس کي گهربل نڪتو معاملي جي گهڻ رخي جاچ شروع تفصيل موجب عيدگاھ روڊ تي ڄنگھ ۾ گولي لڳڻ سبب زخمي ٿيل امير گندرو ڄاڻايو آھي ته کيس موٽر سائيڪل سوار ٽن هٿياربندن سندس رستا روڪ ڪري کانئس موٽر سائيڪل ڦر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي مزاحمت تي کيس گوليون هڻي زخمي ڪرڻ بعد ڦورو فرار ٿي ويا دلچسپ بيان ڏيندي زخمي امير گندرو موجب هُو زخمي ٿيڻ بعد به موٽر سائيڪل هلائي ٺٽي تائين پهتو زخمي امير گندرو کي سول اسپتال ٺٽو منتقل ڪيو ويو زخمي امير گندرو جي شڪي بيان کانپوء ايس ايس پي ٺٽو ڊاڪٽر عمران پاران سي آئي اي انچارج ٺٽو ممتاز بروهي ايس ايڇ او ٺٽو مظفر خالدي تي مشتمل جاچ ٽيم جوڙي وئي جنھن واقعي واري هنڌ جو دورو ڪري جائزو ورتو پوليس موجب زخمي پاران ڄاڻايل هنڌ تي ڪوبه رت وغيره جو نشان نه آھي سندس بيان متضاد آھن ابتدائي جاچ دوران انڪشاف ٿيو آھي ته مذڪوره زخمي شخص امير گندرو چئن مختلف ڪيسن ۾ نامزد ٿيل آھي جن ۾ 2022ع ۾ ايف آئي آر نمبر 19 تحت قلم 457 ۽ 380 پي پي سي تحت مڪلي ٿاڻي تي مٿس ڪيس داخل ٿيل آھي ٻيو ڪيس ايف آئي آر نمبر 36 تحت گذريل سال ٺٽي ٿاڻي تي سندس خلاف قلم 324 تحت اراده قتل جي الزام تحت، ٽيو ڪيس ايف آئي آر نمبر 106 ۽ قلم 324 ۽ 353 ڊيوٽي اٽڪاءُ جي الزامن تحت ٺٽي ٿاڻي تي مٿس داخل ٿيل آھن جڏھن ته ڇوٿون ڪيس ايف آئي آر نمبر 108 ۾ پڻ جوابدار امير گندرو قلم 324 ۽ 353 پي پي سي تحت پڻ ايف آئي آر ۾ نامزد ٿيل آھي ايس ايس پي ٺٽو پاران جاري ڪيل سندس ڪرمنل رڪارڊ
ٺٽو:2 ھفتا اڳ جھرڪ سائيڊ ويجھو جھمپير موڙ ڀرسان ڳوٺ حاجي مير محمد ٻٻر جي رھواسي پورھيت محمد حسين ٻٻر پاران پٿر جي کاڻ مان پٿر ڪڍندي اوچتو مٽي ۽ ڀٿر جي ڀٽ مٿانئنس ڪرڻ ڪري سخت زخمي ٿي پيو ھو، جنھن جي ٽنگ ٽٽي وڃڻ سميت کيس سڄي جسم تي سخت زخم رسيا ھئا، جيڪو اڃان تائين حيدرآباد اسپتال ۾ علاج ھيٺ آھي، پر سندس چونڊيل نمائندن پاران ڪابہ پوئيواري ٿي ناھي سگھي، ھن گھر ڪئي تہ سندس بھتر علاج ڪرائي ھميشہ جي معذوري کان بچايو وڃي.


