اڄ ڪراچي پريس ڪلب ۾ نامياري سياستدان ، دانشور ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي جي انساني حقن واري سيل جي رھنما ، صدر زرداري جو پنج سال ترجمان رھندڙ سينيٽر فرحت اللھ بابر جي صدر زرداري جي صدارت وارن سالن واري يادگيرين جي ڪتاب جنھن جو عنوان آھي، ”زرداري جي صدارت، ھاڻي اھو ضرور ٻڌائڻو پوندو“ واري 15 بابن تي مشتمل ڪتاب جي مھورت ٿي

Ishak Soomro
اڄ ڪراچي پريس ڪلب ۾ نامياري سياستدان ، دانشور ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي جي انساني حقن واري سيل جي رھنما ، صدر زرداري جو پنج سال ترجمان رھندڙ سينيٽر فرحت اللھ بابر جي صدر زرداري جي صدارت وارن سالن واري يادگيرين جي ڪتاب جنھن جو عنوان آھي، ”زرداري جي صدارت، ھاڻي اھو ضرور ٻڌائڻو پوندو“ واري 15 بابن تي مشتمل ڪتاب جي مھورت ٿي . ان موقعي تي فرحت اللھ بابر ڪتاب بابت ٻڌائيندي چيو صدر زرداري اهو ماڻهو هو جيڪو سڀني مشڪلاتن جي باوجود، گمنامي مان اڀريو، پاڪستان جو سڀ کان وڌيڪ پراسرار ۽ ممڪن طور تي سڀ کان وڌيڪ تڪراري صدرپاڪستان بڻيو. جڏهن ته ڪيترن ئي ت اھا اڳڪٿي ڪئي هئي ته سندس سھري ذوالفقار علي ڀٽي پاران ان جي قائم ڪيل پيپلز پارٽي، بينظير جي

قتل کان پوءِ ڌڙن ۾ ورهائجي ويندي يا ختم ٿي ويندي. پر زرداري پارٽي جي مشڪل ترين وقت ۾ ان جي واڳ سنڀالي، ان کي متحد ڪيو، ۽ ٻه ڀيرا پاڪستان جو صدر بڻيو.ھن چيو ت آصف زرداري جي ان انتشار سان ڀريل پنجن سالن جي حڪمراني پويان ڪھڙا راز لڪيل آھن؟ ان جو ھي عيني گواھ آھي.ھن انھن ڌماڪيدار ياداشتن کي پنھنجي لکيل ڊائري تان اتاري لکيو آھي. ھن چيو ت زرداري صدارت دوران قوم کي ھڪ شڪل ڏني. زندگي داءَ تي لڳائي. ادارن جي ڳجھين سازشن جو مقابلو ڪيو. آنھن زلزلو آڻيندڙ واقعن ۾ اساما بن لادن جو ملٽري ايريا مان ھٿ اچڻ، صدارتي محل کان وٺي پارليامينت جي طوفاني ڪاريڊورن ۾ ٿيندڙ گهرين جنگين کي منھن ڏيندورھيو، جنھن ۾ ميمو گيٽ اسڪينڊل، ريمنڊ ڊيوس وارو واقعو،ھن پنجن سالن ۾ جمھوريت جي خلاف ٿيندڙ بي رحم چالبازين کي سمنڊ ۾ ٻوڙي ڇڏيو. زرداري پاڪستان کي ناممڪن مشڪلاتن مان ڪڍيو، آمريڪي سفارتڪاري کان وٺي 18 هين آئيني ترميم جهڙين پنهنجي تاريخي سڌارن جي بنياد رکڻ تائين، فوج ۾سندس لاءِ بي اعتمادي کان وٺي آمريڪي سفارتڪاري تائين، ھن پنھنجي ڪتاب ۾ اھو سڀ ڪجھ لکيو آھي.
ذاتي ڪهاڻين، اڻ ٻڌايل ڪهاڻين، ياداشتن کي ويجهي نظر سان ڏٺو جن کي ھن قلمبند ڪيو آھي.ھن اھو ب چيو ت ھي ڪتاب صدر زرداري جي ڪا بايو گرافي ناھي، ھن ڪتاب ۾ مون پنجن سالن ۾ صدارتي محل جي واقعن تي لکيو آھي. ھن ڪتاب لکڻ جو مون ڪڏھن ب آصف زرداري سان ھن ڪتاب لکڻ جو ڪڏھن ب ذڪر ن ڪيو، کيس توڙي پاڪستان جي ماڻھن کي اڄ ڪتاب جي مھورت کان پوءِ خبر پوندي. ھن سامعين جي پڇيل ھڪ سوال جي جواب ۾ چيو ت (صدر زرداري ن ت فرشتو آھي ن ئي شيطان آھي).انگريزي ۾ لکيل ھن ڪتاب کي مشھور پبلشنگ اداري ”لائيٽ اسٽون” ڪراچي طرفان اڄ ئي پڌرو ڪيو ويو. ڪتاب کي تفصيل سان پڙھڻ کانپوئي وڌيڪ تبصروڪري سگهجي ٿو. ان موقعي تي لائيٽ اسٽون جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر امينا سيد، نامياري صحافي غازي صلاح الدين، جميل فاضلي، ڊاڪٽر توصيف احمد، سڪندر ھليو، اعجاز علي خواجا، آصف قاصي، اسحاق سومري،ٻين ڪيترن صحافين ۽ دانشورن شرڪت ڪئي .

اپنا تبصرہ بھیجیں