
رپورٽ علي گوهر قمبراڻي
ٺٽو:گهارو شھر جي نئين آبادي مان 8 ڏينهن اڳ هٿياربندن پاران اغوا ٿيل ناري بينظير بيبي جو ڪوبه ڏس پتو پئجي نه سگهيو سندس وارث سخت پريشان، نياڻي جي والد الطاف شاھ پاران سندس نياڻي بينظير بيبي جي قتل جو خدشو، تفصيل موجب 8 ڏينهن اڳ گهارو شھر جي نئين آبادي جي رهواسي الطاف شاھ جي ساڍا 12 ورهين جي نياڻي بينظير بيبي کي جوابدار اغوا ڪري ڪار ۾ وجهي کڻي ويا هئا گهارو ٿاڻي تي نياڻي بينظير بيبي جي اغوا جو ڪيس مک جوابدار عبدالرحمان عرف پپو پنجابي ۽ سندس ڀاءُ سڪندر ۽ پُٽ فريد خلاف قلم 365 بِي تحت داخل ڪرايو ويو هو مبينا طور اغوا ٿيل نياڻي بينظير بيبي جي پيءُ الطاف شاھ نيشنل پريس ڪلب ٺٽو ۾ دانهيندي چيو آھي ته سندس نياڻي کي اغوا ڪندڙ جوابدار عبدالرحمان عرف پپو پنجابي گهارو ۾ پنهنجو گهر خالي ڪري ڪاروبار بند ڪري پنهنجي فيملي سميت واقعي کانپوء نامعلوم هنڌ فرار ٿي ويو آھي گهارو پوليس سندس نياڻي جي بازيابي لاء ڪوبه تحرڪ ناهي ورتو هن چيو ته سندس نياڻي کي اغوا ڪندڙ جوابدار عبدالرحمان جي عمر 60 سال آھي ۽ کيس 5 ٻارن جو اولاد به آھي جيڪو غلط صحبت جو ماڻھو آھي هن گهرو وزير آء جي سنڌ ۽ ٻين وس وارن کي اپيل ڪئي آھي ته سندس نياڻي بينظير بيبي کي بازياب ڪرائي جوابدارن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي. هن خدشو ظاهر ڪيو آھي ته سندس نياڻي کي اغوا بعد قتل ڪيو ويو آھي جنهنڪري قانون نافذ ڪندڙ ادارا فوري تحرڪ وٺي سندس نياڻي بابت کيس آگاهي ڏين





ٺٽو:چيف ڪمشنر FBR حيدرآباد RP ڪنسٽريڪشن ۽ جنرل سپلائير پاران ٽيڪس چوري جي جھمپير شھر واسي پاران ڪيل شڪايت جو نوٽيس وٺي ڇڏيو، جلد ڪاروائي جو امڪان، تفصيل موجب ريجنل ٽيڪس آفيس RTO جي چيف ڪمسنر فيڊرل بورڊ آف روينيو FBR حيدرآباد طرفان 34 ڪروڙ روپين جي اسڪريپ جي خريداري ۾ مبينا ٽيڪس چوري جي لڳايل سنگين شڪايت جو نوٽيس وٺي ڇڏيو اھي، RP ڪنسٽريڪشن اينڊ جنرل سپلائير مٺي سنڌ پاران جھمپير جي ھڪ فيڪٽري مان جنھن جي ملڪيت چائنا ڪنسٽريڪشن انڊسٽريل اينڊ انجنيئرنگ گروپ آف ڪمپنيز جي اھي، اھڙي شڪايت جھمپير شھر واسي سماجي اڳواڻ محمد بخش بروھي پاران داخل ڪرائي ويئي آھي، جنھن ۾ ڄاڻايو ويو اھي تہ لين دين تي مذڪورہ ٽيڪس جي ادائگي ناھي ڪئي ويئي، جنھن جي نتيجي ۾ قومي خزاني کي ڪافي نقصان پھچايو ويو اھي، شڪايت ڪندڙ جھمپير واسي محمد بخش بروھي اعلي اختيارين جي زميوارن تي زور ڀريو آھي تہ ھو ھن معاملي جي تحقيقات ڪرائين ۽ جيڪڏھن ٽيڪس چوري ثابت ٿئي تہ قانوني ڪاروائي ڪري واجب ٿيل ثيڪس سرڪاري قومي خزاني ۾ جمع ڪرائي وڃي. جھمپير واسي سماجي اڳواڻ محمد بخش
بروھي جي ڪيل شڪايت جو چيف ڪمشنر FBR حيدرآباد باضابطہ طور نوٽيس وٺي ڇڏيو آھي، جنھن بعد جلد ان معاملي جي تحقيقات شروع ٿيڻ واري آھي، جنھن بعد ڪروڙين روپين جي اسڪريپ ۾ ڪيل مبينا ٽيڪس چوري ڪري قومي خزاني کي نقصان پھچائيندڙن ۾ ڦڙڦوٽ پئجي ويئي آھي، جن پاڻ بچائڻ لاء جتن شروع ڪري ڇڏيا آھن.
ٺٽو:ٺٽو پوليس دعوا ڪئي آھي تہ گذريل رات دير سان ٺٽي ويجھو فقير جو ڳوٺ لنڪ روڊ تي پوليس ۽ ڏوھارين وچ ۾ ٿيل مبينا مقابلي ۾ ھڪ ڏوھاري کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو اھي، جنھن جي سڃاڻپ ٺٽي شھر جي شيخ فريد چوڪ واسي عمر ولد مامون گندرو طور ٿي آھي، پوليس موجب زخمي حالت ۾ گرفتار ڏوھاري عمر گندرو ٺٽو ۽ مڪلي جي مختلف علائقن ۾ موٽر سائيڪلون کسڻ توڙي چوري ڪرڻ سميت چورين، ڦرن سميت مختلف ڏوھي سرگرمين ۾ شامل آھي، جنھن جي قبضي مان ھڪ پسٽل پڻ برامد ڪري کيس علاج لاء پوليس جي نگراني ۾ سول اسپتال مڪلي ۾ داخل ڪري مٿس ڪيس پڻ داخل ڪري سندس ڪرمنل رڪارڊ طلب ڪري وڌيڪ جانچ شروع ڪئي ويئي آھي.
ٺٽو:ڪيٽي بندر واسي اي ايس آئي انڪروچمينٽ ذوالفقار پيروزاڻي جو پتو نه پيو ڪراچي جي جمعان ڳوٺ واري علائقي مان ڪالھ شام جو هڪ ڪار سميت ٻن گاڏين ۾ سوار نامعلوم ماڻھن پاران کنڀي گم ڪيل ڪيٽي بندر جي ڳوٺ يوسف پيروزاڻي جي رهواسي نوجوان اينٽي انڪروچمينٽ پوليس جي اي ايس آئي ذوالفقار پيروزاڻي جو ڪوبه ڏس پتو پئجي نه سگهيو سندس وارث سخت پريشان وارثن موجب اينٽي انڪروچمينٽ پوليس ۾ اي ايس آئي طور ملازمت ڪندڙ ذوالفقار پيروزاڻي ڪراچي جي جمعان ڳوٺ واري علائقي ۾ رهندڙ ھو ڪالھ شام جو گهر کان ٻاهر نڪرڻ بعد پنهنجي ڪار ۾ ويندي نامعلوم ماڻھن کيس روڪي ڪار مان لاهي کنڀي اغوا ڪري ويا سندس موبائيل ڪار مان هٿ آئي آھي جڏھن ته زمان ٽائون ٿاڻي ڪراچي ۾ اطلاع پڻ ڪيو ويو پر اڃا تائين سندس ڪوبه پتو پئجي نه سگهيو آھي جنھن سبب سندس وارث ڪراچي پهچي مختلف هنڌن تي سندس ڳولا ۾ رڌل آھن
ٺٽو:جهرڪ لڳ هٿياربند جي فائرنگ ۾ ھڪ ڳوٺاڻي جي قتل ۽ ٻئي جي زخمي ٿيڻ وارو معاملو جهرڪ پوليس مک جوابدار جي گرفتاري ظاهر ڪندي کانئس واردات ۾ استعمال ٿيل پسٽل ۽ ڪار برآمد ڪري ورتي تفصيل موجب 3 ڏينهن اڳ هڪ هٿياربند جوابدار غلام قادر نعيمي راجپوت مٽي ۽ پٿر جي دڪي جي تڪرار تان فائرنگ ڪري هڪ ڳوٺاڻي ياسين ٻٻر کي قتل مشتاق ٻٻر کي زخمي ڪيو هو ۽ ضلعي ڪائونسل جو ميمبر ۽ ٻٻر برادري جو معزز غلام نبي ٻٻر معجزانه طور بچي ويو هو جڏهن ته جهرڪ پوليس قتل جي ايف آئي آر ۾ نامزد جوابدار غلام قادر راجپوت جي گرفتاري ظاهر ڪري ڇڏي جنهن کي رمانڊ لاء ٺٽي جي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو جهرڪ ٿاڻي جي ايس ايڇ او امير بخش کوسو موجب جوابدار وٽان واردات ۾ استعمال ٿيل پسٽل ۽ سندس مهراڻ ڪار پڻ کانئس برآمد ڪئي وئي آھي ۽ سندس وڌيڪ پوليس رمانڊ حاصل ڪرڻ لاء عدالت کي استدعا ڪئي وئي آھي
ٺٽو:جهرڪ پوليس ڇاپا هڻي ڪيترن ئي ڏوهي وارداتن ۾ گهربل جوابدار جهنڊو ولد نِھال مري کي گرفتار ڪري ورتو سندس نشاندهي تي سندس تحويل مان چوري ۽ ڦُر ڪيل ٻڪرين ۽ رڍن سميت 30 ڍور برآمد تفصيل موجب جهرڪ پوليس جهرڪ ڄامشورو جهمپير ۽ نوري آباد ٿاڻن جي پوليس کي ڏوهي وارداتن ۾ گهربل جوابدار جهنڊو مري کي ڇاپا هڻي گرفتار ڪري ورتو پوليس موجب جوابدار وٽان هڪ ريوالوَر ۽ سندس نشاندهي تي ڪوهستاني علائقي ۾ لڪايل چوري ۽ ڦر ڪيل 19 رڍن 3 ٻڪرين سميت 30 ڍور برآمد ڪيا ويا آھن، ايس ايڇ او جهرڪ امير بخش کوسو موجب مذڪوره جوابدار جهنڊو مري پنهنجي ساٿين جي مدد سان مختلف ڪوهستاني علائقن مان چوپايو مال ڦر ڪري زبردستي گاڏين ۾ کڻي وڃڻ سميت ڪيترن ئي ڏوهن ۾ ملوث آھي صرف جهرڪ ٿاڻي تي سندس خلاف 4 ڪيس داخل ٿيل آھن وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي


