پ پ جي اڳوڻي سينيٽر سسئي پليجو ٺٽي ۾ ” اسان جا درياءُ اسانجو مستقبل“ جي عنوان هيٺ سڏايل سيمينار توڙي دولھ درياءُ خان وٽ سنڌودرياءُ تي پهچي دريا کي ڀيٽا ڏيڻ بعد آس اخبار سان خصوصي ڳالھ ٻولھ ڪندي چيو ته سنڌ جي ردعمل جو نواز ليگ نوٽيس نه ورتو ته پيپلزپارٽي کي نواز ليگ جي حڪومت مان ڌار ٿيڻ لاء فيصلو ڪرڻو پوندو

ٺٽو علي گوهر قمبراڻي
پ پ جي اڳوڻي سينيٽر سسئي پليجو ٺٽي ۾ ” اسان جا درياءُ اسانجو مستقبل“ جي عنوان هيٺ سڏايل سيمينار توڙي دولھ درياءُ خان وٽ سنڌودرياءُ تي پهچي دريا کي ڀيٽا ڏيڻ بعد آس اخبار سان خصوصي ڳالھ ٻولھ ڪندي چيو ته سنڌ جي ردعمل جو نواز ليگ نوٽيس نه ورتو ته پيپلزپارٽي کي نواز ليگ جي حڪومت مان ڌار ٿيڻ لاء فيصلو ڪرڻو پوندو پنجاب چشما جهلم لنڪ ڪئنال سميت سمورا فلڊ ڪئنال 12 ئي مهينا وهايا آھن جڏھن ته اسان وٽ پيئڻ لاء ئي پاڻي نه آھي ارسا جي جوڙجڪ ئي غلط آھي جيڪا چولستان ڪئنال ٿل ڪئنال سميت تڪراري ڪئنالن جي اين او سي ڏيئي رهي آھي پاڻي جي حوالي سان جيڪي به اسانکي خواب ڏيکاريا ويا آھن اهي اسان سنڌ واسين کي ڳچي ۾ پيا آھن اسانکي ڪالاباغ ڊئم جي خلاف مزاحمت ڪرڻ تي سزا ڏني پئي وڃي ۽ اسانکي سياسي مار ڏني پئي وڃي ڇو ته اسان تڪراري ڪالاباغ ڊيم کي به عقل فهم ۽ مزاحمت سان رد ڪيو هو ھن وڌيڪ چيو ته سنڌ اسيمبلي پاران قرارداد اچڻ کانپوء نواز ليگ سرڪار کي هوش کان ڪم وٺڻ گهرجي ٻئي صورت ۾ پيپلزپارٽي نواز ليگ جي حڪومت کان ڌار ٿي اپوزيشن جي بئنچن تي هلي ويندي وفاقي وزير احسن اقبال راڻا ثناءُ اللّٰه مريم نواز ۽ ٻيا وزير ياد رکن اُھي ڀلي ڪيترائي افتتاح ڪرائين پر سنڌ کين سنڌو درياءُ تي ڪوبه ڪئنال يا ڊئم ٺاهڻ جي اجازت هرگز نه ڏيندي دنيا اڄ دريائن جي عالمي ڏينهن کي ملهائي رهي آھي پر اسان پنهنجي درياءُ جي بقا جي جنگ وڙھي رهيا آھيون جنهن ۾ اسين ضرور سوڀارا ٿينداسين مڪلي تي ماهيگير تنظيم نوري ڊولپمينٽ فائونڊيشن پاران درياءُ جي مسقتبل جي موضوع تي هڪ سيمينار منعقد ڪيو ويو جنهن کي اڳوڻي سينيٽر سسئي پليجو قومپرست اڳواڻ نواز خان زنئور ڊيلٽا ماهر پروفيسر مختيار مهر شاعره گل بيبي شاھ وقار النساءُ ياسمين شاھ صادق لاکو انوشا عالم سرور پليجو ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو

اپنا تبصرہ بھیجیں