ڪمشنر راولپنڊي 8 ڏينهن ڪنهن سان مليو؟مريم اورنگزيب

جاچ ڪرائي وڃي ته ڪمشنر راولپنڊي 8 ڏينهن ڪنهن سان رابطي ۾ رهيو ۽ ڪنهن سان مليو؟

نواز ليگ جي مرڪزي ترجمان پاران ڪمشنر راولپنڊي جو نالو اي سي ايل ۾ شامل ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو آهي

مريم اورنگزيب چيو آهي ته ڪوڙ جي مشينري اڄڪلهه گهڻو وڪامِي رهي آهي، ڪمشنر کي اليڪشن ڪميشن وٽ وڃڻ گهرجي ها، جتي ٽن ڏينهن تائين نتيجا روڪيا ويا

هن چيو ته چونڊن جي 8 ڏينهن بعد ڪمشنر جو ضمير جاڳيو ۽ آپگهات جي ڪوشش ڪئي، هي سڄو هڪ گروهه آهي، جيڪو ملڪ ۾ استحڪام آڻڻ نٿو چاهي، ڪمشنر راولپنڊي پاران چيف جسٽس تي الزام لڳائڻ معمولي ڳالهه ناهي، ملڪ نازڪ موڙ مان گذري رهيو آهي، سڀئي ذميواري جو مظاهرو ڪن

TAGStop_stories

اپنا تبصرہ بھیجیں