ڇتوچنڊ لڳ ڳوٺ لاکو ڀنڀرو جي رهواسي ڀبڀرا برادري جي عورتن جو مڪلي تي احتجاج نيشنل پريس ڪلب ٺٽو اڳيان مڪلي غلام الله روڊ تي ڌرڻو

ٺٽو(رپورٽر)
ڇتوچنڊ لڳ ڳوٺ لاکو ڀنڀرو جي رهواسي ڀبڀرا برادري جي عورتن جو مڪلي تي احتجاج نيشنل پريس ڪلب ٺٽو اڳيان مڪلي غلام الله روڊ تي ڌرڻو پوليس ۽ ڀنڀرا برادري جي ماڻهن تي سندن 3 ڄڻن کي گرفتار ڪرائڻ جو الزام عورت جنت ڳوٺاڻو غلام نبي ڀنڀرو الزام هڻندي چيو ته سندن برادري جي ميوو دودو ۽ ٻين ٻارڙن جي معاملي تان ساڻن جهيڙو ڪري سندن ٽن ڄڻن اقبال فاروق ۽ اسد ڀنڀرو کي گرفتار ڪرايو آهي ساڻن انصاف ڪيو وڃي ٻئي طرف الزام هيٺ آيل نظام ڀنڀرو ۽ ميوو ڀنڀرو وارن جو چوڻ آهي ته ڳوٺ ۾ اين جي او جو ڪم هلندڙ آهي ان تان احتجاج ڪندڙن اسان جي گهرن تي حملو ڪيو جنهن ۾ اسان جي عورتن سميت 4 ڄڻا زخمي ٿيا آهن معلوم ٿيو آهي ته ڳوٺ ۾ ڳوٺ جي معزز وڏيري حيدر ڀنڀرو جي ڪوششن سان ڳوٺ کي ماڊل بنائڻ لاء هلندڙ پراجيڪٽ کي سبوتاز ڪرڻ لاء هڪ ڌر پاران جهيڙا ۽ احتجاجن لاء ڳوٺاڻن کي اڪسايو پيو وڃي جڏهن ته ڇتوچنڊ پوليس موجب ڳوٺ لاکو ڀنڀرو ۾ ٻارڙن جي معاملي تان ڀنڀرا برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ٿيو جنھن ۾ ٻنهي ڌرين جا 4 ڄڻا زخمي ٿيا آھن ٻنهي ڌرين جي اين سي داخل ڪري کين ليٽر ڏيئي اسپتال اماڻيو ويو، ڇتوچنڊ پوليس انچارج راجا ظفر موجب ڳوٺ ۾ امڪاني جهيڙي جي خدشي سبب هڪ ڌر جي ٽن ڄڻن کي گرفتار ڪيو آھي ٻئي ڌر جي ماڻھن لاء پڻ ڇاپا هنيا پيا وڃن ته جيئن ٻنهي ڌرين جو ڪيس داخل ڪجي ۽ کين معاملو راڄوڻي ذريعي حل ڪرائڻ تي زور وجهرائجي ڀنڀرا برادري جي معززين کي هن معاملي کي حل ڪرڻ گهرجي

اپنا تبصرہ بھیجیں