
لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي ۾ دل واري شعبي ايس آءِ سي وي ڊي جي انچارج ڊاڪٽر سيد فياض مجتبيٰ شاھ دل جي سرجري جي ماهر ڊاڪٽر ڪاشف مهيسر، ڊاڪٽر امجد علي هليو، ڊاڪٽر عابده اقبال کهاوڙ ۽ ٻين سان گڏجي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو آهي سال 2019ع کان وٺي هن وقت تائين ايس آءِ سي وي ڊي طرفان 7 لک دل جي مرض ۾ مبتلا مريضن کي علاج جون سهولتون مهيا ڪيون ويون آهن، جنهن ۾ 90 هزار مريضن جي انجوپلاسٽي، 40 هزار مائنر آپريشن، 750 مريضن جي دل جي سرجري سميت ڪيترن ئي مريضن جي دل جو باءِ پاس ۽ ٻيو علاج مهيا ڪيو ويو آهي، جڏهن ته انهن مريضن ۾ 13 هزار ٻار پڻ شامل آهن. هن چيو ته 8 هزار 500 سئو هارٽ اٽيڪ جي مريضن جو ڪاميابي سان علاج ڪيو ويو آهي ۽ 4 هزار 500 سئو ننڍي هارٽ اٽيڪ جي مريضن جو علاج ڪاميابي سان ڪيو ويو آهي، جڏهن ته لاڙڪاڻي جي ايس آءِ سي وي ڊي ۾ دل واري مرض جون سڀئي سهولتون موجود آهن، جيڪي سهولتون مريضن کي مفت مهيا ڪيون وينديون آهن، جڏهن ته اسپتال جي پهرين فلور تي ايمرجنسي وارڊ موجود آهي، جتي هارٽ اٽيڪ جي مريضن کي فوري طور تي علاج مهيا ڪري سندن زندگيون بچائڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي ويندي آهي، جنهن ۾ اسان کي بهترين ڪاميابي ملي آهي، جڏهن ته اسپتال جي ٻي فلور تي ڪريٿ ليب موجود آهي، جتي 24 ڪلاڪ مريضن جو ٻاهرين ملڪ جيان علاج ڪيو ويندو آهي. ڊاڪٽر سيد فياض مجتبيٰ شاھ وڌيڪ چيو ته لاڙڪاڻي شهر جي ايس آءِ سي وي ڊي جي بلڊنگ ۾ جڳھ ناڪافي آهي، جنهن سبب ليبارٽي، سي سي يو آءِ وارڊ، الڳ سان او پي ڊي ۽ ٻيا اهم شعبه موجود نه آهن، پر تنهن باوجود اسان ڪوشش ڪري دل جي مريضن کي علاج جون سهولتون مهيا ڪري رهيا آهيون، اهڙي صورتحال ۾ اسان حڪومت ۽ انتظاميه کي لکيو آهي ته ڀرسان واري ڪيجولٽي جي بلڊنگ ايس آءِ سي وي ڊي حوالي ڪري ڪيجولٽي کي ٻي هنڌ منتقل ڪيو وڃي ته جيئن هي سموري ايريا دل واري مريضن جي مختلف شعبن تحت ٺاهي کين علاج جون بهترين سهولتون مهيا ڪيون وڃن. هن شهرين کي دل جي بيمارين کان محفوظ رهڻ لاءِ پيغام ڏيندي چيو آهي ته روزاني جي بنيادن تي ورزش ڪرڻ، مختلف راندون کيڏڻ سان گڏ کائڻ پئڻ ۾ احتياط ڪندي گهر جي کاڌن کي ترجيح ڏني وڃي ته ڪافي حد تائين جي دل جي بيمارين کان بچي سگهجي ٿو.


