
ٺٽو(رپورٽ: علي گوهر قمبراڻي) ڊپٽي ڪمشنر ٺٽو منور عباس سومرو چيو آهي ته پوليو وائرس ٺٽي جي چوڌاري موجود آهي، ٺٽي ۾ به پوليو جو هڪ ڪيس ظاهر ٿيو آهي، ايندڙ مهم دوران ان خلاف اسان سڀني کي گڏجي سخت جدوجھد ڪرڻي پوندي ته جيئن ضلعي کي مستقبل ۾ پوليو کان پاڪ بڻائي سگهجي. هُن چيو ته ٽرانزٽ پوائنٽس تي وڌيڪ پوليو وائرس جو خطرو آهي، رينجرز ۽ پوليس کي گاڏين کي روڪڻ لاءِ پرعزم ٿيڻو پوندو ته جيئن سفر ڪندڙ ٻارن کي پوليو جا ڦڙا پياري وائرس تي ضابطو آڻي سگهجي. اهڙن خيالن جو اظهار هن دربار هال مڪلي ۾ ايندڙ پوليو مهم جي تيارين بابت ضلعي ڪميٽي جي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ پوليو خلاف مهم کي تيز ڪرڻ ۽ پنجن سالن کان گهٽ عمر جي هر ٻار کي پوليو کان بچاءُ جا ڦڙا پيارڻ جي اهميت تي زور ڏنو ويو جڏھن تہ ضلعي جي 30 يونين ڪائونسلن ۾ ٻہ لک 34 ھزار کان وڌيڪ ٻارن کي پوليو کان بچاءُ جا ڦڙا پيارڻ جو ھدف پڻ مقرر ڪيو ويو. ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر چيو ته صحت کاتي سميت سڀني اسٽيڪ هولڊرن کي هاءِ الرٽ رهڻ گهرجي ۽ پوليو وائرس جي خاتمي لاءِ 3 فيبروري کان 9 فيبروري 2025 تائين ست ئي ڏينهن جنگي بنيادن تي جدوجهد ڪرڻي پوندي. هُن سڀني لاڳاپيل کاتن جي آفيسرن کي هدايت ڪئي ته ٽيمون وڌائڻ جي ضرورت هجي ته ان سلسلي ۾ ٽيمون وڌائي ان ڳالهه کي يقيني بڻايو وڃي ته مهم دوران ڪو به ٻار پوليو جي ڦڙن کان محروم نه رهي ۽ مهم کي 100 سيڪڙو ڪامياب بڻائڻ لاءِ سڀئي موجود وسيلا استعمال ۾ آندا وڃن، ان ڏس ۾ ڪنهن به قسم جي غفلت برداشت نه ڪئي ويندي. هن چيو ته هڪ بهتر حڪمت عملي تحت ويڪسين کان پوءِ نشان ضرور لڳايا وڃن،
ٻي صورت ۾ بغير نشان جي زيرو ڊوز سمجهيو ويندو. هن چيو ته سڀني لاڳاپيل ادارن کي اڄ عهد ڪرڻو پوندو ته پاڻ ۾ هم آهنگي پيدا ڪري هڪ بهتر حڪمت عملي تحت هر ٻار کي پنھنجو ٻار سمجي پوليو جا ڦڙا پيارڻ گهرجن. هن سمورن اسسٽنٽ ڪمشنرن کي هدايت ڪئي ته پوليو مهم بابت حڪمت عملي تيار ڪرڻ لاءِ تعلقي سطح تي پڻ اجلاس منعقد ڪيا وڃن ته جيئن مهم کي ڪامياب بڻائي سگهجي. ڊپٽي ڪمشنر چيو ته ڳوٺ قاسم گُجڙيو، علي محمد گُجڙيو، مامون گُجڙيو ۽ قاسم اسٽيٽ ۾ 63 انڪاري ٻارن جي والدين کي قائل ڪري مختلف بيمارين کان بچاءُ جي ويڪسين لڳائي وئي آهي. هُن چيو ته انڪار جي صورت ۾ مقامي معززين ۽ لاڳاپيل چيئرمين کان مدد ورتي وڃي ته جيئن انڪار ڪندڙ ٻارن کي به پوليو جا ڦڙا پياري سگهجن. هن چيو ته صحيح ڊيٽا گڏ ڪيو وڃي، اسان سڀني کي ملڪ مان پوليو جي خاتمي کي يقيني بڻائڻ لاءِ هن قومي مقصد ۾ گڏجي جدوجهد ڪرڻي پوندي. ان کان اڳ اين-اسٽاپ آفيسر ڊاڪٽر عامر حسين ايندڙ مهم جي تيارين بابت تفصيلي بريفنگ پڻ ڏني. اجلاس ۾ ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ٽو فراز احمد عباسي، اسسٽنٽ ڪمشنر ٺٽو اعجاز علي هاليپوٽو، ڊي ايڇ او ڊاڪٽر سيد صفدر علي شاهه، اميونائيزيشن آفيسر ڊبليو ايڇ او ڊاڪٽر لائقہ، ضلعي مئنيجر يونيسيف سجاد حيدر کان علاوہ صحت، رينجرز، پوليس، تعليم، لوڪل گورنمينٽ ۽ ٻين لاڳاپيل کاتن جي آفيسرن سميت مرف، پي پي ايڇ آءِ ۽ ٻين مختلف اين جي اوز جي نمائندن شرڪت ڪئي. بعد ۾ ڊپٽي ڪمشنر منور عباس سومرو جي اڳواڻي ۾ ڊي سي آفيس کان عوام ۾ پوليو بابت شعور اجاگر ڪرڻ بابت هڪ واڪ پڻ ڪيو ويو. ان کان اڳ ڊپٽي ڪمشنر ٺٽي جي گاهيا ڳوٺ پھچي ٻارن کي پوليو جا ڦڙا پياري مهم جو افتتاح پڻ ڪيو.
Load/Hide Comments


