وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سان ڪراچي جي مڪاني ادارن جي نمائندن جي ٻه ڏهاڙي ملاقات جو احوال وڏي وزير جي سمورن مڪاني ادارن جي نمائندن سان ملاقات – شهر جي ترقي لاءِ سڀني کي گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو، وڏو وزير وڏي وزير پاران شهر ۾ گندگي پکيڙڻ وارن خلاف ڪارروائي لاءِ ميونسپل مئجسٽريٽ مقرر ڪرڻ جو فيصلو

ڪراچي (12 جولاءِ): سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه مڪاني ادارن جي نمائندن کي سنڌ حڪومت جي ڀرپور تعاون جي خاطري ڪرائيندي چيو آهي ته ميئر ڪراچي مرتضيٰ وهاب جي اڳواڻي ۾ اوهان سمورن نمائندن جا مسئلا حل ڪري سنڌ حڪومت کي مضبوط ڪرڻ چاهيون ٿا ۽ سڀ گڏجي ڪم ڪندؤ ته شهر ترقي ڪندو. هن اها ڳالهه ڪراچي جي بلدياتي نمائندن، ميئرز ۽ ٽائون چيئرمينن سان ملاقات کي خطاب ڪندي چئي. سنڌ جي وڏي وزير سمورن بلدياتي نمائندن جي مهمان نوازي چانهه، بسڪيٽ، پڪوڙا، دهي بڙا ۽ جليبي سان ڪئي. ان موقعي تي ڪي ايم سي جي ميئر مرتضيٰ وهاب، ڊپٽي ميئر سلمان مراد ۽ ٽائون چيئرمين ۽ وائيس چيئرمين سان گڏ ضلع ڏکڻ ٽائون مان 2، اولهه ٽائون مان 5، ڪيماڙي مان 3، ملير 3، سينٽرل 5، اوڀر 5 ۽ ڪورنگي ٽائون مان 4 شھرن جي نمائندن شرڪت ڪئي. اجلاس جي شروعات ۾ سنڌ جي وڏي وزير پيپلز پارٽي، جماعت اسلامي، پي ٽي آءِ ۽ آزاد چونڊيل ٽائون چيئرمين/وائيس چيئرمينن کي ڀليڪار ڪندي چيو ته توهان سڀني سان ملاقات جو مقصد بهتر ڪارڪردگي لاءِ هم آهنگي پيدا ڪرڻ آهي. هن چيو ته چونڊن ۾ حصو وٺڻ هڪ سياسي عمل آهي ۽ هاڻي ان سياست کان اڳتي وڌي شهر جي خدمت ڪندي مڪاني ادارن کي مضبوط ڪرڻ آهي. سنڌ جي وڏي وزير سنڌ حڪومت جي ڀرپور تعاون جو يقين ڏياريندي چيو ته ميئر ڪراچي مرتضيٰ وهاب جي قيادت ۾ سڀني جا مسئلا حل ڪيا ويندا ۽ سڀ گڏجي ڪم ڪندا ته شهر ترقي ڪندو. ان موقعي تي ڳالهائيندي ميئر ڪراچي چيو ته هو چونڊيل نمائندن جي مشاورت سان وڏي وزير جي سهڪار سان شهر جا مسئلا حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو. پارٽي قيادت پاران هدايت آهي ته هن شهر سميت سڄي صوبي جا مسئلا حل ڪيا وڃن. هن چيو ته شهر جي مسئلن جو حل پيپلز پارٽي جي قيادت وٽ ئي آهي، اسان جي قيادت ڪراچي جي عوام سان مخلص آهي. هن چيو ته اسان گڏجي شهر جا وڏي عرصي کان هلندڙ مسئلا حل ڪنداسين. اجلاس ۾ سنڌ جي وڏي وزير شهر جي نمائندن جا مختلف مسئلا ۽ تجويزون ٻڌي سيڪريٽري لوڪل گورنمينٽ

نجم شاهه کي هدايت ڪئي ته هو انهن تجويزن تي عمل ڪن. وڏي وزير چيو ته چاهيان ٿو ته ڪراچي شهر صاف، خوبصورت ۽ وڻنندڙ نظر اچي. 6 مھينن جي ٽرانزيڪشن پريڊ ۾ سخت محنت ڪري ڏيکارڻي آھي. سنڌ جي وڏي وزير سمورن لوڪل باڊي چيئرمينن کي هدايت ڪئي ته هو پنهنجي مسئلن بابت کيس لکت ۾ ڏين ۽ مان توهان جي سڀني مسئلن کي حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندس. اجلاس ۾ سنڌ جي وڏي وزير ميونسپل مئجسٽريٽ جي مقرري جو فيصلو ڪندي چيو ته ميونسپل مئجسٽريٽ شهر ۾ گندگي پکيڙندڙن خلاف ڪارروائي ڪندو. سنڌ جي وڏي وزير مڪاني ادارن جي نمائندن کي هدايت ڪئي ته پاڻي چوري کي هر صورت ۾ روڪيو وڃي ۽ نالن ۽ سالڊ ويسٽ جي صفائي کي يقيني بڻايو وڃي. هن وڌيڪ هدايت ڪئي ته توهان پنهنجي علائقي جي روڊن، ندين، پلن جي حفاظت ڪريو ۽ جعلي ۽ گھوسٽ ملازمن جي نوڪري ختم ڪيو. سنڌ جي وڏي وزير هڪ ڀيرو ٻيهر مڪاني ادارن جي نمائندن تي زور ڏيندي چيو ته اسان سڀني کي گڏجي شهر جي خدمت ڪرڻي آهي هڪٻئي سان سهڪار ڪيو ۽ آئون اوهان جا هٿ مضبوط ڪندس.
گذريل ڏينهن اجلاس جو احوال: سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ گذريل ڏينهن مڪاني ادارن واري کاتي جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ مڪاني ادارن وارو وزير ناصر شاهه، ڪراچي جو ميئر مرتضيٰ وهاب، ڊپٽي ميئر سلمان مراد، سيڪريٽري بلديات نجم شاهه ۽ ٻين شرڪت ڪئي. وڏي وزير چيو ته آئون چاهيان ٿو ته ميئر ۽ ڊپٽي ميئر ڪراچي جي ڀرپور خدمت ڪن، ڪراچي شهر کي ماضي ۾ ترقياتي ڪمن، صفائي سٿرائي ۽ عوامي مسئلن جي حوالي سان تعصب جو نشانو بڻايو ويو آهي. هن وڌيڪ چيو ته هو شهر ۽ عوام جي بنا ڪنهن فرق جي خدمت ڪرڻ چاهي ٿو. هن چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي جي حڪومت شهر ۾ امن امان بحال ڪيو آهي ۽ اسان جي حڪومت شهر ۾ ترقياتي ڪم ڪرايا آهن جنهن سبب عوام پيپلز پارٽي کي ڪامياب ڪيو. هن چيو ته پيپلز پارٽي جي قيادت جو حڪم آهي ته بلدياتي نمائندا شهر ۾ اچي عوام جا مسئلا حل ڪن. اجلاس ۾ مڪاني ادارن واري وزير ناصر شاهه چيو ته شهر ۾ واٽر بورڊ جي ڪم کي بهتر بڻائڻ جي ضرورت آهي ۽ سنڌ سالڊ ويسٽ جي ڪم کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ جي ضرورت آهي. ان موقعي تي ڪراچي جي ميئر اجلاس کي خطاب ڪندي ان عزم جو اظهار ڪيو ته هو شهر جي سمورن ادارن کي بهتر ۽ مضبوط ڪرڻ لاءِ ڀرپور محنت ڪندو. وڏي وزير چيو ته شهر جي ٽرانسپورٽ، روڊن، نيڪال کي وڌيڪ بهتر بڻايو وڃي، ڪي ايم سي پنهنجي مالي وسيلن کي وڌائي ۽ بهتر بڻائي. وڏي وزير ميئر کي هدايت ڪئي ته هو سمورن ٽائونن جي نمائندن کي گڏ کڻي هلي ۽ ڪي ايم سي ٽائونز ۽ ڪينٽونمينٽس سان گڏجي ڪم ڪن. سنڌ جي وڏي وزير مڪاني ادارن واري وزير کي پڻ هدايت ڪئي ته هو نون ٽائونن جا مسئلا ترت حل ڪري ۽ نون مڪاني ادارن جي نمائندن ۽ ادارن کي فعال ڪيو وڃي. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته محرم اچي رهيو آهي، سمورا بلدياتي ادارا پنهنجن علائقن ۾ نيڪال، اسٽريٽ لائيٽس ۽ روڊن کي بهتر ڪن.
عبدالرشيد چنا
ميڊيا ڪنسلٽنٽ، وزيراعليٰ سنڌ
==============================

اپنا تبصرہ بھیجیں