سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ هڪ اجلاس ۾ سندھ انسٽيٽيوٽ آف ڪارڊيو ويسڪولر ڊزيزز (SICVD) جي ڪارڪردگي ۽ مستقبل جي ترقياتي منصوبن جو جائزو ورتو ويو.

ڪراچي (21 مئي): سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ هڪ اجلاس ۾ سندھ انسٽيٽيوٽ آف ڪارڊيو ويسڪولر ڊزيزز (SICVD) جي ڪارڪردگي ۽ مستقبل جي ترقياتي منصوبن جو جائزو ورتو ويو. هي ادارو صوبي جي سطح تي دل جي مرضن جو مفت ۽ عالمي معيار جو علاج فراهم ڪندڙ هڪ اهم طبي نيٽ ورڪ بڻجي چڪو آهي. اجلاس وزيراعليٰ هائوس ۾ ٿيو جنهن ۾ وزير صحت ڊاڪٽر عذرا فضل پيچوهو، چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاهه، سيڪريٽري صحت ريحان بلوچ، سيڪريٽري وزيراعليٰ زمان ناريجو ۽ SICVD جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر پروفيسر جاويد سيال سميت ٻين سينيئر عملدارن شرڪت ڪئي. وڏي وزير SICVD کي عوامي صحت جو مثالي ماڊل قرار ڏنو ۽ چيو ته هي ادارو دل جي هنگامي علاج، پيچيده سرجيرين ۽ ٻارن لاءِ دل جي بيمارين جي سڀني خدمتن کي مڪمل طور مفت فراهم ڪري رهيو آهي. هن چيو ته هي ادارو هزارين مريضن لاءِ خاص طور تي انهن لاءِ جيڪي خانگي علاج جو خرچ برداشت نٿا ڪري سگهن، زندگيءَ جي اميد بڻجي ويو آهي. SICVD جو نيٽ ورڪ؛ سنڌ حڪومت جي سرپرستيءَ هيٺ SICVD جو نيٽ ورڪ پاڪستان جي سڀ کان وڏن دل جي علاج وارن نظامن مان هڪ بڻجي ويو آهي جيڪو صوبي ۾ 10 مڪمل ڪارڊيالاجي اسپتالن ۽ 29 چيسٽ پين يونٽن تي مشتمل آهي. ڪراچي کان ڪشمور تائين هي نيٽ ورڪ جديد سهولتون جهڙوڪ تشخيصي ليبارٽريون، انٽروينشنل ڪارڊيالاجي، دل جون سرجيريون، فالج يونٽ ۽ ايمرجنسي سروسز فراهم ڪري رهيو آهي. وڏي وزير چيو ته ملڪ ۾ ڪوبه ٻيو سرڪاري ادارو دل جي علاج ۾ رسائي ۽ معيار جي لحاظ کان SICVD جي مقابلو نٿو ڪري سگهي . هڪ اهم اعلان ڪندي وڏي وزير مراد علي شاهه ٻڌايو ته ڪراچي جي لانڍي واري علائقي ۾ “ذوالفقار علي ڀٽو انسٽيٽيوٽ آف ڪارڊيو ويسڪولر ڊزيزز” تعمير هيٺ آهي جنهن کي دنيا جو سڀ کان وڏو دل جو اسپتال قرار ڏنو پيو وڃي. هي شاندار منصوبو 1200 بسترن تي مشتمل هوندو جنهن ۾ 5 جديد آپريٽنگ ٿيٽر، 4 ڪيٿ ليب، 1 هائبرڊ ليب، جديد CT ۽ MRI جون سهولتون، ٻارن جي دل جي علاج جو مڪمل نظام، هڪ ريسرچ سينٽر ۽ نرسنگ اسڪول شامل هوندو. هي قدم پاڪستان کي دل جي بيمارين جي علاج ۽ تحقيق ۾ خطي جو اڳواڻ بڻائڻ ڏانهن هڪ انقلابي واڌارو هوندو. ٽنڊو محمد خان ۽ حيدرآباد ۾ نوان ترقياتي منصوبا: اجلاس دوران وڏي وزير کي ڄاڻايو ويو ته SICVD جي توسيعي منصوبن ۾ ٽنڊو محمد خان ۽ حيدرآباد ۾ اهم ترقياتي ڪم شامل آهن. ٽنڊو محمد خان ۾ نئين سهولت جلد افتتاح لاءِ تيار آهي جنهن ۾ هڪ اضافي آپريشن ٿيٽر، ٻارن لاءِ خاص PICU، سرجيڪل ICU، ۽ جديد ٽيڪنالاجي سان ليس CSSD شامل آهن. اهي سهولتون علائقي ۾ سرجري ۽ خاص نگهداشت جي صلاحيت کي نمايان طور تي بهتر بڻائينديون. حيدرآباد ۾ جديد سهولتون؛ حيدرآباد ۾ تازو ئي هڪ نئون 8 بسترن تي مشتمل ٽرياج يونٽ قائم ڪيو ويو آهي جيڪو نازڪ مريضن جي فوري جاچ لاءِ مخصوص آهي جڏهن ته 19 بسترن وارو ايمرجنسي ڊپارٽمينٽ به فعال ڪيو ويو آهي. هي قدم خاص طور پٺتي پيل علائقن تائين برابر طبي سهولتون پهچائڻ جي حڪومتي عزم جو ثبوت آهن. اين آئي سي وي ڊي جو اڳيون مرحلو: وڏي وزير کي ڄاڻايو ويو ته ادارو مستقبل لاءِ گرائونڊ پلس ست ماڙ عمارت جي منصوبي تي ڪم ڪري رهيو آهي جنهن ۾ 300 بسترن واري ان پيشينٽ سهولتون، ٻارن جي دل جي جديد نگهداشت، وڌيڪ آپريٽنگ ٿيٽرز ۽ ڪيٿ ليبز، CT ۽ MRI جون جديد سهولتون شامل هونديون. مراد علي شاهه تعميراتي ڪم جي تيزي، معيار جي يقيني بڻائڻ ۽ مريضن کي مرڪز بڻائڻ جي هدايت ڪئي. هن اهو به چيو ته مانيٽرنگ جو نظام مضبوط ڪيو وڃي ته جيئن هر خرچ جا مؤثر ۽ جوڳا نتيجا نڪري سگهن.
عبدالرشيد چنا
ميڊيا ڪنسلٽنٽ، وزيراعليٰ سنڌ

اپنا تبصرہ بھیجیں