
ٺٽو(رپورٽ علي گوهر قمبراڻي) ٺٽي جي شاعرن، اديبن ۽ ساڃاھ وندن آرڪيالاجي کاتي پاران نوري جي قبر کي قومي ورثي ۾ شامل ڪرڻ تي خوشي جي اظھار سميت آرڪيالاجي کاتي پاران نوري جي قبر کي ڪينجھر ڍنڍ اندر ھجڻ واري اعلان ۽ فيصلي تي ڳڻتي ظاھر ڪندي چيو آھي تہ نوري جي قبر ڪينجھر ڍنڍ ۾ نہ پر سنڌ جي تاريخي ماڳ مڪلي تي ڄام نظام الدين جي مزار جي ڀرسان آھي، آرڪيالاجي وارا سنڌ جي امر ۽ تاريخي ڪردارن سان ويساھ گھاتي نہ ڪن. ھنن اھي ڳالھيون سنڌي ادبي سنگت شاخ ٺٽي جي دستوري گڏجاڻي جيڪا ڪالم نگار ۽ صحافي خدا بخش بروھي جي صدارت ۾ ٿي گذري، جنھن کي خطاب ڪندي ڪيو. گڏجاڻي ۾ حڪومت ۽ آرڪيالاجي کاتي کي نوري جي قبر جو صحيح تعين ڪرڻ جي گذارش ڪندي مقررين وڌيڪ چيو تہ نوري ۽ ڄام تماچي جون قبرون مڪلي ۾ آھن، ڪينجھر تي جنھنکي نوري جي قبر قرار ڏنو ويو آھي، اھا نوري جي قبر ناھي انڪري نوري جي قبر کي مڪلي ۾ ڊڪليئر ڪري قومي ورثي ۾ شامل ڪيو وڃي. دستوري گڏجاڻي ۾ سنڌي ادبي سنگت جي مرڪزي پريس ترجمان رمضان ميمڻ غزل، ضلعي رابطا سيڪريٽري فقير اڪرم گيت، انور شاھ مضمون، مارو خشڪ نظم، سنڌو سنڌي ڪالم جسارت الياس غزل، لال بزش ڪاتيار مارو خشڪ جو پروفائل، نبي بخش بھراڻي گيت، مجيد جماري مضمون، محمد خان ملاح ڪلام، عزيز پليجي بيت، حميد خشڪ گيت، منظور حساس وائي پيش ڪئي، پيش ڪيل اسمن تي تنقيدي نگاھ پڻ وڌي وئي. گڏجاڻي ۾ فيصلو ڪيو ويو تہ عاشوري کانپوءِ “ادب جو سياست ۾ ڪردار“ جي عنوان ھيٺ پروفيسر اعجاز جاکرو کان ليڪچر ڪرايو ويندو.
========================


