ٺٽي ۽ مڪلي جي عوام کي درپيش بنيادي مسئلن جي حل لاء ڊي سي ٺٽو پاران شھرين ۽ انتظامي عملدارن جي سڏايل گڏجاڻي ۾ حيسڪو آبپاشي جي ايڪسين سميت ميونسپل ڪميٽي ٺٽي جي ايڊمنسٽريٽر شرڪت نه ڪئي،

ٺٽو(رپورٽ علي گوهر قمبراڻي) ٺٽي ۽ مڪلي جي عوام کي درپيش بنيادي مسئلن جي حل لاء ڊي سي ٺٽو پاران شھرين ۽ انتظامي عملدارن جي سڏايل گڏجاڻي ۾ حيسڪو آبپاشي جي ايڪسين سميت ميونسپل ڪميٽي ٺٽي جي ايڊمنسٽريٽر شرڪت نه ڪئي، ٺٽو ۽ مڪلي تي پاڻي، بجلي ۽ گئس جي مسئلن بابت شھرين جي احتجاجي ڌرڻي بعد عملدرآمد جي سلسلي ۾ ڊي سي آفيس ٺٽو جي درٻار هال ۾ ڊي سي ٺٽو غلام فاروق سومرو جي صدارت هيٺ گڏجاڻي سڏائي ويئي، جنھن ۾ لاڳاپيل کاتن جي عملدارن پاران شرڪت نه ڪرڻ توڙي بجلي جي ڊگهي لوڊشيڊنگ جو سلسلو برقرار رکڻ تي ايڪسين حيسڪو خلاف ڪارروائي ڪري کيس ضلعي بدر ڪرڻ لاء اعليٰ اختيارين کي ڊي سي پاران خط لکڻ جو فيصلو ڪيو ويو، گڏجاڻي ۾ شھرين، سياسي سماجي ۽ وڪيل اڳواڻن کان ٻن ڏينهن جي مهلت وٺندي ڊي سي ٺٽو ميونسپل انتظاميه خلاف پڻ ڪارروائي جي خاطري ڪرائي ويئي، ان موقعي تي شھري اڳواڻن صحافي اقبال جاکرو، سيد اعزاز حسين شاھ، سيد جلال شاھ، ڊاڪٽر شبير شاھ، جاويد شاھ، رضوان شاھ، سيد اسدالله شاھ، جليل کونڀاٽي چيو تہ 2 ڏينهن گذرڻ باوجود ٺٽي ۽ مڪلي جي شھرين کي واعدي باوجود پاڻي جي فراهمي بحال نه ٿي سگهي آھي، ان کانسواء حيسڪو انتظاميه هٿ وٺي 15-15 ڪلاڪ بجلي بند رکي رهي آھي جنهن جا ذميوار لاڳاپيل عملدار آھن، گڏجاڻي ۾ شھري اڳواڻ پاران بنيادي عوامي مسئلن جي حل لاء عملدارن جي غير سنجيدگي تي سخت ڪاوڙ جو اظھار ڪري انھن خلاف نعريبازي پڻ ڪئي، ٻئي طرف ڊي سي ٺٽو غلام فاروق سومرو پاران عملدارن جي اهڙي رويي تي سخت ڪاوڙ جو اظھار ڪندي ڪمشنر، حيسڪو چيف ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن ۽ سنڌ حڪومت کي مسئلا پيدا ڪرڻ جو ذميوار لاڳاپيل عملدارن کي قرار ڏيڻ ۽ امن و امان جي امڪاني خدشي سبب حيسڪو جي ايڪسين ۽ ميونسپل ايڊمنسٽريٽر کي فوري طور ضلعي بدر ڪرڻ لاء خط لکڻ جي شھرين کي خاطري ڪرائيندي ڊي سي ٺٽو چيو تہ ڏاڍو افسوس ٿيو آھي جو پرامن احتجاج ڪندڙ شھرين سان ڳالهيون ڪري کين مسئلا حل ڪرائڻ جي خاطري ڪرائي پر حيسڪو، ميونسپل توڙي آبپاشي انتظاميه سنجيده ناهي، هاڻي باقاعده تحريري طور سندن خلاف ڪارروائي لاء لکيو ويندو.
=====================

اپنا تبصرہ بھیجیں