ٺٽي جي ولھاري برادري جي معزز نظير احمد ولھاري مڪلي تي صحافين سان ڳالھائيندي انڪشاف ڪندي چيو آھي تہ مڪلي جي تاريخي قبرستان جيلاني ھائوس ڀرسان قائم ولھارين جي قديمي قبرستان……

ٺٽو(رپورٽ علي گوهر قمبراڻي) ٺٽي جي ولھاري برادري جي معزز نظير احمد ولھاري مڪلي تي صحافين سان ڳالھائيندي انڪشاف ڪندي چيو آھي تہ
مڪلي جي تاريخي قبرستان جيلاني ھائوس ڀرسان قائم ولھارين جي قديمي قبرستان ۾ گذريل عيد واري رات دير سان بغير ڪنھن اجازت جي سندن قبرستان ۾ ھڪ شخص کي دفنائي قبر پڪي ڪرڻ سميت ان تي فوتي شخص جو نالي جي تخطي لڳائي ويئي اھر،

جنھن تي فوتي شخص جو نالو مرحوم مٺو ولد مرحوم ڌڻي بخش چانگ وفات جي تاريخ 23.08.2023 لکيل آھي، جيڪا تاريخ ۽ مھينو اڃان آيو ئي ناھي، ھن چيو تہ ماڻھون اسانجي قبرستان ۾ اھڙي طريقي سان دفنايا پيا وڃن، جيڪو معاملو سمجھ ۾ بہ نٿو اچي تہ اھو طريقو قبرستان تي مبينا قبضي جو اھي يا واقعي ماڻھون دفنايو ويو اھي، جنھن معاملي جي انتظاميہ کي جانچ ڪري اسانجي قبرستان کي محفوظ بڻائي.

=======================

اپنا تبصرہ بھیجیں