سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه صوبي جي پٺتي پيل علائقن ۾ ٻارن کي جديد ڊجيٽل لرننگ سسٽم ذريعي معياري تعليم ڏيڻ لاءِ حڪومت سان فعال طور تي ڀاڱي ڀائيوار غير منافع بخش تنظيمن جي ڪوششن کي ساراهيو آهي.

ڪراچي (20 جنوري): سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه صوبي جي پٺتي پيل علائقن ۾ ٻارن کي جديد ڊجيٽل لرننگ سسٽم ذريعي معياري تعليم ڏيڻ لاءِ حڪومت سان فعال طور تي ڀاڱي ڀائيوار غير منافع بخش تنظيمن جي ڪوششن کي ساراهيو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار وڏي وزير سومر ڏينهن ڪورنگي جي پٺتي پيل علائقن ۾ سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن جي سهڪار سان ٻن مختلف اين جي اوز پاران هلايل اسڪولن جي اوچتو معائني دوران ڪيو. سندس پهريون دورو بلال ڪالوني ۾ گرين ڪريسينٽ ٽرسٽ (جي سي ٽي) اسڪول جو ڪيو. پرنسپل ارم فاطمه وڏي وزير کي ٻڌايو ته اسڪول ۾ گهٽ آمدني وارن خاندانن جا 559 شاگرد آهن ۽ هن اسڪول ۾ اٺين درجي تائين تعليم ڏني ويندي آهي. ان کان علاوه اسڪول پنجن سالن کان گهٽ ڄمار وارن ٻارن لاءِ پري اسڪول جي تعليم پڻ فراهم ڪري ٿو. وڏي وزير کي ٻڌايو ويو ته سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن ٻارن جي داخلا جي بنياد تي پارٽنر اسڪولن کي باقاعده مالي مدد فراهم ڪري ٿي. اڄڪلهه سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن اين جي اوز پاران هلائيندڙ اسڪولن کي هر ٻار لاءِ 1300 رپيا ماهوار مالي مدد فراهم ڪري رهي آهي. وڏي وزير تعليم واري وزير تي زور ڏنو ته شهر ۾ سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن سان لاڳاپيل اسڪولن جي باقاعدي معائني کي يقيني بڻايو وڃي. هن زور ڏنو ته حڪومت جي ڪوششن جا مثبت نتيجا نڪرڻ گهرجن. دوري دوران پرنسپل چيو ته اسڪول جي گهٽ گنجائش سبب مستحق خاندانن مان 1000 کان وڌيڪ ٻارن کي داخلا ڏيڻ کان قاصر آهن. وڏي وزير مراد علي شاهه انهن کي يقين ڏياريو ته سندس حڪومت اسڪول جي گنجائش وڌائڻ جي ڪوششن ۾ سهڪار ڪندي ۽ صلاح ڏني ته ڄاڻايل معاملي بابت تعليم واري وزير سان رابطو ڪن. وڏي وزير ڪلاس رومن جو دورو ڪيو ۽ شاگردن سان ڳالهه ٻولهه ڪئي، تعليمي سرگرمين ۽ روزاني حاضري رجسٽر جو جائزو ورتو. ٽيچ دي ورلڊ فائونڊيشن جو صدر شفيق خان پڻ ان موقعي تي موجود هو. جنهن وڏي وزير کي جديد ٽيڪنالاجي جي مدد سان تدريسي طريقن بابت آگاهه ڪيو ته جيئن پٺتي پيل علائقن جي ٻارن لاءِ تعليم جي معيار کي بهتر بڻائي سگهجي. گرين ڪريسنٽ ٽرسٽ گذريل 30 سالن کان سنڌ ۾ اسڪول کان ٻاهر ٻارن کي تعليم فراهم ڪرڻ ۾ سرگرم آهي ۽ صوبي جي ڏورانهن علائقن ۾ 170 فلاحي اسڪولن جو نيٽ ورڪ هلائي ٿو. اهي اسڪول هن وقت گهٽ آمدني وارن خاندانن جي 32800 کان وڌيڪ شاگردن کي تعليم ڏين ٿا. انهن مان 19 اسڪول سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن سان لاڳاپيل آهن جن مان 12 ڪراچي ۾ آهن. ماتلي ۾ هڪ بهترين ڪيمپس انگريزي ۾ تعليم ڏئي رهيو آهي ۽ جديد سهولتن سان ليس پڻ آهي. ڊجيٽل مائڪرو اسڪول: وڏي وزير عوامي ڪالوني ۾ ڊجيٽل مائڪرو اسڪول جو دورو ڪيو جيڪو پڻ سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن جي سهڪار سان هلائي رهيو آهي. انهن کي ٻڌايو ويو ته اسڪول ۾ 100 شاگردن کي تعليم ڏيڻ لاءِ ٽيبليٽ ڪمپيوٽر استعمال ڪيا پيا وڃن جيڪي سڀئي غريب پس منظر مان هئا ۽ اڳ ڪڏهن به اسڪول نه ويا هئا. وڏو وزير ڪلاس روم جي پَٽ تي ويٺو ۽ ٻارن سان ڳالهه ٻولهه ڪئي. دوري دوران وڏي وزير مراد علي شاهه شاگردن جي ٽيبليٽ ڪمپيوٽرن ذريعي انگريزي ۽ رياضي جهڙن مضمونن جي باقاعده ڪلاس روم ۾ تدريس جي عمل جو جائزو ورتو. هن چيو ته هن سرپرائيز دوري جو مقصد هڪ پٺتي پيل علائقي ۾ تعليمي نتيجن تي ٽيبليٽ ڪمپيوٽرن جي استعمال جي اثر جو جائزو وٺڻ هو. هن وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن هي طريقو شاگردن جي تعليم لاءِ اثرائتو ثابت ٿيو ته ان کي ٻين اسڪولن تائين وڌايو ويندو. وڏي وزير اسڪول ويندڙ ٻارن جي خاندانن سان پڻ ڳالهه ٻولهه ڪئي جن مان گهڻا مزدور آهن، ۽ انهن جي ڀائرن ۽ ڀينرن لاءِ تعليمي موقعن بابت پڇاڻو ڪيو. ان کان علاوه هن عوامي ڪالوني جي رهواسين سان ملاقات ڪئي کين مسئلا ٻڌا ۽ انهن کي فوري حل جو يقين ڏياريو. هن خاندانن تي زور ڏنو ته اهي يقيني بڻائين ته هر ٻار کي معياري تعليم ملي ڇاڪاڻ ته اهو انهن جي زندگي جي معيار کي بهتر بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو. آخر ۾ وڏي وزير اعلان ڪيو ته هو تعليمي ادارن، پوليس ٿاڻن، روينيو آفيسن ۽ ٻين عوامي سهولتن جو اوچتو دورو جاري رکندو ته جيئن انهن جي ڪارڪردگي جو جائزو وٺي سگهجي. هن ڪراچي ۾ مقامي حڪومتي ادارن خاص طور تي شهر جي صفائي جي مسئلن کي حل ڪرڻ جي ڪمن جو جائزو وٺڻ جو ارادو پڻ ظاهر ڪيو .
عبدالرشيد چنا
عبدالرشيد چنا
ميڊيا ڪنسلٽنٽ، وزيراعليٰ سنڌ

اپنا تبصرہ بھیجیں