قبرستان بچايو ايڪشن ڪميٽي جي ڪوششن نيٺ رنگ لاٿو، پھرين مرحلي ۾ مڪلي قبرستان ۾ پنھنجي اباڻن قبرستانن لاءِ محفوظ رستا وٺڻ لاءِ قبرستان بچايو ايڪشن ڪميٽي

ٺٽو(رپورٽ علي گوهر قمبراڻي) قبرستان بچايو ايڪشن ڪميٽي جي ڪوششن نيٺ رنگ لاٿو، پھرين مرحلي ۾ مڪلي قبرستان ۾ پنھنجي اباڻن قبرستانن لاءِ محفوظ رستا وٺڻ لاءِ قبرستان بچايو ايڪشن ڪميٽي جي اڳواڻن مولوي عبدالباسط صديقي، ضياء الدين دايو، ڪامريڊ محمد صديق قمبراڻي، سيد طالب شاھ اميرخاني، حامد مغل، حاجي وسيم اختر ٽڪاڻي، علي گوھر قمبراڻي، عزيز پکيئڙو، علي ماڻڪاڻي، ولي محمد قمبراڻي ۽ ٻين پاران آرڪيالاجي کاتي جي انجينئر سرفراز جتوئي سان گڏ مڪلي قبرستان جو دورو ڪري مقامي ماڻھن جي تدفين لاءِ رستن جي چونڊ تي غور ويچار ڪندي فيصلو ڪيو ويو تہ ڀٽي ھوٽل مڪلي جي مسافر خاني کان شاھ پريون، گرڊ اسٽيشن کان درگاھ شيخ جيئو، درگاھ حضرت عبدالله شاه اصحابي، درگاه شاہ مراد کان مائي مڪلي، گودڙو پير کان امير خاني مقام تائين جا رستا تجويز ڪيا ويا جن تي جلد انتظاميه سان گڏجاڻي ڪري شھرين کي رستن بابت آگاھي ڏني ويندي، جيئن مقامي ماڻھون پنھنجي پيارن جي قبرستانن تائين پھچڻ سميت پنھنجي پيارن کي مڪلي قبرستان ۾ دفنائي سگھن. ياد رھي تہ مڪلي قبرستان کي ورلڊ ھيريٽج لسٽ ۾ شامل ڪرڻ بعد انتظاميہ طرفان مقامي ماڻھن کي پنھنجي پيارن جا لاش مڪلي قبرستان ۾ نہ دفنائڻ توڙي سندن رستا بند ڪرڻ واري عمل خلاف ٺٽو، مڪلي ۽ ان جي آسپاس جي رھواسين پاران اھڙي عمل خلاف سخت آواز اٿارڻ توڙي سنڌ حڪومت، چونڊيل نمائندن سميت سمورن اعلي اختيارين سان ملاقاتون ڪري کين پنھنجي خدشن کان آگاھ ڪرڻ بعد سرڪاري سطح تي ھڪ ڪميٽي جوڙي ويئي ھئي، جنھن ڪميٽي جي اڳواڻن جي ڪوششن سان مڪلي قبرستانن ڏانھن مختلف ھنڌن تان ويندڙ رستن جي بحالي جو فيصلو ڪيو ويو آھي، جيڪا ٺٽو ۽ مڪلي جي عوام جي وڏي ڪاميابي آھي،
=========================

اپنا تبصرہ بھیجیں