
ٺٽو(رپورٽ: علي گوهر قمبراڻي)سگا پاران سنڌي ٻولي کي قومي ٻولي جو درجو ڏيارڻ لاءِ جاڳرتا مھم جاري آھي، گورنمينٽ بوائز ھاءِ اسڪول مخدوم محمد ھاشم ٺٽوي ۾ سگا پاران سيمينار منعقد ڪيو ويو. سيمينار کي تعليمدانن نور سرائي، ممتاز ٻجورو، نظام الدين کڏائي، سگا جي ضلعي صدر شمس کڏائي، عبدالحڪيم ميمڻ، ڪي ڪي شورو، عوامي شاعر ڊاڪٽر مارو خشڪ ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو تہ سنڌي ٻولي سنڌ جي ھزارين سال قديم ٻولي آھي، سنڌي ٻولي تھذيبن جي ماءُ آھي، سنڌ جي قديم ٻولي کي پاڪستان ۾ نظرانداز ڪيو پيو وڃي، سنڌي ٻولي کي قومي ٻولي جو درجو ڏنو وڃي. ھنن چيو تہ ٻولي سان لاڳاپيل فردن کي تعليم ۽ تربيت ڏني وڃي ٿي، سماج جي ھر فرد کي ٻولي جي معاملي تي ڪردار ادا ڪرڻ گھرجي. ٻولي هر قوم ۽ سماج لاءِ ساھ جي حيثيت رکي ٿي، تنهن ڪري ٻولي نہ صرف ڳالھائڻ جو هڪ ذريعو آھي پر ٻولي قومن ۽ سماجن جي سڃاڻپ پڻ آھي. ٻولي جي ذريعي نہ صرف اسان پنھنجا جذبا، خيال، نظريا، ڳالھيون وغيرہ هڪ ٻئي سان ونڊيون ٿا يا بيان ڪريون ٿا پر ٻولي اسان جي شخصيت، اخلاق، ريتن رسمن، اٿڻي ويھڻي کي پڻ ظاھر ڪري ٿي. جڏھن تہ سگا پاران سنڌي ٻولي کي قومي ٻولي جو درجو ڏيارڻ لاءِ شمس کڏائي، عبدالحڪيم ميمڻ، ظفر ميمڻ، محمد رفيق پکيئڙو، سماجي اڳواڻ حامد علي مغل، عبدالجليل کونڀاٽي، عبدالمطين ميمڻ، سھيل احمد راجا ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ بوائز ھاءِ اسڪول ٺٽو کان جاڳرتا ريلي ڪڍي وئي، جيڪا مختلف ھنڌن کان ٿيندي پريس ڪلب ٺٽو اڳيان پھتي، ريلي ۾ اسڪولي ٻارڙا پڻ وڏي انگ ۾ موجود ھئا.


