
ٺٽو(رپورٽ: علي گوهر قمبراڻي) سنڌ جي ڪوهستاني پٽي علم و ادب جي حوالي سان تمام گھڻي زرخيز آھي جنھن سنڌي ادب کي انمول ھيرا ڏنا جن پنھنجي لکڻين وسيلي جڳ جرڪائي ڇڏيو مسرور شفيع جوکيو ڪوھستان جو اھو شاعر آھي جنھن جي شاعري ۾ ديس جو درد، دانھن ۽ ڪوڪ شامل آھي. اھڙو اظھار ننگر ادبي گھر پاران ڪوھستان جي شاعر مسرور شفيع جوکيو جي شعري مجموعي ”وڇوڙي جون گھڙيون“جي پڌرائي تقريب ۾ مقررن ڳالھائيندي ڪيو. مک مھمانن نامور شاعر امجد دراني، پروفيسر امان اللہ جوکيو، رمضان ميمڻ، بشارت الياس، حميد مھراڻوي چيو تہ شاعري ماڻھن جي جذبن، احساسن، امنگن جي ترجمان ٿئي ٿي شاعري انساني خواھشن جي ترجمان ٿئي ٿي. مسرور شفيع جوکيو جي شاعري ۾ ديس جو درد، سماجي مسئلن جا اولڙا ۽ عڪس بہ آھن تہ جمالياتي رنگ بہ ڪمال جو آھي ھن ڪوھستان تي ڌاڙي کان ويندي قومي معامرنتي قلم کي جنبش ۾ آندو آھي ھي ماڻھن جو شاعر آھي سندس سٽ سٽ ۾ مظلوم طبقي جون پيڙائون شامل آھن. انھيءَ موقعي تي ماروخشڪ، انور شاھ، صفدر ٺٽوي، فقير اڪرم، احسان ھاليپوٽو ۽ ٻين پڻ تقريرون ڪندي مسرور شفيع کي سنڌ پرست شاعر قرار ڏنو.
Load/Hide Comments


