
لاڏاڻو: پاڪستاني شهرين ايتوار (13 اپريل) تي “پنڪ مون” جو دلڪش منظر ڏسي سگهندا، جيڪو بهار جي موسم جي شروعات جو نشان آهي. هي مڪمل چنڊ 12 اپريل تي آمريڪي وقت مطابق رات 8 بجا 23 منٽ تي پنهنجي عروج تي هوندو، پر پاڪستان ۾ 13 اپريل رات 9:08 وڳي (ڪراچي ۾) اڀرندو ۽ سڄي رات آسمان تي روشن رهندو.
فلڪيات جي ماهرن جو چوڻ آهي تہ افق تي چنڊ جي اڀرڻ واري وقت سندس نظارو تمام گهڻو دلڪش هوندو آهي، ڇاڪاڻ تہ ان وقت اهو وڏو ۽ روشن ڏسڻ ۾ ايندو آهي. ناظرين لاءِ بهترين موقعو مشرق جي طرف سج غروب ٿيڻ کانپوءِ هوندو.
ايندڙ فلڪياتي واقعا:
12 مئي: ايندڙ مڪمل چنڊ (“فلاور مون”) نظر ايندو.
2025 جا خاص چنڊ: هن سال 12 مڪمل چنڊ ايندا، جنھن ۾ 3 سپر مون ۽ 2 چنڊ گرھن به شامل آهن.
7-8 سيپٽمبر: ڪراچي سميت پاڪستان جي گهڻائي علاقن ۾ مڪمل چنڊ گرھن ڏسي سگهجن ٿا.
جيڪڏھن توهان فلڪيات جي دلدادہ آهيو، تہ هي نظارو وڃائي نه وڃو! ڪئميرا گهڻي تيار رکو ۽ فطرت جي هن خوبصورت تحفي سان لطف وٺو! 🌕✨


