
ٺٽو(رپورٽ: علي گوهر قمبراڻي)پاڪستان پيپلزپارٽي پاران شيدي برادري سان تعلق رکندڙ فخر شيدي ادي تنزيلا قمبراڻي کي وزيراعليٰ سنڌ جي خاص معاون مقرر ڪرڻ جو فيصلو برادري لاءِ هڪ تاريخي قدم ثابت ٿيو آهي، جنهن تي سڄي شيدي برادري ۾ خوشي ۽ شڪرگذاري جي لهر ڇانيل آهي. هي فيصلو نه رڳو شيدي برادري جي نمائندگي کي وڌائڻ لاءِ اهم آهي پر ان سان برادري جي حقن جي تحفظ ۽ ترقي لاءِ هڪ نئين راهه هموار ٿيندي. ادي تنزيلا قمبراڻي جو مقرر ٿيڻ شيدي برادري لاءِ هڪ اعزاز ۽ حوصله افزائي آهي. اهو قدم واضح ڪري ٿو ته پاڪستان پيپلزپارٽي حقيقي طور تي اقليتن ۽ پٺتي پيل برادرين کي ترقي جي موقعن فراهم ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي. ادي تنزيلا قمبراڻي جهڙيون باصلاحيت ۽ فرض شناس شخصيتون شيدي برادري جي قابليت جو جيئرو ثبوت آهن، ۽ سندن اڳواڻي ۾ برادري کي پنهنجي حقن لاءِ وڌيڪ آواز اٿارڻ جو موقعو ملي سگهي ٿو. شيدي برادري جا ماڻهو پاڪستان پيپلزپارٽي جي قيادت، خاص طور تي وزيراعليٰ سنڌ ۽ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، ادي فريال ٽالپر صاحبه جا شڪرگذار آهن، جيڪي برادري جي ڀلائي لاءِ هن تاريخي قدم کڻڻ ۾ اڳڀرا ٿيا. اهو فيصلو شيدي برادري لاءِ نه رڳو اعزاز آهي پر سندن حقن، عزت، ۽ وقار جي واڌاري لاءِ نئين اُميد پيدا ڪري ٿو. هن مقرري سان شيدي برادري جو سماجي، تعليمي، ۽ سياسي طور تي مضبوط ٿيڻ جو خواب هاڻي حقيقت بنجي سگهي ٿو. ادي تنزيلا قمبراڻي کي وزيراعليٰ سنڌ جي خاص معاون بڻائڻ سان، شيدي برادري کي يقين آهي ته سندن مسئلن کي هاڻي وڌيڪ بهتر طريقي سان حل ڪيو ويندو. اسان پاڪستان پيپلزپارٽي جي قيادت کي دل جي گهراين سان مبارڪباد پيش ڪريون ٿا ۽ اميد رکون ٿا ته اهو مثبت قدم شيدي برادري جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ ڪيترائي نوان دروازا کوليندو. اهو قدم نه رڳو شيدي برادري پر سنڌ جي سڀني برادرين لاءِ هڪ مثال آهي ته محنت، صلاحيت، ۽ قربانيون ڪڏهن به بيڪار نه ٿيون وڃن.


