
ڪراچي(بيورو رپورٽ) گرينڊ ڊيموڪريٽڪ الائينس (جي ڊي اي) جي مرڪزي اڳواڻ سيد صدرالدين شاھ راشدي سان سندس رھائش گاھ تي پي ٽي آئي سنڌ جي صدر حليم عادل شيخ ملاقات ڪئي،ملاقات م جي ڊي اي جو جنرل سيڪريٽري ڊاڪٽر صفدر عباسي ، اطلاعات سيڪريٽري سردار عبدالرحيم ،اقليتي ونگ سنڌ جو صدر نند ڪمار گوڪلاڻي ،پي ٽي آء سنڌ جو جنرل سيڪريٽري علي پلھ ايڊيشنل جنرل سيڪريٽري آغا ارسلان ب موجود ھئا،اڳواڻن مطالبو ڪيو ت عام چونڊون سپريم ڪورٽ جي فيصلي تي ڪرايون ويون آھن ان ڪري سپريم ڪورٽ جي ماتحت بوگس اليڪشن جي تحقيقات لاء جوڊيشل ڪميشن قائم ڪئي وڃي،ملاقات م فراڊ اليڪشن خلاف جاري تحريڪ بابت ب غور ويچار ڪيو ويو ،ملاقات م تحريڪ انصاف سنڌ جي صدر حليم عادل شيخ پنھنجي مرڪزي قيادت ڪور ڪميٽي پاران جي ڊي اي جي قيادت جو شڪريو ادا ڪيو،جڏھن ت ان موقعي تي پي ٽي آئي سنڌ جي قيادت 20 فيبروري تي جي ڊي اي جي مورو واري ڌرڻي م ڀرپور شرڪت جو اعلان ڪيو،ملاقات بعد پنھنجي جاري بيان م جي ڊي اي جي اطلاعات سيڪريٽري سردار عبدالرحيم چيو ت جي ڊي اي ء پي ٽي آئي جي اڳواڻن وچ م ٿيل اڄوڪي ملاقات م ان ڳالھ تي اتفاق ڪيو ويو ت اليڪشن ڪميشن آئين جي آرٽيڪل 218/3 جي خلاف ورزي ڪندي بوگس اليڪشن ڪرايون آھن،ھن چيو ت ٻنھي پارٽين جي اڳواڻن چيف اليڪشن ڪمشنر ء اليڪشن ڪميشن جي ميمبرن کان بنا دير استعيفا جو مطالبو ڪيو آھي ،جڏھن ت ملاقات م فراڊ اليڪشن خلاف گڏيل جدوجھد ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو ،سردار عبدالرحيم وڌيڪ چيو ت فراڊ اليڪشن خلاف جدوجھد عوامي مينڊيٽ تائين جاري رکڻ جو ب فيصلو ڪيو ويو آهي ،ملاقات م رابطه جاري رکڻ جو ب فيصلو ڪيو ويو آھي،ھن چيو ت اڄوڪي ملاقات م جلد گڏيل اپوزيشن جو اجلاس سڏائڻ جو ب فيصلو ڪيو آھي.


