
ٺٽو(رپورٽ علي گوهر قمبراڻي) چار ڏينھن اڳ تعلقي گھوڙاٻاري جي ڳوٺ مصري خان پارھيڙي جي رھواسي ماھيگيرن جو ھوڙو سمنڊ ۾ ٻڏڻ جي نتيجي ۾ لاپتہ ٿيل ٻن ماھيگيرن مجيد خاصخيلي ۽ منظور خاصخيلي جو اڃان تائين ڪوبہ پتو پئجي ناھي سگھيو، جن جا وارث مسلسل ٻڏي ويل ماھيگيرن جي ڳولا ۾ مصروف ھجڻ باوجود ٻڏي ويلن جا لاش اڃان تائين وارثن کي ھٿ اچي ناھن سگھيا ۽ نہ ئي ضلعي انتظاميہ ٺٽو، چونڊيل نمائندن سميت فشريز کاتي جي صوبائي وزير ڪا متاٿر ماھيگيرن جي پوئيواري ڪري سندن تڏي تي وڃي آٿت ڏيڻ جي زحمت ڪئي آھي، ان سلسلي ۾ ڳوٺ مصري خان پارھيڙي جي رھواسي ملاح اڳواڻ علي حسن پارھيڙي صحافين سان ڳالھائيندي چيو آھي تہ ڏاڏي افسوس جي ڳالھ آھي تہ سندن ماھيگيرن جي سمنڊ ۾ ھوڙي جي ٻڏڻ جي نتيجي ۾ 2 ماھيگير مجيد ۽ نظير خاصخيلي اڃان تائين لاپتہ آھن، جن جا لاش بہ ھٿ اچي ناھن سگھيا، پر سندن ٻڏي ويل ماھيگيرن جي ڳولا ۾ ضلعي انتظاميہ ٺٽو، چونڊيل نمائندن سميت فشريز کاتي جو صوبائي وزير بہ اڻ ڄاڻ بڻيل آھي، جن انھن جي خاندانن جي ڪابہ سار ناھي لڌي، جنھن ڪري ٻڏي ويل ماھيگيرن جي گھرن ۾ ڪھرام متل آھي، علي حسن پارھيڙي چيو تہ ھوڙي ٻڏڻ جي نتيجي ۾ 4 ماھيگير ٻڏي ويا ھئا، جن مان پھرين ڏينھن تي مشتاق پارھيڙي کي نيم بيھوشي جي حالت ۾ ڪڍي ان جي زندگي بچائڻ سميت ان جي ڀاء انيس پارھيڙي جو لاش ڪڍيو ويو آھي، پر اڃان تائين ٻہ ماھيگير مجيد ۽ نظير لاپتہ آھن، جن جي لاشن جي مقامي ماھيگير ڳولا ڪري رھيا آھن، پر انھن کي اڃان تائين لاش ھٿ اچي ناھن سگھيا، ھن گھر ڪئي تہ فورن سندن ٻڏي ويل ٻنھي ماھيگيرن جا لاش ڪڍي وارثن حوالي ڪري ٻڏي ويل ماھيگيرن جي وارثن جي پوئيواري ڪري انھن کي بک ۽ بدحالي کان بچايو وڃي.


